پھلوان ڪير؟
شام جي وقت سڀني جھازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ڪولون پاسي ”مِيرامار هوٽل“ ۾ چانھه لاءِ اچي گڏ ٿيا هئاسين. هر ڪو داد وٺڻ لاءِ پنھنجا ڪارناما ۽ ائڊوينچر ٻڌائي رهيو هو ته هُن چيني سمنڊ ۾ خراب موسم هوندي جھاز کي ڪيئن حفاظت سان هلايو. ڪو چوي يار منھنجو جھاز جيڪو نيويگيشن Aids کان بلڪل ڇَسو آهي ان کي اوڀر آفريڪا جي پورچوگالي بندرگاهن ۾ ته ڪو هلائي ڏيکاري. ڪو چوي يار ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) ۾ داخل ٿيندي وقت ڪا ٽرئفڪ به ٽرئفڪن جھڙي هئي. جھاز ڪلھو ڪلھي سان ملائي ٿي لنگهيا. اهڙو تھڙو ڪو هجي ها ته ساهه سڪي وڃيس ها، پر اهي منھنجا آنڊا گجيون آهن جو جھاز کي پنجن يونٽن تي وٺي پئي آيس. سو به ڪمپنيءَ جي شيڊول مطابق، پوري وقت تي.
اسان سان پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهند ڙ نواب شاه ضلعي جو رهاڪو ۽ حد درجي جو چرچائي ڪئپٽن، هيترو وقت ماٺ ڪري ويٺو هو. آخر دانھن ڪري چيائين:
”بڪواس ويٺا ڪريو ته مون هيئن ڪيو مون هونءَ ڪيو. اڙي آئون پڇان ٿو ته توهان ۾ ڪو اهڙو پھلوان به آهي جيڪو حيدرآباد جي فقير جي پڙ مان يا ڪراچي جي چاڪيواڙي ۽ بغداديءَ مان گاڏي هلائي سگهي؟“
سڀ مٺ ٿي ويا. اهڙو ڪُڇن جھڙي ڀت.