شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

منهنجي دل

منهنجي دل
اڃان به
انهن احساسن کان خالي ناهي ٿي
جيڪي ٻاروتڻ ۾ جاڳيا هئا
مان اڃان تائين به ٻار آهيان
مانوٽ ڏنل شهپرن سان
ڀنڀي گهاٽي چاپئي ڏاڙهيءَ وارو
ڳڀرو نوجوان ٻارڙو
ننڍي هوندي اسڪول کان
ڀڄي ويندو هيس
هاڻي سوچيندو آهيان
جيڪر اسڪول ڀڄي وڃان
ننڍپڻ ۾ مان گل پٽيندو هيس
هاڻي گل مونکي پٽيندا آهن
پوپٽن جي هٿن ۾ مان هجان
اڄ به سهڻي پکين جا ولر
مون ۾ اڏامندا آهن
اڄ به خوبصورت پريون
منهنجن خوابن ۾ رقص ڪنديون آهن
اڄ به تصور ۾ ستارا ٽٻي ويندو آهيان
وڻن کي ڀاڪر پائي بيهڻ
اڃان تائين مون مان ناهي وئي
اڄ به منهنجا پير
گهڻو ڪري ميرا هوندا آهن
ڇو جو مان تمام گهڻو رلندو آهيان
هاڻي به جڏهن مينهن وسندو آهي
ته منهنجي اکين ۾ کنوڻويون چمڪڻ لڳنديون آهن
۽ مان هوائن ۾ بدلجي ويندو آهيان

3.2010