ڌرتيءَ جي خواب جهڙو
سمنڊ نيرو
آلهَه لوڪ وڻ ناريل جا
سفيد ۽ سُرمئي ڪڪر
آڪاس ۾ آجپي ۽ آزاديءَ جا سفير
هيٺان انڊلٺي ماحول ۾
واريءَ تي ستل
بي فڪريون آليون جوانيون
ڇلڪندڙ پئمانا بدن
جن مان حس پيو هارجي
ڪناري مٿان
خيما جهوپڙيون ۽ ڇٽيون
چٽپٽو چهچٽو
ڊالفن مڇيون عورتون
ڪي شارڪ مڇيون ڇوڪريون
۽ مڇيرا مرد
سامونڊي ڪنارو ڄڻ پرستان آهي
آرام ڪرسين تي آهليل آهن اپسرائون
ڪي سمنڊ سج وانگي لهن ٿيون
ڪي سمنڊ مان صبح وانگي ٿيون اڀرن
صبح ۽ شام جو تڪرار آهي هتي
پل ۾ ڏينهن پل ۾ رات آهي هتي
سپيون ۽ ڪوڏ
جاز سنگيت سان وڄن ٿا
ياقوتي رنگ موتين جهڙيون ملوڪڙيون
نچي جهومي
جسمن جو سفيد جادو جاڳائي
فضا کي فيروزي ڪري ٿيون ڇڏن
هوءَ وينس جهڙي وينگس
هوءَ ايفل ٽاور جهڙي فرنگياڻي
هوءَ مونا ليزا
هوءَ آمريڪا جي آرسي
انهن جي وچ ۾
مان موئن جي دڙي جهڙو ماڻهو
عجيب ڪيفيتن جي ور چڙهي ٿو چڙهي وڃان
اندر ۾ اتهاس جي احساس ٿو جاڳي پوي
سموري ڌرتيءَ ان جا مظلوم ماڻهو
منهنجي اکين ۾ تري ٿا اچن
دل ۾ دنيا جو
سمورو درد ڌڪ ڌڪ ٿو ڪري
۽ جذبا جُجهڪيوون ٿا کائن
ته جيڪر
اجرڪ سان ڍڪي ڇڏيان
مان يورپ جي وحشت سندي اگهاڙپ
مشرقي ڪنوار وانگي سينگاري
ان جي مانگ گيڙو رنگ سندور سان ڀريان
۽ ان جي ختم ڪري ڇڏيان سامراجيت جنونيت
آمريڪا کي انساني عشق ۾ مبتلا ڪري
امن سان پرڻائي ڇڏيان
آفريڪا کي مانيءَ جون ملون تحفي ۾ ڏئي
آجپي جي تهذيب سان روشناس ڪرائي ڇڏيان
مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾
نفرت جي ديوار برلن ڊاهي ڇڏيان
مان بغاوت جي پائي سنڌي ٽوپي
انقلابين جو تاجدار بڻجي وڃان
*