پيو آهيان مُنهن ڀر ستو
سمنڊ جي ڪناري مٿان
روح منهنجو سمنڊ ۾
لڙهندڙ ڪا ناو آهي خالي
رات ساري
مان ننڊ جي گورين جيان
چنڊ تارن کي ڦڪيندو رهان ٿو
انڪري خمارن ۾ هجان ٿو
ڏينهن سڄو ٿيڙ کائيندو ٿو وتان
جن جڳهن تان ڪرڻ جو خطرو هجي
انهن ماڙين جي ڪنارين مٿان
سمهي ٿو پوان
پر موت نئين ساماڻيل حسينا جيان
مونکان ٽهندو وتي ٿو
زندگي مونکي ڏسي
گهٽي مٽائي ٿي وڃي
هر خوشي بهانو ڪري
نٽائي ٿي وڃي
مونسان ملڻ لاءِ ڪو تيار ناهي
مون ۾ ڪو ڀٽائي هو
جو مونکي تياڳي هليو ويو
ڪنهن ڀُوري ڀِٽ تي
اکين ۾ آڪَ ٿا هُرن هاڻي
دل کي ڪُرائن ٿا ٿوهر
يادگيرين جي موهن جا
هاڻي سڀ آثار ٿا ڀُرن
روح جي آڪاش تان
هڪ هڪ ٿي ستارا ٿا ڪِرن
مان سمنڊ جي ڪناري پيو آهيان سمهيو
مون مٿان ليٽن ٿيون لهرون
مان وقت جيئن گُزران پيو
مان وئي کانپوءِ وِسران پيو
ٻران ڳران ٿو ميڻ بتيءَ جيئن
مان مينهن ۾ مٽيءَ جو مجسمون
ميسارجان پيو
*
11.2014