چٻا ڪوڪا
هي منهنجا ديس واسي
چٻا ڪوڪا
جن کي وقت جي واڍن
بي رحم ڌارين ڏاڍن
بار بار ڪري وار وار
ونگو ڪري آهي وڌو
ها ڏنگو ڪري آهي وڌو
هي چٻيون چيلهيون
پوءِ به گهليون
وقت جي وارن ۾ مٺيون وجهي
ليٿڙجي گهلجي
صدين سان گڏ
ساهه کڻندا اچن ٿا
نچندا نه سهي
لمندا اچن ٿا
ظالمن جي پيرن ۾
چُڀندا رهن ٿا
ڪَرِڙِين اکين ۾ ڪِلين جيئن
سفاڪ سينن ۾ سلن وانگي
توڙي جو قسمت جو ڪاٺ
هنن ناهي چکيو
هي ٻُهاري ۽ ٻوري ۾ پيل
هي نالين ۾ اڇلايل
لاوارث پيا آهن
ڪو پيار جي پڪڙ
۽ همت جي هٿوڙيءَ سان
سڌو ڪري هنن کي
هي به پنهنجو ڪارج ٿا چاهن
ڪنهن دريءَ جي دل منجهه
ڪنهن ڪرسيءَ جي ڪڇ ۾
ڪنهن پلنگ جي سيرانديءَ
ڪنهن در جي انجيس ۾
آرام ٿا چاهن
مهذب پڻي جي منشا
اڄ به هنن جي دن ۾ آهي
توڙي جو
قسمت جي جي ڪاٺن جا ذائقا
هنن ناهن چکيا
هيءَ منهنجي قوم
چٻا ڪوڪا
ڪيڏا آهن هنن کاڌا دوکا.
*
6.2015