سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو سفرنامو ”سانباھو سمونڊ جو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. نورالھدا شاھ لکي ٿي:
”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1979ع ۾ جڏھن تہ چوٿون ڇاپو (سڌاريل ۽ وڌايل) 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي الطاف شيخ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com