شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

مان ڪنهن جو به ناهيان

مان ڪنهن جو به ناهيان
ان ڪري مان سڀن جو آهيان
مان گهڻون ڪري خلاف ڳالهائيندو آهيان
انڪري منهنجي ڳالهه
سڀن جي فائدي ۾ هوندي آهي
منهنجا اُبتا ڪم
گهڻن کي سُبتو ڪري بيهاريندا آهن
پر مان ڪنهن کي ڳولهيو نٿو لڀان
نانهن ۾ به ڪو نشان ڪونهي منهنجو
بي خيالي به بي خبر آ مون کان
ٻئي ڪنهن سان ته ٺهيو
پر مان پاڻ سان ئي ناهيان ملندو
مون تي ته تصور جو تڙڪو به نٿو پئجي سگهي
سوچ جي سمجهه مونکي سمجهڻ کان قاصر آهي
مون تائين ته روح کي پهچڻ لاءِ به ڪوبه رستو نٿو سُجهي
بغير خدا مخلوق آهي منهنجو من
منهنجو من بغير مخلوق جي خدا
منهنجي دل دماغ کان خالي آهي
مان امڪان کان آجو
مان ويسر کان به وسريل
منهنجو ڪٿ به ڪو اولڙو ناهي
مان اهڙو جو نانهن کان به دانهن نڪري وڃي
شهريت ته ڇڏيو
پر مان گمناميءَ ۾ به ڳولهيو نٿو لڀان .
منهنجو ته بي فڪريءَ ۾ به ڪٿي ڪو ذڪر ناهي
لاپرواهيءَ کي به ڪا پرواهه ناهي منهنجي
اجائي ۾ به ڪا جاءِ ناهي منهنجي
هرو ڀروءَ کي به هٿ ناهيان چڙهيو
انڪار به انڪاري آ منهنجو
خلا به خالي آ مونکان
نه هجڻ ۾ به هجان ته شمار ٿيان
مان ته لا جا به ٻه ليڪا لتاڙي ڇڏيان آهن
پر جي تون چاهين
مان پر گهٽ ٿي سگهان ٿو
ذري ذري ۾ ظاهر ظهور
*

2015