آرٽيڪل چئينج
هر نئين سفر شروع ٿيڻ تي جھاز وارن ۽ جھاز جي مالڪن جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي. ۽ اهو معاهدو حڪومتي اداري ”شپنگ آفيس“ جي شپنگ ماسٽر يا سندس اسسٽنٽ جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي ته جھاز جا مختلف آفيسر ۽ خلاصي ڪيتري پگهار تي ۽ ڪھڙي رئنڪ تي Sail ڪندا. موت / حادثي جي حالت ۾ سندن ڪھڙي ويجهي مائٽ کي اطلاع ڪيو ويندو ۽ انشورنس وغيره جا پئسا ڪنھن کي ڏنا ويندا. ان کان سواءِ جھاز تي رهڻ دوران کين جيڪو هنڌ بسترو، کاڌو پيتو ۽ ٻي سھوليت ڏني ويندي ان جو سمورو تفصيل لکت ۾ ٻڌايو ويندو آهي. جنھن کي ”آرٽيڪل“ (لکت ۾ معاهدو) سڏجي ٿو. ان آرٽيڪل قبول ڪرڻ بعد هر خلاصي ۽ آفيسر، جھازران ڪمپنيءَ (شپنگ ڪمپنيءَ) ۽ سرڪاري اداري (شپنگ آفيس) وارا هڪ سرڪاري رجسٽر تي صحيح ڪندا آهن ۽ شپنگ آفيس وارا سندن سي ڊي سي (پاسپورٽ قسم جو ڪتاب جنھن کي جھازي “نلي” به سڏين) تي صحيح ڪندا_يعني ان ڏينھن کان نوڪري شروع_ يعني همراهه جھاز تي Sign_on ڪيو.
اهڙيءَ طرح جيڪي پراڻا لھندا آهن يعني Sign Off ڪندا آهن تن کان سرڪاري آفيس (شپنگ آفيس) پاران پُڇي پوءِ صحيح وٺندا آهن ته کين سڄي سفر جو مقرر ڪيل پگهار ۽ الائونس مليو يا نه. جھازران ڪمپنيءَ کين کاڌي پيتي يا رهڻ جي تڪليف ته نه ڏني. مقرر ڪم ۽ ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ته نه ورتو ويو. ۽ جي ورتو ته ان لاءِ ”اوور ٽائيم“ مليو يا نه.
اهو سڀ ان ڪري، جو ماضيءَ ۾، ڪيترائي اهڙا جھازن جا مالڪ، هتي يا ٻين ملڪن ۾ ٿي گذريا آهن، جيڪي جھازين جا پئسا کائي ويا. ساڻن ظلم ڪيائون. ان ڪري حڪومت جو هٿ هجڻ ضروري سمجهيو ويو نه ته جھاز تي ڪم ڪندڙ غريب جھازي رلي ويو ٿي. جھازران ڪمپنين جو شيئر (حصو) پيو ٻڏي چڙهي. ساڳي وقت جھاز به پيا ٻڏن ترن، پوءِ اهڙي حالت ۾ جھازن تي ڪم ڪندڙن ۽ انھن جي فئملين جي، پٺيان ڪير پرگهور ڪري.
بھرحال اهو ڏينھن نوڪريءَ تي چڙهڻ (Sign on) ۽ لھڻ (Sign off) جو هوندو آهي، جنھن کي جھازي پنھنجي زبان ۾ ”آرٽيڪلس“ سڏين. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو ڏينھن سڪون سان گذري ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هنگامو برپا ٿي ويندو آهي، جڏهن ڪو خلاصي دانھيندو آهي ته فلاڻي ملڪ ۾ کيس اوور ٽائيم جا پئسا نه ڏنا ويا يا پورا نه ڏنا ويا. اسان کي ناروي يا سئيڊن جي سرديءَ ۾ گرم ڪپڙا نه مليا. يا برف ۾ ڪم ڪندي ”گَم بُوٽس“ نه مليا، جيڪي آرٽيڪل موجب ملڻ کتا ٿي، وغيره وغيره. اڪثر خلاصين سان گڏ سندن يونين وارا به ٽُپي پوندا آهن. سرڪاري شپنگ آفيس وارا، سندن ڳالھيون ۽ جھاز ران ڪمپنين جي مالڪن ۽ انھن جي نمائندي جون ڳالھيون ٻڌي، ڪنھن فيصلي تي پھچي، جھازيءَ سان انصاف ڪندا آهن.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته شپنگ آفيس ۽ شپنگ ڪمپنيءَ ۾ فرق آهي. شپنگ ڪمپني جھاز ران ڪمپني ٿئي. جيئن پي اين ايس سي (پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن)، پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپني يا اڳ ۾ اسان وٽ، ڪيتريون ٻيون به پرائيويٽ جھاز ران ڪمپنيون هيون.
شپنگ آفيس_ هر ملڪ جي سرڪاري آفيس آهي، جيڪا منسٽري آف ڪميونيڪيشن يا منسٽري آف ڊفينس ۾ ٿي اچي ۽ شپنگ ماسٽر سندس اعليٰ عملدار آهي. اهي خلاصين جي چونڊ ڪن ۽ کين C.D.C ڏين. جنھن بنا هو جھاز تي Sail نٿا ڪري سگهن.
پي اين ايس سي يا ڪنھن ٻي جھاز ران ڪمپنيءَ يا جھاز جي مالڪ کي خلاصيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته هو سرڪاري شپنگ آفيس کي ٻڌائيندو آهي، جيڪي واري وٽيءَ تي خلاصي موڪلين، جيڪو ڏهه مھينا Sail ڪرڻ بعد وري نوڪريءَ تان لاٿو ويندو آهي. کيس پنھنجي واري وري اچڻ جو انتظار ڇھه، ڇھه مھينا به ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ جو پراڻا جھاز اسڪرئپ ٿيڻ (ڊهڻ) ڪري، ۽ نون جھازن تي ماڻھن جي ضرورت بنھه گهٽ هجڻ ڪري، واندن خلاصين جو تعداد وڌي ويو آهي. ان ڪري نوان ماڻھو ته ورلي ڪو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.
جھاز تي نوڪري ڪرڻ لاءِ سي ڊي سي ۽ اجازت، پاڪستان شپنگ آفيس کان سواءِ ايم ايم ڊي (مرڪنٽائل مئرين ڊپارٽمينٽ) ۽ ڊي. جي. پي. ايس (ڊائريڪٽوريٽ جنرل آفيس پورٽس ائنڊ شپنگ) جي پڻ ضروري آهي، جيڪي خلاصي توڙي آفيسر جي ڪم تي نظر رکن ٿا. سمنڊ تي گذاريل ڏينھن ۽ تجربي جا انگ اکر نوٽ ڪن ٿا ۽ وڌيڪ پروموشن لاءِ امتحان وٺن ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه ته پاڻيءَ جو جھاز ٽرڪ، لاري يا ٽئڪسيءَ وانگر ناهي ته هن جو مالڪ جنھن کي وڻي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڪري رکي ۽ جنھن کي وڻي ۽ جڏهن وڻي ته ڪڍي ڇڏي. جھاز جي مالڪ، توڙي جھاز جي ڪئپٽن يا چيف انجنيئر کي، ڪا به اهڙي اختياري ناهي ته هو ڪنھن ماڻھوءَ کي، جھاز تي خلاصي رکي سگهن.
ڪيترائي ماڻھو اسان جي ملڪ ۾، يا ٻين ملڪن ۾، بندرگاهن ۾، جھازن جي ڪئپٽن، چيف آفيسر، انجنيئر يا ويندي پرسر وغيره کي نوڪريءَ لاءِ چوندا رهندا آهن، جيئن سندباد جي ڪھاڻيءَ ۾ به آهي ته هن جھاز جي ڌڪي ته بيھي، مٿي بيٺل ڪئپٽن کي رڙ ڪري چيو: ”مون کي خلاصيءَ جي حيثيت ۾_ يعني ’ورڪنگ پئسينجر‘ ڪري وٺي هلندين؟“
ڪئپٽن وراڻيس ڏاڪڻ تي پير رکي هليو اچ. ۽ پوءِ هو جھاز جا رسا ڇڪڻ بدران ملڪ گهمندو رهيو. ان دور ۾ جھاز جو ڪئپٽن جھاز جو مالڪ به هو ته جھاز تي رکيل سامان جو واپاري به. اهو ئي واپاري، اهو ئي جهاز هلائيندڙ_ وڻجارو. پر هاڻ اهي سڀ ڳالھيون بدلجي ويون آهن. ۽ ان ”هاڻ“کي به سئو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن، جو انگريزن قاعدا قانون بدلائي ڇڏيا ۽ اسان وٽ به اهي قاعدا هلي رهيا آهن.
يورپ جي هڪ هوٽل ۾ هڪ يوناني جھاز جي ڪئپٽن نشي ۾ مست ٿي مون کي پنھنجي ڪيل ٺڳيءَ جي ڳالهه ٻڌائي: “تنھنجي ملڪ ۾ هڪ دفعو مون ڏاڍا پئسا ڪمايا. ماڻھو جھاز تي نوڪريءَ لاءِ آيا. کانئن پئسا وٺي آسرو ڏنومان ته فلاڻي ڏينھن جھاز لنگر کڻندو، ضرور اچجو. ۽ منھنجو جھاز ان کان اڳ Sail ڪرڻو هو، سو ڪري ويو.”
سو ڀائرو! ڪو به جھاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر، آفيسر يا خلاصيءَ جي ته ڇا پر ڀنگيءَ جي نوڪري به نٿو ڏئي سگهي. هر ملڪ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ وقت سخت چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ ڪو به وڌيڪ ماڻھو نه ڪنھن ملڪ مان نڪري سگهي ٿو ۽ نه ٻئي ملڪ ۾ گهڙي سگهي ٿو.