هي ملڪ سوڊان
سوڊان جو اتراهون علائقو جيڪو ڳاڙهي سمنڊ سان وڃيو ملي، وارياسو رڻ پٽ آهي ۽ دنيا جي مشھور بيابان صحرا جو حصو هتان شروع ٿئي ٿو. هتي دنيا جو سڀ کان گهڻو گرم اونھارو ٿئي ۽ ٽيمپريچر 43 ڊگرين کان به مٿي چڙهيو وڃي. پر ساڳي وقت سوڊان سرسبز پڻ آهي. فقط ٻارهن ڊگريون ”ويڪرائي ڦاڪن“(Latitude) جون هيٺ اچبو ته گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل نظر ايندا جتي سٺ کان مٿي قسمن جا جانور، ڪيترائي پکي ۽ نانگ بلائون آهن. ڪيترائي اهڙا جانور به هتي موجود آهن، جيڪي ٻين ملڪن ۾ ڪڏهوڪو مري کپي ويا. سوڊان ۾ عاج، ايبوني، سون، چيتي جون کلون، واس ۽ مٺي خوشبوءِ واري کونئر جو واپار چار هزار سال پراڻو آهي. سوڊان لفظ جي معنيٰ ڪارن جي زمين آهي. ۽ هن ملڪ جي سورهن ملين آدمشماريءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ حبشي آهن. خاص ڪري ڏکڻ ۾ رهندڙ ڍنڪا قبيلو. ان بعد نينگرو (Negro) ۽ عرب قومن جي ملاوت آهي.
سوڊان، ڪش گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. جيڪا چيو وڃي ٿو ته آفريڪا ۾ پراڻي ۾ پراڻي سوسائٽي آهي ۽ عيسوي سن کان هزار سال اڳ کان سن 300 تائين اوج ۾ رهي. سوڊان ڇھين صديءَ ۾ عيسائيت جي اثر هيٺ آيو ۽ ٻارهن سئو ڌاري جڏهن ترڪن سوڊان تي قبضو ڪيو، ته هنن جي اچڻ سان اسلام جي پرچار ٿي.
سن 1880ع ۾ سوڊان وس ڪري ڌارين کي تڙي ڪڍيو ۽ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. پر اهو دورو فقط ويهه سال کن هليو. ان بعد وري ڌارين جي هٿ هيٺ اچي ويو ۽ مصر ۽ انگلينڊ گڏجي مٿس حڪومت ڪئي. آخرڪار 1956ع ۾ کيس وري آزادي ملي.