فرشتي بي سَتو پيو آهيان
اڌ مئو لڳو
خيالن جا مون مٿان پن ڇڻي رهيا آهن
مونکي آري جيان ڪٽي رهي آهي
اڌ کليل دري مون کي قيدي هئڻ جو احساس پئي ڏياري
هو سمنڊ منهنجو پاڙيسري آهي
۽ ٻارن جيان ڇولين جو شور
مونکي راند لاءِ سڏي رهيو آ
پر گهايل خواب منهنجي مٿان ستل آهن
۽ مان اٿي نٿو سگهان
مونکي ڳڻتين جي ڪيوليون ۽ ماڪڙا پٽي رهيا آهن
حواسن مٿان غنودگي ڇانئجي وئي آهي
ائين ٿو لڳي رات جي وقت
ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان
ڄڻ مان خالي ٻيڙيءَ وانگر.
وچ ساگر ۾ لڏندو لمندو رلندو وتان ٿو
ڄڻ ڪنهن بلند عمارت جي ڇت جي ڪناريءَ مٿان
پسار ڪري رهيو آهيان
۽ سڄو شهر مونکي حيرانگيءَ مان ڏسي رهيو آهي
موت جي کوهه ۾ کٽارو گاڏيءَ وانگر
منهنجو دماغ گهوماٽيون ٿو کائي
۽ مان وقت جي نديءَ ۾
طوفان ۾ پاڙان پٽجي ڪريل وڻ وانگي
بولاٽيون کائيندو گڙڪندو وڃان ٿو
مان وساڻيل ڏيئي وانگر
بي وسيءَ جي جاري ۾ پيو آهيان.
2016
*