شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

وقت جي دونهين ۾ هر شئي

وقت جي دونهين ۾ هر شئي
ڪاراٽجي گم ٿيندي وڃي ٿي
پر خيالن جي زراف جي ڳچي ڊگهي آهي
تصور جي اکين سان
تون جتي به هجين
توکي ڏسي وٺان ٿو
توڙي جو وڇوڙي جو رو هاٿي
چڙهي بيٺو آهي سيني مٿان
اڄ به
چنڊ چوڏهينءَ جو ڏسي
عشق بگهڙن جيان ٿو اوناڙي مون ۾
۽ ننڊ جي گپ رستن تي
خواب ٻارن وانگي ڊڪندا وتن ٿا
محبت ماکيءَ جي مکين جيان
مون مان رس ٿي چوسي
پر زمانو ککر جيان مون تي مڇريو وتي ٿو
۽ ماڻهو ڏينڀو بڻجي ڏنگ ٿا هڻن
پوءِ به اڄ تائين تون
او سفيد برفاني شينهڻ!
منهنجي حسرتن جا پينگئين
شڪار ڪندي ٿي رهين
۽ بيچينيءَ منجهان منهنجي دل
زخمي لُڌڙن جيان ڦٿڪندي وتي ٿي
۽ درد جو هو نانگ ڪارو
رت منهنجي کي ست منهنجي کي
کير جيان منهنجي بدني پيالي منجهان
پيئندو رهي ٿو
۽ چاهه آهي چور ڍُٽو
منهنجي ساهن جي سپين مان
سڪون جا موتي چورائي ٿو وڃي
پر اڄ به مان تنهنجي انتظار ۾
مرجان جهڙو موت سائو
زندگيءَ جي پچيءَ ۾ پايون وتان ٿو
۽ لکن تي محبت جي ميندي
لايون وتان ٿو.

2014
*