ڀاڳ وارا نمبر
کلي وراڻيائين: ”اها ته ڪا خاص ڳالهه آهي ئي ڪانه! پاڻ وٽ پاڪستان ۾ اهڙين بئگن جا اڌ کان وڌيڪ مالڪ بئگ کولڻ جو نمبر 786 رکن ٿا.“
مون سندس عقل کي داد ڏنو.
ابجد جي حساب سان بسم الله جي انگن جو جوڙ ست سئو ڇھاسي ٿئي ٿو. ۽ اهو نمبر مسلمانن وٽ (گهڻو ڪري پاڪستان هندستان جي مسلمانن وٽ) بھتر تصور ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اهو نمبر گهڻو استعمال ۾ اچي ٿو. ڪي نوجوان جاسوسي فلمن جا شوقين 007 نمبر کي پسند ڪن ته ڪي وري 707 بوئنگ جھاز جو نمبر يا مشھور سگريٽ جو نمبر 555 اهڙين ڳالھين لاءِ رکن. ان کان سواءِ 777 جو انگ پڻ چونڊيو وڃي ٿو جو اسان وٽ پنجن ۽ ستن جو انگ ڀلارو چيو وڃي ٿو.
مٿين ڳالھ ان ڪري نڪتي آهي جو هتي هانگ ڪانگ ۾_جتي چيني ماڻھو گهڻائيءَ ۾ آهن، ڪن انگن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا ۽ ايتري گهڻيجو سندن مقابلو دنيا جي شايد ئي ڪا ٻي قوم ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هانگ ڪانگ ۾ موٽر ڪارن لاءِ اهڙا ڀاڳ وارا نمبر ڳرن اگهن تي وڪامن ٿا ۽ انھن سڀاڳن ۽ بخت وارن نمبرن جي قيمت ڪڏهن ڪڏهن ڪار جي قيمت کان به گهڻي ٿي ويندي آهي. خاص ڪري اهو نمبر جنھن ۾ ستن يا اٺن جو انگ اچي . اهڙن نمبرن وارا پاڻ کي وڏي ڳالهه سمجهن ٿا. ۽ اهڙا نمبر حاصل ڪري هو پنھنجو پاڻ کي ۽ ڪار کي هر حادثي کان محفوظ سمجهن ٿا.
گهڻو اڳ تائين ته انھن نمبرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو وڏا اثر رسوخ ۽ رشوتون آڇيندا هئا. پوءِ 1973ع کان هانگ ڪانگ جي حڪومت اهڙن نمبرن جو کلئي عام نيلام شروع ڪرايو ۽ هر سال اهڙا لڪي نمبر حاصل ڪندڙن جو واڪ وڌندو وڃي.
گذريل سال 1980ع ۾ هڪ ڪار جي پليٽ نمبر 8778ع جو واڪ هڪ لک هانگ ڪانگ ڊالر (ٻه لک رپين) تائين وڃي پھتو. جيڪا قيمت مرسڊيز ڪار جي قيمت کان به گهڻي ٿي. (هانگ ڪانگ ۾ ڊيوٽي فري اگهه هجڻ ڪري هر شيءَ ڪافي سستي آهي۽ ڪارون پڻ).
چينين لاءِ اٺن جو انگ ”خوشحالي“ آهي ۽ ستن جو انگ ”پڪ“ سان منسوب ٿيل آهي. سو 8778 جي معنيٰ ”خوشحالي پڪ پڪ خوشحالي“ ڪڍيو وڃي ٿو. ڪارين جو نمبر پليٽن جي نيلام مان هانگ ڪانگ حڪومت هيستائين اسي لک رپين کان به مٿي ڪمائي چڪي آهي.
هانگ ڪانگ1981ع