ڏينهن جي سڀ کان ڏکاري پهر
جڏهن سج سڪتي۾ اچي ويندو آهي
مان آهستي آهستي پير پي ۾ ڏئي
هورڙيان هورڙيان هلي رهيو آهيان
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
سينٽرل لائبريريءَ کان
آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار کان ٿيندو
سنڌالاجيءَ تائين واري شاهي رستي تي
ائين ٿو لڳي تون مون سان گڏ آهين
ڄڻ ته مان توسان ڳالهائيندو هجان
جهيڻي آواز ۾ مُهذب طريقي سان
ڪائنات جي فطري موضوعن تي
محبت جي مدارن ۾
تنهنجي سونهن واري سج جي چوڌاري
ڌرتيءَ وانگر او سر تي ڦيرا پائيندي
نه کٽندڙ طوفانن وانگر
ساڳئي رستي تي منهنجي اچ وڃ
ڪنهن تڪئي ڪلام وانگر لڳي رهي آهي
هڪ اهڙو جملو
جيڪو ڳالهه ڳالهه تي بار بار ورجايو وڃي
ڄڻ لطيف جي ڪنهن درديلي وائيءَ جي وراڻي وانگر
وڍيل جو ورلاپ
هڪ اڪيلو انسان
شام جو
ههڙين حالتن ۾
ٻيو ڪري به ڇاٿو سگهي
جڏهن ته
هنن ڀرپور جوانيءَ جي ڏينهن ۾
کيسي ۾ نڪو پئسو پائي آهي
نه ئي محبوبه جو پيار
ڌرتي به ڌارين جي هٿ آهي
آزاديءَ جي لباس ۾ غلامي
۽ وطن ۾ هوندي به
جلا وطن لڳو پيو آهيان
آجو وطن، آزادي پيار ۽ پئسو
اهي شيون
جوانيءَ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ
ڪيڏيون نه ضروري آهن
انهن کان بغير ته
ڪوبه خودڪشي ڪري سگهي ٿو
پر مان اڃان زندهه ڇو آهيان
شايد انڪري جو
منهنجي اکين ۾ باهه جا اُلا
۽ دل ۾ خواب ڌڙڪن ٿا.
*
2009