جبران جي صليب بدن تي
ٽنگيل ڪهاڻيون
رت ڳاڙي رهيون آهن
محمود درويش جي
نظمن جي جلاوطني
ختم ئي نٿي ٿئي
ڪافڪا هڪ جيت وانگر
ڪرڙي جي وات ۾ ڇڙهيون پيو هڻي
گارشيا مارڪيز هڪ بيمار پوپٽ جيان ستو پيو آ
مل گلن جي مٿان
ميلان ڪنڊيرا ڪنڊي هي چهنب تي
ماڪ جي ڦُڙي جيان لڙڪي رهيو آهي
چي گويرا جي ڏاڙهيءَ ۾
جُئون بڻجي ويون آهن
فيڊرل ڪاسترو
سگار ي هڪ ڦوڪ جيترو
مس بچيو آهي
ايزرا پائونڊ جي اٻوجهائپ
سوئر جي وڄن کي روات هڻي
ويتر تکو ڪري رهي آهي
سارتر پنهنجي وجودي ڄاري ۾
ڪوريئڙي جيان ڦاسي سڏڪا ٿو ڀري
ڪارل مارڪس کي مڇر پيا پٽن
جرڪا ۽ ڄئورون هن کي
سهڻيءَ جيان چڪ ٿا پائن
تنبوري جون تارون نانگ بڻجي
ڀٽائيءَ کي ئي ڏنگي رهيون آهن
سڄي دنيا تالان والان لڳي پئي آهي
انقلاب جي آڙ ۾
هر قسم جي حرامپائي
حلال سمجهي پئي وڃي
هوئن به نجيب!
غلاميءَ وارن ڏينهن ۾
ليکڪن کي ڦاهيون
۽ ڪتابن کي
باهيون ڏنيون وينديون آهن
يا وري اديبن کي
خوبصورت پکين جيان
پڃرن۾ واڙيو ويندو آهي
۽ پالتو جانورن وانگر
پاليو ويندو آهي.
*
2015