سچ ٿو چوان
پاڻي روپ ڌاري ويو هو تنهنجو
تنهنڪري مان پاڻ کي تو ۾ اڇلايو
ماڻهو چون ٿا
مان خودڪشي ڪئي هئي
سچ ٿو چوان
مان ته تنهنجي گداز جسم ۾
گم ٿيندو پئي ويس
ماڻهن جي نظر ۾ ٻڏيس پئي
مان ته تصوراتي دنيا ۾
تڙپيس پئي
مان ته جهان نيري ۾
۽ نوراني سفيني ۾
محبت جو معراج پي ماڻيو
سامونڊي گج جهڙو تنهنجو بدن
منهنجن حواسن تي
ڪڪرن جيئن ڦهلجندو ويو
۽ انڊلٺي وار تنهنجا
ڄڻ رنگبرنگي نانگ پاڻيءَ جا
مونکي ويڙهي ويا
او برفيلي باهه جهڙي جلپري
مون پئي سمجهيو ته
ڌرتيءَ جي ڪناري مٿان بيهي
ستارن جي جهان ۾جهئونپ ٿو ڏيان
۽ توکي ڀاڪر ۾ ٿو ڀريان
ڪهڪشائن جوقسم
مان سچ ٿو چوان
مونکي عشق جي خمارن ۾ ڏسي
زندگيءَ چاهيو رئونشو ڪجي
ته مذاق بڻجي پيو موت
پوءِ پنهنجي ماپ جيترو لڳو
مونکي پاڻيءَ جو تابوت.
*
7.2016