شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

منهنجو من موگلي آهي

منهنجو من موگلي آهي
شهر ۾ به اڄ تائين
مان ساڳيو شهپر مزاج آهيان
هر وقت ڪونه ڪو عشق
چمڪندڙ ڪهاڙيءَ وانگي
منهنجي ڪلهي رهي ٿو
سدائين
سنڌ جي نقشي جو تعويذ
ڳچيءَ ۾ پاتل رهي ٿو
۽ ٻانهن ۾ وٽيل وارن جا ڌاڳا
منڊيون ڇلا ڇوڪريون
چيچن ۾ پايون وتان ٿو
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان
ڀرٿ ڀريل پهرياڻ
سڃاڻپ آهي منهنجي
اکين ۾ پيل آهي ثقافتي سُرمون
هٿن تي لڳل آهي بغاوت جي ميندي
ڏندن کي لڳل آ روايتن جو مساڳ
مهمان نواز مرڪ مان ناهي وڃائي
اڄ تائين منهنجو صوفي سڀاءُ آهي
اڄ به مان لوڪ گيتن جهڙو لڳان ٿو
ڪڏهن سورهن وال سج پَٽڪو
ڪڏهن تاج سنڌي سر تي سجائي
ٻانهن لڏي کليل ڳلي سان تاڻي سينو
پيو مقتل کان گهاڻي پنڌ ڪيان ٿو
اڄ به شهر جي سوڙهي گهر ۾
منهنجي دل وشال ڌرتي
اڄ به شهر جي گُهٽيل گهٽين ۾
منهنجي ذهن کليو آسمان
جي تون ان اک سان ڏسندين
ته حال منهنجا
اڄ به اهڙا آهن
جهڙا ڳوٺاڻا آهن.

2012
*