شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

خوديءَ خلاصو ڪيو مون کي

خوديءَ خلاصو ڪيو مون کي
منهنجي هستيءَ هتيا ڪئي
نيستيءَ جي نبوت ملي مون کي
مان بڻج سورن جو صحيفو لٿو هان
پر
دل منهنجي نافرمان قوم جيئن
ڪو چيو ئي نٿي وٺي منهنجو
منهنجي روح بغاوت ڪئي آ مون سان
رَڳون سُڪي ٺوٺ ٿي ڦاٽنديون ٿيون وڃن
منهنجي جسم ۾ ڏارون پئجي ويون آهن
ڄڻ قيامت اچي وئي آهي مون ۾
مان ڪائنات جيئن ڊهان ٿو
ائين ٿو لڳي اڄ
ڄڻ مون ۾ ڪو هيمنگوي هوش ۾ ناهي
اڄ مون ۾
ڪو ماياڪو وسڪي
پاڻ کي ماري ٿو
اڄ مون ۾
ڪو مائڪل اينجلو پنهنجي بدن ٿو چيري
اڄ منهنجي دل ائين آ
ڄڻ جيڪ لنڊن جو گهر سڙي ٿو
اڄ منهنجو بدن بوليويا جيان
جنهن ۾ چوگيرا جو لاش پيو آ
وان گوگو جهڙي ديوانگيءَ ۾
مان پنهنجو عضوا ڪپيان ٿيو
مان اڄ وحشت جو طوفان بڻجي ويو آهيان
ويجهو آءُ اي ٻرندڙ سج
ته توکي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيان
۽ هنن اوچن پهاڙن کي
هٿن ۾ مروٽي ڇڏيان
هيءَ صحرا جي تتل واري
رڙڪي وڃان جيڪر
اي منهنجي اڻ ڏٺي انا
اڄ
منهنجي حالت
اڻ مئل ديوتا جهڙي آهي
جنهن کي ان جا پوڄيندڙ
نڪي پوري ٿا سگهن نڪي ساڙي.
*

2015