شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

مان رات کي

مان رات کي
سُمهڻ ئي ناهيان ڏيندو پاڻ سان
تو کانسواءِ
ننڊ به ڪا ڪرڻ جي شيءِ آهي
توکانسواءِ
خواب به ڪي ڏسڻ جون شيون آهن
سگار جي دونهين ۽ ڪافيءَ جي ٻاف
جي ڪوهيڙي ۾
مان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان ٻڏي ويندو آهيان
۽ڳوڙهن ڳاڙهاڻ گهري ٿيڻ لڳندي آهي
اهڙين حالتن ۾
جڏهن مان ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪندو آهيان
ته اکر هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندا آهن
۽ جملا قيدي پکين وانگر ڦڙڦڙائڻ لڳندا آهن
۽ ڪتابن جا ورق ڪڪر بڻجي
اڏامڻ لڳندا آهن
۽ هٿ ۾ جهليل قلم
ٻرڻ لڳندو آهي
مان اڃان شيو ڪري بس ڪندو آهيان
ته يڪدم ڏاڙهيءَ جا وار ڦٽي ايندا آهن
بوٽ پالش ڪري مس بس ڪندو آهيان
ته هوا جي جهونڪو اچي وار وکرائي ڇڏيندو آهي
مان ڪنهن وڻ جي ڇانو هيٺان ويهندو آهيان
ته اهو وڻ پنهنجي جڳهه تبديل ڪري ڇڏيندوآهي
جڏهن کان تون ناراض ٿي وئي آهين
هر شيءِ مونکان رُسي ٿي وڃي
مان جڏهن آئيني ۾ ڏسان ٿو
ته آئينو عڪس ڏيکارڻ ڇڏي ٿو ڏئي
سمنڊ مونکي ڏسي پوئين پير هٽڻ ٿو لڳي
منهنجي ڇُهاءَ کان پهريان ئي مجسما ڀڄي ٿا وڃن
۽ تصويرون منهن مٽائي
مونکي پٺي ڏئي ٿيون ڇڏن
جڏهن کان تون رُسي وئي آهين
مون سان اهڙي قسم جا
عجيب معجزا ٿيندا رهن ٿا.
*

8.2015