الطاف شيخ ڪارنر

سانباھو سمونڊ جو

نورالھدا شاھ لکي ٿي: ”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانباھو سمونڊ جو

بِديشِي مانوس

چٽگانگ شھر جي هڪ سوڙهي گهٽي_ ڪرسچنن جي اسڪول سينٽ پلاسڊ ڀرسان گهٽيءَ جي ٻنھي پاسي ٺھيل ڪچن پڪن گهرن مان هڪ منھنجي بنگالي ڪلاسميٽ جو ڌڪين وارو گهر.
هيءَ گهٽي ۽ گهر مون لاءِ ڪو نئون ناهي. چٽگانگ ۾ تعليم وارن ڏينھن توڙي ان کانپوءِ به ڪيترن سالن تائين جيستائين اهو مشرقي پاڪستان هو منھنجو هتي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. پوءِ 1971ع بعد چٽگانگ ”مشرقي پاڪستان“ جو شھر سڏرائڻ بدران ”بنگلاديش“ جو سڏرائڻ لڳو ۽ هيڏانهن اچڻ جون واٽون اسان لاءِ ڄڻ ته بند ٿي ويون.
اڄ ڪيترن سالن بعد، 1981ع ۾، منھنجو هيڏانھن اچڻ ٿيو آهي. اسان جي ملڪ جو جھاز هاڻي هن نئين نالي بنگلاديش سان سڏرائڻ واري ملڪ لاءِ ڪجهه ڪارگو کڻي آيو آهي. ملڪ جو نالو کڻي نئون ٿي ويو آهي، پر ان جي ڌرتي ۽ ماڻھو اڄ به مون کي ساڳيا لڳي رهيا آهن. منھنجي دل ۾ اڄ به هتي جي ڌرتي ۽ ماڻھن لاءِ ساڳيو پيار ۽ موهه آهي، جيڪو مئرين انجنيئرنگ جي تعليم وٺڻ وارن ڏينھن ۾ هتي رهائش دوران هو. اسان جي ڪلاس روم ۾ اڌ کان وڌيڪ بنگالي هئا، جن کان آئون بنگالي سکيس. جن جي ڏورانھن ڳوٺن ۾ ساڻن گڏ موڪلون گذاريم. ۽ شھر چٽگانگ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جتي اسان جي مئرين اڪيڊمي هئي. پنھنجي ڳوٺ هالا ۽ حيدرآباد کان وڌيڪ هن شهر چٽگانگ جي گهٽين ۽ ماڻھن کان واقف هوس.
چٽگانگ بندرگاهه ۾، اسان جي جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي، پاسپورٽ هٿ ۾ کڻي بندرگاهه کان ٻاهر نڪتس. رستي تان هڪ خالي رڪشا کي سڏ ڪري پنھنجي گهاٽي بنگالي دوست جي گهر ڏي هلڻ لاءِ چيم.
دوست جي گهر جي اڳيان، در وٽ ڪجهه پاڙي جا ٻار ناليءَ جي ڪپر تي بلورن راند کيڏي رهيا هئا. آئون رڪشا مان لھي پنھنجي بنگالي دوست جي گهر جو بيل بٽڻ دٻايان ٿو. اڌ اگهاڙا ٻار راند ڇڏي منھنجي چوڌاري اچي بيھن ٿا. وائڙن وانگر منھنجي ڊگهي قد ۽ شلوار قميص کي ڏسن ٿا. لائيٽ بند آهي. بيل بدران در تي ڪڙو هڻان ٿو. اندران دوست جي ماءُ دانھن ڪري وڇي ٿي: ”باهرَي ڪِي آڇَي؟“ (ٻاهر ڪير آهي)
آئون به کيس رڙ ڪري خوشيءَ مان چوڻوارو هوس ته آءٌ ئي ته آهيان تنھنجي پٽ جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست جنھن کي تو هميشه پنھنجي سڳي پٽ وانگر ڀانئيو ٿي. پر منھنجي ڪڇڻ کان اڳ، منھنجي چوڌاري بيٺل گهٽيءَ جا ٻار جواب ڏين ٿا:
“بديشي مانوس!”
(ڌاريو ماڻھو! ٻئي ديش جو رهواسي!)
مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿئي ٿو. ڪجهه نٿو ڪڇان. ٻارن ڏي نھاريان ٿو. هو ڏهه ٻارهن سالن جا مس ٿيندا. هنن کي واقعي ڪھڙي خبر ته اڄ کان ارڙهن سال کن اڳ جڏهن هو اڃا ڄاوا به ڪونه هئا، آئون هن شھر ۾ پڙهندو هوس. هزار کن ميلن جو وچ ۾ فاصلو هجڻ جي باوجود هن ملڪ ۽ منھنجي ملڪ جو نالو ساڳيو هو. هن شھر، هن گهٽيءَ جي، هن در جي ساڳي ڌڪيءَ تي ويھي رات جو دير دير تائين اسان ڪلاس ميٽ ڪچھريون ڪندا هئاسين. سامھون ڪرسچن آنٽيءَ جو گهر هوندو هو، جيڪا رات جو اونداهه ۾ اسان جي اڳيان جڏهن لنگهندي هئي ته کيس ڊيڄارڻ لاءِ اسين ڪتي جي ڀوئنڪار ڪندا هئاسين ۽ هوءَ ڇاتيءَ تي هٿ رکي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ياد ڪندي هئي.
رات جو پوري يارهين وڳي، ڪنڊ ۾ رهندڙ مٺائي وارو عبدل بابا، ريلوي اسٽيشن تي شيون وڪڻي، بچيل مال جو گاڏو گھلي گهر موٽندو هو. اسان کي ڏسي هوڪو ڏيندو هو:
”ڪولا، ناريڪل، مِشٽي!“
(ڪيلو، ناريل، مٺائي)
اسان کانئس ناريل وٺي کائيندا هئاسين. اسان سان گڏ ويٺلن مان هڪ ٻيو بنگالي دوست خنڊڪر_ جيڪو سلھٽ جو آهي، ان گاڏي واري کي ڏسي چوندو هو ته سلهٽ واري گاڏيءَ هاڻ چٽگانگ ڇڏيو هوندو.
چٽگانگ وانگر سلھٽ به سھڻو شھر آهي. جابلو علائقو. چوڌاري چانھه جا باغ ئي باغ. سياري جون موڪلون هڪ دفعو سلھٽ ۾ ئي گذاريون هيونسين. پر چٽگانگ جي ٻي ڳالهه هئي، جو اسان جي مئرين اڪيڊمي اتي هئي ۽ ذري گهٽ موڪل جو هر ڏينھن هن شھر جي رستن ۽ گهٽين ۾ گذرندو هو.
تعليم بعد جھازن تي نوڪري دوران پڻ چٽگانگ اچڻ ٿيندو رهيو. جھاز جو هوم پورٽ نه فقط ڪراچي هو پر چٽگانگ پڻ. دنيا جو ڦيرو ڪري، هر گهمري جھاز چٽگانگ بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو، هلندو رهيو. پوءِ سياسي چُڪن غلطين ڌرتيءَ تي لينگها ڪڍي ڇڏيا. نفرتن جون ڀتيون اچي ويون. واپار وڙو، ڏيتي ليتي،جھازن جو اچڻ وڃڻ سڀ بند ٿي ويو. ٽئگور ۽ نذر اسلام جي ڌرتيءَ تي موٽڻ بدران يورپ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن ۾ اسان جا جھاز ڦرندا رهيا ۽ اڄ سالن پڄاڻا سياسي حالتن جي ڪجهه سڌرڻ تي، واپار وڙو شروع ٿيو آهي. اسان جو جھاز هتي پھتو آهي. ملڪ جو نالو پاڪستان بدران بنگلاديش ٿي ويو آهي، پر انسان ۽ مڪان ساڳيو آهي.
1971ع کان اڳ، هن ڌڪيءَ تي ويھي اسان سوچيو به ڪونه هو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ اسين ”بِديشي مانوس“ (پراوا ماڻھو) سڏرائينداسين. هي اهي ئي ته چٽگانگ جون گهٽيون آهن جن ۾ نه فقط هتي جي بنگالي دوستن سان گڏ ڦرياسين، پر پنھنجن سنڌي، پنجابي ۽ مھاجر دوستن سان گڏ پڻ. ڊاڪٽر نعيم دريشانيءَ سان گڏ سندس چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيندڙ ساليانيون رانديون ڏسڻ، سندس هاسٽل جي ڪمري 12-B ۾ ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھري ڪرڻ. هالن جي عبدالغفار انصاري ۽ شڪارپور جي صابر شاهه سان گڏ هن شھر جي سئنيمائن: اجالا، الماس، خورشيد محل ۾ فلمون ڏسڻ ۽ ڊائمنڊ، انجم ۽ اسڪرڊگيءَ جي چيني هوٽلن ۾ ماني کائڻ، مٽيارين جي شاهه سان گڏ چٽگانگ جي ڪورٽ بلڊنگ جي ڀر ۾ ويٺل پان واري دڪان تان سڄي پن جو پان وٺڻ مھل سندس گهگهوءَ واري فوني تي هر وقت وڄندڙ نورجھان جو گٺل رڪارڊ ٻڌڻ ”ميري ڦڙلي بانھان_ اکيان هار گيان هار گيان“. تڏهن ته اسان کي ائين لڳندو هو، ڄڻ اسان ڄاوا نپنا ئي هتي آهيون ۽ هتي جا ئي سڏباسين.
پر اڄ اسان هتي بديشي مانوس ٿي ويا آهيون.
آئون خاموش، ٻڏتَر ۾ آهيان. دوست جي ماءُ هڪ دفعو وري رڙ ڪري پڇي ٿي: ”باهرَي ڪِي آڇَي؟“ پر آئون چُپ آهيان. هميشه وانگر خوشيءَ مان اهو چوڻ بدران ته ”اَمار، الطاف. امي هلام سينئر بندو“ (آئون آهيان الطاف. تنھنجي پٽ جو دوست)، مون کي ماٺ لڳي وڃي ٿي ۽ پنهنجي زبان خشڪ محسوس ڪريان ٿو. ڪجهه چوندي ڏکيو پيو لڳيم! ڇو ٻڏ تَرَ ۾ پئجي ويو آهيان!؟ ڇو اداس محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ Depression ۾ هليو ويوآهيان؟_ شايد ان ڪري جو ڪنھن مون کي بِديشي مانوس (پرايو ٻئي ملڪ جو ماڻھو) سمجهيو؟ ان شخص کي پرايو سڏيو، جنھن هميشه پاڻ کي هن در وٽ پرايو نه، پر پنھنجو سمجهيو. آءٌ ڪير آهيان؟ ڇا آئون واقعي بِديشي مانوس آهيان ... پر پھرين ته آئون ڪڏهن به نه هوس... مون کي ڌاريون بنائڻ وارو يا پرايو هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو ڇا يحيٰ، ڀٽو، مجيب آهي يا آئون پاڻ؟
آئون هٿ ۾ پاسپورٽ ڏسان ٿو. پنھنجي گهر، گهٽي يا ڳوٺ ۾ ڪو به پاسپورٽ کڻي نه ايندو آهي. آئون پاسپورٽ کي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
بلاشڪ آءٌ هاڻ ڌاريو آهيان، پر ان هوندي به مون کي هتي جي گهٽي گهٽي، ماڻھو ماڻھوءَ ۽ واقعي واقعي سان اڃا تائين پيار ڇو آهي؟
شايد ان ڪري جو پيار، محبت يا ياد هڪ ڌرتيءَ مثل ناهي، جنھن تي انسان سرحدون ٺاهي سگهي....
چٽگانگ (بنگلاديش) 1981ع