هوءَ ڪڏهن ٿي اچي؟
”فلمي عملي“ ۾ ايندڙ ماڻھن جي لسٽ ۾ فلم انڊسٽريءَ جي هڪ بيحد سھڻي، چلولي ۽ مشھور ائڪٽريس بابرا جو نالو پڻ هو.
ان ڳالھه جو اعلان ڇا ٿي ويو، سڀ خلاصي مھمانن جي اچڻ کان اڳ رهيل ڪم ۾ جنبي ويا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ملڪ جي مشھور فلم ائڪٽريس جھاز جي ڊيڪ تي هجي ۽ جھاز جو ڪسب جانو مڪراني ڪم وارا ڪِنا ڪپڙا پائي ڊيرڪ جي ڏنڊي کي ويٺو رنگ ڏئي! بابو خلاصي_ پنھنجي خيالي دنيا جو هيرو، ٻن ڏينھن جي وڌيل ڏاڙيءَ ۾ چَلھي جھڙي گدلي ڍانگري پائي جھاز جي چمني بيٺو ڌوئي! يا ڪرسچن ڪاڻو ڀنڊاري سئميوئل جبرئيل گئليءَ (بورچيخاني) جا ويٺو ٿانوَ مَلي! سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
رهيل ڪم کي سڀئي اهڙو اچي لڳا جو مھمانن جي اچڻ کان اڳ، گهڻو اڳ سڀ ڪم لھي ويو. ان وچ ۾ نه منجهند جي مانيءَ جي ضرورت محسوس ڪيائون نه سگريٽ چانھه جي ٻاڙ جي پرواهه. جنھن ڪم لاءِ سڀئي سوچي رهيا هئا ته شام تائين به ڪو مس پورو ٿئي سو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري پورو به ٿي ويو.
ٻي بجي ڌاري ڪئبن جي دريءَ مان ڏسان ته سڀ خلاصي وهنجي سھنجي ”کٽيءَ ڌوتل“ ڪپڙا پائي جھاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ايئن پسار ڪري رهيا هئا، ڄڻ عيد نماز تي آيا هجن. ڊيڪ سرنگ علاؤالدين علوءَ ۽ ڀنگي اقبال مسيح کي ته ڪنن ۾ عطر جا ٻُڙا به پيا هئا. ڪو آفيسر ڊيڪ تان لنگهيو ٿي ته خلاصين کانئس بي صبريءَ مان پڇيو ٿي ته سائين فلم ائڪٽريس جي اچڻ ۾ اڃا ڪيتري دير آهي؟
پنھنجي پوڙهي انجڻ سرنگ کي کڙڪيدار ڪپڙن ۽ چيچاٽي جوتن ۾ رٽائرڊ آفيسر وانگر سڪون سان ڪَن کوٽيندو ڏسي تعجب مان پڇيم: ”انجڻ روم جو سيلينڊر هيڊ پلئٽ فارم اڄ صاف ڪرڻو ناهي ڇا، جو هيٺ انجڻ روم ۾ هجڻ بدران مٿي ڊيڪ تي چڪر پيو هڻين؟“
مرڪي وراڻيائين: ”ها سائين اهو ته ڪڏهو ڪو صاف ٿي ويو پر پنھنجا پنھنجا ڪمرا به ڇنڊي ڦوڪي چمڪائي ڇڏيا اٿئون.“ پوءِ ساهه کڻي پڇيائين،”سائين فلم ائڪٽريس بابرا ڪڏهن ٿي اچي_؟“