شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

مارويءَ جي ڳوڙهن سان

مارويءَ جي ڳوڙهن سان
ٿر ڀڳو آهي
مومل جي ڀنڀن وارن جون گهٽائون
راڻي جي رڻ مٿان
اوڙڪون ڪري ٿيون وسن
۽ روپلي جي تلوار جا وار
وڄن وانگر وراڪا ڏئي رهيا آهن
ٻيجل جو سُرندو سار آلاپي رهيو آهي
وڳهه ڪوٽ جي مٿان
ڪارو ڪميت دودي جو
گجگوڙن ڪري ٿو هڻڪاري
ڪارونجهر پربتي مور آهي
جيڪو ساوڪ جا پنک پکيڙي
بسنتي ناچ ناچ ٿو ڪري
ٿر جي واريءَ مان
حورون ڦُٽن ٿيون
پَلُر جي پاڻيءَ تي
پَريُن جي پوک ٿئي ٿي
سهاڳڻين جا سڄا مٿا
سندوري ٿي ويا آهن
اوسيئڙن جون ماريل مايون
سڳين مان سڪ ڇوڙي
وار وار ٿيون ٺارن
مردن کي شهپرن جيئن وٽ اچي ويا آهن
ٻارن ۽ ڀنڀورين ۾
ڪو فرق ئي ناهي رهيو
مجازي ماحول ٿي ويو آهي
اڄ روحن جي رڱائي ٿئي ٿي
دلين جي دستڪاري ڏسڻ وٽان آهي
ڪڪر کپري مٿان کير
مٺيءَ مٿان ماکي ٿا وسائن
چاندي سون ۾ تبديل ٿيڻ لڳي آهي
۽ سائو سج اڀري رهيو آ سنڌ جي مٿان

2016