آفريڪا_جانورن ڪري نرالو کنڊ
• هاٿي دشمن سان وڙهڻ وقت پنھنجي سونڍ ويڙهي سيڙهي پنھجي ڇاتيءَ سان لڳائي رکندو آهي جيئن ان کي ڪو نقصان نه رسي. هاٿيءَ جي سونڍ سندس جسم جي نازڪ شيءِ سمجهي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ اها به ڪافي ڳري ٿئي ٿي ۽ سئو ڏيڍ کن سير تور ٿينديس. ڪن کاڌي پيتي جي شوقينن جو چوڻ آهي ته هاٿيءَ جي سونڍ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿي ۽ ڪافي مھانگي وڪامي ٿي. رڌڻ وارا هاٿيءَ جي سونڍ کي مٿي وٽان ڳترا ڳترا ڪري، ان کي پھرين اوٻاري پوءِ ترين.
• هاٿي جيتوڻيڪ وڻن جو ڏاڍو نقصان ڪن ٿا، پر ساڳي وقت فائديمند پڻ آهن. سندن لِڏِ ۾ مختلف وڻن جا آيل ٻج مينھن پوڻ جي ڪري جتي ڪٿي ڦٽيو پون. هاٿي پاڻيءَ منجهه لڳ ڪرڻ جو شوقين آهي ۽ ان ڌنڌي ۾ کيس اڌ ڪلاڪ کن لڳيو وڃي. اهو سڄو وقت ايڏو گوڙ گهمسان لڳائي رکندو آهي جو اوڙي پاڙي کي به خبر پئجيو وڃي ته ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري. هيءُ ئي هڪ جانور آهي، جنھن جي نر کي گرمي کڻي ۽ نه ماديءَ کي. هاٿڻ انھن ٿورن مادي جانورن مان آهي، جنھن کي ٿڻ اڳين ٽنگن وٽ ٿين ۽ نه مينھن ڍڳيءَ جيان پوئين ٽنگن وٽ.
• سڄي آفريڪا ۾ هاٿيءَ جي شڪار جون ڳالھيون توهان کي جتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ اينديون. جيئن شاعر لاءِ چيو ويندو آهي ته هو پنھنجي کيسي مان چانھه پيئاري به پنھنجو نئون شعر ٻڌائيندو آهي تيئن هتي جا ماهر شڪاري ماني کارائي به شڪار بابت ٻڌائين ٿا. نوان سيکڙاٽ پڻ توهان کي هاٿيءَ جي ڦاسائڻ، مارڻ ۽ ويڙهه جي ٽيڪنيڪ جون ڳالھيون اهڙي ادا ۽ لئه سان ٻڌائيندا جيئن اسپين ۾ ماڻھو سانَ جي ويڙهه جون ڳالھيون ٻڌائين.
• هاٿي هونءَ ته گهڻو ئي سٻاجهو پر ڪاوڙ ايندس ته پوءِ ڪار ۾ ويٺل ماڻھوءَ کي به نه ڇڏيندو. هو جنھن وقت پويون لتون زمين تي هڻي ته ان وقت کانئس ڀڄي پاسو ڪجي. هتي جي ماڻھن چواڻي، هاٿيءَ جي مار کاڌل ماڻھو ورلي ڪو جيئرو ملندو، جيڪو ان بابت ٻڌائي سگهي. دريائي گهوڙي، جهنگلي سان ۽ ٻين جو پنايل بچي سگهي ٿو پر هاٿيءَ جو ستايل بچي سگهي_ اها اڻ ٿيڻي ڳالھه آهي. ماڻھوءَ سان وڙهڻ وقت هاٿي پيرن سان به لتاڙي ٿو ته سونڍ سان به ٿڦڙون هڻي ٿو.
• هاٿيءَ جا ٻاهر نڪتل ڏند (Tusks) عاج جا ٿين جيڪا چڱي مھانگي شيءِ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ گهڻو هلي ٿي. عاج مان ڳھه زيور، سينگار ۽ سونھن جو سامان، سووينيئر ۽ ٺپا (Seals) ٺاهيا وڃن ٿا. اڄڪلهه آفريڪا ۾ ڏينھون ڏينھن هاٿين جو تعداد گهٽجڻ ڪري هاٿي مارڻ تي سخت بندش وڌي وئي آهي، پر تڏهن به شيدي، عاج جي لالچ ۾، هاٿين کي چوريءَ ماري، انھن جو عاج ٻاهرن ملڪن ڏي سمگل ڪندا رهن ٿا. عاج جي اڄڪلهه وڏي مارڪيٽ جپان، هانگ ڪانگ، دبئي ۽ آمريڪا ۾ چئي وڃي ٿي. هاٿيءَ تان سندس کل ڪوري لاهڻ هڪ وڏو ڪم سمجهيو وڃي ٿو جنھن لاءِ پنج ڇهه ڪاساين کي ٻه ٽي ڏينھن لڳيو وڃن. فقط سندس ڏند ڪڍڻ ۾ هڪ ڏينھن لڳيو وڃي جيڪي سندس کوپڙيءَ ۾، ٻاهر نڪتل ڏندن جي ٽئين حصي جيترو اندر ڀچيل ٿين ٿا. ان کي ڪڍڻ لاءِ هنرمند ماڻھوءَ جي ضرورت آهي نه ته سڄو قيمتي عاج چٿرجيو وڃي. هونءَ ان جو سولو طريقو اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته کوپڙيءَ کي ست اٺ ڏينھن ڇڏي ڏجي ته پئي خراب ٿئي ۽ سڙي جيئن عاج جي ڀر وارا ريشا ڪونئرا ٿي وڃن. پوءِ يڪو ڏند کي ڇڪي ڪڍي سگهجي ٿو. پر گهڻا شڪاري چوريءَ جي چڪر ۾ جلدبازيءَ ۾ هوندا آهن ۽ جهٽ پٽ ڪڍڻ لاءِ مئل هاٿيءَ جي کوپڙيءَ مٿان ڇيڻا ۽ ڇوڏا رکي هلڪي باهه ڏين، جيئن ڏندن جي اوسي پاسي وارو گوشت رڌجي نرم ٿي وڃي ۽ پوءِ ڏند سولائيءَ سان نڪريو اچن.
• آفريڪن هاٿي پالتو جانور نه آهي. جيڪي هاٿي دنيا جي سرڪس ۾ نظر اچن ٿا، اهي هندستان، سريلنڪا ۽ ٿائلينڊ پاسي جا آهن. ان لاءِ هندستاني اڪثر اهو چوندا آهن ته هندستان جي تھذيب جيئن ته آفريڪا کان پراڻي آهي، ان ڪري اتي جا هاٿي وڌيڪ سڌريل ۽ تهذيب يافته آهن.
• هاٿيءَ کانپوءِ واڳون پڻ آفريڪا جو اهم جانور آهي، جيڪو ڍنڍن، ڍورن ۽ درياهن ۾ عام ملي ٿو. واڳون ڏسڻ ۾ سڀ کان گدلو جانور آهي ۽ ويهه فٽ کن ڊيگهه ٿئيس. هو شڪار کي وات ۾ سوگهو ڪري ست اٺ ڪلاڪ پاڻيءَ اندر جهلي بيھي ٿو جيئن ان جو گوشت نرم ٿئي. پوءِ ان کي سڄو ڳڙڪايو ڇڏي.
• ڦٽيل جنگلي سان سڀني جانورن ۾ خوفناڪ مڃيو وڃي ٿو. آفريڪا جيگهاٽن جهنگلن ۾ ڪيترائي زهريلا نانگ بلائون پڻ ملندا. سڀ کان خوفناڪ ”ڪارو مامبا“ چيو وڃي ٿو جيڪو بنا هُر ڇُر جي به ماڻھوءَ کي ٽن منٽن م ختم ڪريو ڇڏي. هونءَ نانگ_ بلا جي چڪ کان هر ڪو بچي سگهي ٿو جيڪڏهن هن کي علاج لاءِ ترت دوا (Serum) ڏني وڃي. پر آفريڪا ۾ نه ايتريون اسپتالون آهن ۽ نه وڏن شھرن ۽ اسپتالن ۾ پھچڻ جا رستا ۽ سواريون. ان کان سواءِ هتي جي ماڻھن کي انگريزي دوائن کان وڌيڪ جاهل ويڄن، ڪوڙن حڪيمن ۽ جادوگرن جي دوائن ۽ جنتر منترن ۾ گهڻو ويساهه آهي. نانگ جو زهر ساهه تي ڪنٽرول ڪندڙ نسن کي بي ستو ڪريو ڇڏي، ۽ ماڻھو ٻوسٽ Suffocation کان مريو وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل جانورن کان سواءِ آفريڪا ۾ ٻيا به ڪيترائي جانور آهن. بلڪ ايئن کڻي چئجي ته آفريڪا کنڊ جانورن جي ڪري ٻين سڀني کنڊن کان نرالو آهي ته بيجاءِ نه ٿيندو.