سوڊان ۾ خوشحالي جو گراف
سوڊان جا ٻه حصا ٿيڻ تي هيٺيون ڏاکڻو سوڊان Land Locked بڻجي ويو آهي، يعني ڳاڙهي سمنڊ وارو سڄو ڪنارو جتي هن ملڪ جو اهم بندرگاهه “پورٽ سوڊان” آهي ۽ ڀر وارا ننڍڙا بندر گاهه سڀ سوڊان (اتر واري سوڊان) حوالي ٿي ويا. ڏکڻ سوڊان جي چوڌاري ڪو سمنڊ ناهي. افغانستان وانگر سڀ ملڪ(Land Locked) آهن، جيئن ته چاڊ، سينٽر آفريڪن ريپبلڪن (CAR) ، ڪانگو، يوگنڊا آهي. ڏکڻ سوڊان وارا سمنڊ نه هجڻ ڪري افغانستان ۽ يوگنڊا وانگر سامان بحري جھاز ۾ ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ گهرائي، پوءِ ٽرين ۽ ٽرڪن ذريعي پنھنجي ملڪ ۾ پھچرائين ٿا. افغانستان جو سامان ڪراچي بندرگاهه تي لھي ٿو، جتان پوءِ باءِ روڊ ڪابل ۽ افغانستان جي ٻين شھرن ۾ پھچي ٿو جيئن يوگنڊا جو سامان ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ لھي ٿو، جتان پوءِ ٽرين ڪينيا جي گادي واري شھر نئروبيءَ کان ٿيندي يوگنڊا جي گاديءَ واري شھر ڪمپالا ۾ پھچائي ٿي. ڪينيا ۽ يوگنڊا تي جيئن ئي انگريزن جو قبضو ٿيو ته پھريون ڪم انگريزن اهو ئي ڪيو ته انڊيا مان سک ۽ تامل گهرائي ريل جو ڪم شروع ڪرايو جيئن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ٿيڻ تي هنن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ پوءِ سکر ۽ ملتان تائين ٽرين هلائي.
ڏکڻ سوڊان کي پنھنجو سمنڊ يا بندرگاهه نه هجڻ ڪري هن کي ڪو به سامان موڪلڻ يا گهرائڻ لاءِ سوڊان (اتر واري ملڪ) جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي ٿي. ٻي ڳالهه اها ٿي پئي آهي ته تيل جا کوهه هيٺ ڏکڻ سوڊان ۾ ضرور آهن،پر انھن کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا (Refinaries) ۽ تيل کي وڪڻڻ لاءِ ٻاهر موڪلڻ لاءِ بندرگاهه مٿي اتر سوڊان وارن وٽ آهن.
سوڊان لفظ جي مڪاني زبان ۾ معنيٰ ”ڪارن جي ڌرتي“ آهي. سندس ڀر وارن ملڪن: مصر، آلجيريا، لبيا يا ڀونچ سمنڊ جي ٻئي پاسي اٽلي، فرانس، اسپين وغيره جا ماڻھو ته اڇا ٿيا پر ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي پاسي يمن ۽ سعودي عرب جا ماڻھو به ايرانين وانگر اڇا ۽ ڪڻڪ رنگا آهن. اڄ واري سوڊان (يعني اتر واري حصي) جو عربن سان لڳ لڳاپا ۽ اچ وڃ هجڻ ڪري هاڻ اتي جو نئون نسل ڪجهه گهٽ ڪارو آهي. هنن ۾ گهڻائي عرب نسل جي آهي، هو عربي ڳالھائين ٿا. پر ياد رهي ته هنن جي عربي ٻولي مصرين ۽ عربن جهڙي نج عربي ناهي. بس سمجهو ته هڪ لکنو جي ماڻهن جي اردو ۽ ٻي چاڪيواڙي ۽ لياري جي اردو. پر بھرحال ان عربيءَ جي مڪسچر جي ڪري به سوڊانين کي عرب ملڪن ۾ نوڪرين ۽ روزگار جو سٺو موڪليو مليو وڃي. عرب دنيا ۾ آفريڪا کنڊ جا سڀ کان گهڻا سوڊاني آهن. ويتر هو پٺاڻن ۽ افغانين وانگر پورهيت ۽ پھلوان هجڻ ڪري هنن جي عرب دنيا ۾ وڏي ڊمانڊ آهي. جيتوڻيڪ ٻاهر نوڪريون ڪرڻ ڪري پاڪستانين وانگر سوڊاني به پنھنجي ملڪ ۾ تمام گهڻو غير ملڪي ناڻو ڪمائي موڪلين ٿا، پر افسوس جو ملڪ کي هلائيندڙ حاڪمن جي ڦر لٽ ۽ ”بئڊ گورننس“ ڪري سوڊان جو عوام ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي.
1956ع ۾ انگريزن هن ملڪ جي جان ڇڏي ۽ مڪاني ماڻھن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، پر سائين سمجهو ته گورو حاڪم ويو ان کان وڌيڪ ظالم ڪارو حاڪم اچي ويو، جنھن جا ناز نخرا ۽ ملڪ جي دولت لٽڻ جا طريقا گوري انگريز کان به بدتر ثابت ٿيا آهن.
ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي نظر ٿي وجهجي ته گذريل صديءَ جي ٽئين حصي ۾ تقريبن سڀ ملڪ جيڪي انگريزن ۽ ٻين يورپي حڪومتن جي ڪنٽرول ۾ هئا سي سڀ آزاد ٿي ويا. پھرين ڳالھ ته اهي انھن ڏورانھن ملڪن جي قبضن ۾ اچڻ نه کپن ها، پر اسان جي حاڪمن پاڻھي پاڻ سان ڪئي. مثال طور انڊيا تي مغلن جي حڪومت هئي. بابر لاءِ چيو وڃي ٿو ته وڏو پھلوان مڙس هو ان بعد همايون، اڪبر، شاهجھان، اورنگزيب وغيره هندوستان تي حڪومت ڪندار هيا، پر پوءِ هن گهراڻي جا حاڪم آهستي آهستي عياش ٿي پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪ جي بچاءُ لاءِ نوان طور طريقا قائم ڪرڻ بدران ويا حرم وڌائيندا... سندن سڄو زور رنڊيون نچائڻ، ڀنگ پيئڻ ۽ چرس تي ٿيندو ويو. عوام کي تعليم ڏئي سائنس ۽ صحت تي زور ڏيڻ بدران ويا هنن کي تڪليفون ڏيندا ۽ ٽئڪس هڻندا.. . ۽ پوءِ نادر شاهه جھڙا به آرام سان اچي ڦر لٽ ڪري، شھر ساڙي ويا ته پورچوگالي به انڌين منڊين بندوقن ۽ بارودن جي زور تي سڄي هندوستان تي قبضو ڪري ويا. ڳالهه اها آهي ته جيئن ئي حاڪمن ۽ قومن جو اخلاق ڪري ٿو ته پوءِ هو سولائيءَ سان تباهه ٿيو وڃن. اڄ اسان روئون ٿا ته آمريڪا اسان تي ظلم ٿو ڪري... جيستائين اسان اخلاقي طرح بلند هئاسين ته اسپين، فرانس ۽ پورچوگال تائين هڪ طرف ته البانيا، رومانيا ۽ بلعاريا تائين ٻئي طرف حڪومت ڪئيسين . انگريزن ته انڊيا تي فقط ٻه سئو سال حڪومت ڪئي. مسلمان عربن ته اسپين، اندلس، غرناطا، قرطبه تي ست سئو سال حڪومت ڪئي. پوءِ جڏهن اسان عوام جو خيال رکڻ ڇڏي انھن کي ڪنگال ۽ پاڻ کي چرسي بڻايو ته پورچوگالين توڙي انگريزن سڄي ننڍي کنڊ تي قبضو ڪري ورتو. آخر ۾ سنڌ تي به قبضو ڪري ورتو جو ميرن وٽ شعر و شاعري، سونيون تلوارون ۽ ڪيمخواب جا ويس وڳا ته ضرور هئا پر انڌيون منڊيون بندوقون ۽ مقابلي ڪرڻ لاءِ ٽرينڊ سولجر نه هئا. انگريزن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ماڻھو ائين ٿي گڏ ڪيا ويا جيئن ونگار لاءِ ڪٺي ڪجن. اسان جي حاڪمن کي ديبل کان جھاز موڪلي انگلينڊ جي ڪا ڪائونٽي ته فتح نه ڪرڻي هئي جو ان کي ڏکيو ڪم سمجهيو وڃي. انگلينڊ کان آيل انگريزن سان سنڌ جي اندروني علائقي ۾ مقابلو ڪرڻو هو... انھن انگريزن جو جن جي ڪرتوتن کي اسان جي سنڌ جا حاڪم سئو سالن کان پنھنجي پاڙي_ گجرات، ڪڇ، راجستان ۾ ڏسي رهيا هئا. سندن اٽڪل بازين ۽ مڪاني راڄن کي ويڙهائڻ جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، پر اسان جا حاڪم پنھنجي عياشيءَ ۾ اهڙو غلطان هئا جو هنن اهو نٿي سوچيو ته اهي انگريز اڄ نه ته سڀاڻ اسان جي سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سان ويڙهه ڪري سگهن ٿا ۽ اسان کي پنھنجي بچاءَ ۽ ڌارين حملا آورن کي موچڙو هڻڻ لاءِ ڪا پلاننگ ۽ اسٽريٽجي ٺاهڻ کپي. ڪجهه نه ڪيو ويو. پنھنجين عياشين کان ئي واندڪائي نه هئي. اسان جي هر دور جي حاڪم جي فقط اها پلاننگ رهي ته عوام بکون ڪاٽي به، پني به، پئسو هن جي حوالي ڪري ته هو پنھنجو عيش جاري رکي سگهن. اهو ئي حال ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ آفريڪا جو هو جن تي نيٺ يورپي قابض ٿي ويا. آفريڪا جي حاڪمن، وڏيرن، ڀوتارن پنھنجن هٿن سان پنھنجا ماڻھو جانورن وانگر سوگها ڪري چند ٽڪن تي گورن کي وڪڻي ڏنا ٿي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جا ملڪ گورن جو بيٺڪي راڄ بڻجي ويا ۽ اسان سوين سال گورن جي غلاميءَ ۾ هليا وياسين... مس مس گذريل صديءَ ۾ هنن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي پچر ڇڏي ۽حڪومت پنھنجن ماڻهن کي ملي. ڇا اسان جي حاڪمن ڪو سبق سکيو؟ هرگز نه... سواءِ ملائيشيا، سنگاپور جھڙن چند ملڪن جي، باقي ملڪن جي حالت اهڙي آهي ڄڻ انگريز ويا ئي نه. گورن جي وڃڻ بعد اسان جي حاڪمن ته اهڙي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ نا انصافي شروع ڪئي جو هر هڪ جي وات تي اچي ويو ته ان کان ته ڌاريا حاڪم بھتر هئا. اسان جي ملڪ لاءِ به اهو ئي چيو وڃي ٿو ته افسوس قائد اعظم جلدي گذاري ويو، هن جو ملڪ ٺاهڻ جو اعليٰ ويزن هو. باقي ان بعد ڪو به بھتر حاڪم نه ملڻ ڪري اسان جو ملڪ ۽ ان جو هر ادارو تباهه ٿي ويو آهي.