انتساب: هالا جي وڪيل عبدالطيف انصاريءَ نالي
عبداللطيف سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن آئون پرائمريءَ جي پھرين يا ٻئي ڪلاس ۾ هوس. مون کي گهر ۾ نماز پڙهڻ سيکاري هئائون ۽ هاڻ آئون پھريون دفعو مسجد ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هوس. سانجهيءَ جي نماز جو وقت هو. ٽي رڪعتون فرض نماز امام سان گڏ ڀر ۾ بيٺلن کيڏسي پڙهڻ بعد باقي نماز ڪنھن جي ڀر ۾ بيھي، ان کي ڏسي پڙهڻ ٿي چاهيم. پٺيان هڪ پاڻ جيڏو ۽ مون وانگر ڊگهوڇوڪر نماز جي نيت ٻڌي رهيو هو. (هي عبداللطيف انصاري هو). اهو محسوس ڪيم ته هو اسان جي گهٽيءَ جو نه پر ڀر واري انصارين جي گهٽيءَ جو آهي. يڪدم هن جي ڀرسان بيھي هن وانگر نماز پڙهڻ لڳس. ٻه رڪعتون سنت جون پڙهي پوءِ هن ٻه رڪعتون نفل نماز ويھي پڙهڻ شروع ڪئي. مون لاءِ اها نئين ڳالهه هئي. گهر ۾ رڳو فرض نماز بيھي پڙهڻ سکيو هوس. مون هڪ رڪعت کن وڏي ڪوشش سان هن وانگر پڙهي پر مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهيو ته هي ڪري ڇا پيو. ٻي رڪعت پڙهڻ بدران آئون مسجد ڇڏي اچي گهران نڪتس. گهر ۾ مون کان ڏاڏيءَ پڇيو ”نماز پڙهي آئين؟“
”ها پڙهي آيس پر شايد سڄي نه پڙهي سگهيس. هڪ انصارين جي ڇوڪري مون کي ڀلائي ڇڏيو.“ مون وراڻيو.
ٻه چار ڏينھن به نه گذريا ته شھر جي بازار ۾ عبداللطيف سان ملاقات ٿي. بلڪه پاڻ مون کي پري کان ڏسي سڏ ڪيو : ”اڙي! هيڏانھن ته اچ. ڇا اٿئي نالو؟“ هن وڏي رعب سان منھنجو نالو پڇي پوءِ چيو ” ايئن نماز پڙهبي آهي؟“
۽ آئون سوچيندو رهيس ته هن کي ڪھڙو جواب ڏيان. منھنجي ذهن ۾ ڪجهه ڪجهه اهو اثر ويٺو ته هي ڪو وڏو داداگير آهي. ۽ اڄ به سندس ڳالهائڻ جي اسٽائيل مان نئين ماڻهوءَ کي اهو ئي ڏيک ملي ٿو. پر پوءِ هر ڪو جلدي ئي هن کي سٺو دوست سمجهي ٿو.
هونءَ ته اسان جي ڳوٺ جا انصاري نماز ۽ روزي جا تمام پابند آهن ۽ ٻئي ڪنھن جي شاهدي ڏئي سگهان يا نه پر عبداللطيف کي مون هر حال ۾ هر هنڌ، اگهائي توڙي تندرستيءَ ۾ نماز تي هميشه قائم ڏٺو آهي. مٿئين واقعي کانپوءِ هن سان منھنجي ڳوٺ ۾ ئي ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي رهي. هو پنھنجي پاڙي جي ”انصارين جي مسجد“ ۾ نماز پڙهندو هو پر جيئن ته سندس والد صاحب حڪيم عبدالڪريم انصاري جو مطب اسان واري مسجد (حافظ حيات) ڀرسان هو تنھن ڪري ڪو ڪو وقت خاص ڪري وچين ۽ سانجهيءَ جو ڪڏهن ڪڏهن اسان واري مسجد ۾ پڙهندو هو.
اسان جي ڳوٺ هالا ۾ _ هينئر الائي اهو رواج آهي يا نه پر تن ڏينھن ۾ اسڪول جا ٻار (ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون) ديني ۽ اسڪول جي تعليم کان سواءِ ڪجهه هنر به سکندا هئا. هر سال جي موڪلن ۾ آئون به ٿورو گهڻو واڍي جي ڪم کان وٺي درزي تائينءَ جو سکيس. ويندي ٽائپنگ ۽ ڪار مڪينڪ جو ٿورو گهڻو ڪم مئٽرڪ تائين سکي ورتم. اها منھنجي خيال ۾ هڪ اهڙي سٺي ڳالهه آهي جو اڳتي هلي ڪو ڇا به ٿئي پر هن کي ٻين ڪمن جي به ڪجهه ڪجهه Idea رهي ٿي. ڪي ڪي ڇوڪرا ته مختلف ڪمسکڻ بدران هر سال اونهاري جي موڪلن ۾ هڪ ئي ڪم سکندا هئا. جيئن اسان جو هڪ رشتي جو ڀاڻيجو مقصود شيخ هر سال واڍڪو ڪم سکندو رهيو. انٽر ڪري مھراڻ يونيورسٽي ۾ B.E ڪرڻ دوران به موڪلن ۾ واڍڪو ڪم سکندو رهيو. اڄ هو ڪراچي ۾ ٽيليفونن کاتي جو ڊويزنل انجنيئر آهي پر هو ڪارپينٽري ۾ به ايترو ئي ايڪسپرٽ آهي جيترو ڪو پروفيشنل هجي. بھرحال اسان جي ڳوٺ هالا جي ان رسم رواج موجب ستين ڪلاس ۾ جڏهن اونهاري جون موڪلون ٿيون ته مون کي اسان جي پڦيءَ جي مڙس حاجي لطف شيخ الله وٽ قرآن جو تفسير پڙهڻ ۽ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اتي منھنجي وري عبداللطيف انصاريءَ سان ملاقات ٿي جيڪو پڻ ٽيلرنگ جو ڪم سکڻ لاءِ اتي ايندو هو. (ان کان سواءِ سندس هڪ سئوٽ عبدالعزيز انصاري جيڪو پوءِ پروفيسر ٿيو). گل محمد ميمڻ (ڊاڪٽر)، محمد علي متقي (سول انجنيئر) پڻ ايندو هو. ۽ شايد عبدالرحمان ميمڻ (مھراڻ يونيورسٽي جو وي سي) پڻ ايندو هو. يا شايد ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ايندو هو ۽ اسان سان اچي وهندو هو). ٻيا سڀ ماٺ ۾ هوندا هئاسين پر عبداللطيف جو وات پيو لڳندو هو. هرڳالهه تي بحث هر ڳالهه جو اصل نسل معلوم ڪرڻ يا چرچا ڀوڳ ٻڌائڻ. چڱي طرح سکي سگهيو فقط سندس سوٽ عبدالعزيز پر اسان به اڃا تائين بابين ڀرڻ، سئي ۾ سڳو چاڙهڻ، سٿڻ جا سڌا بخيا هڻيو وڃون.
ستين ڪلاس کانپوءِ منھنجو هالا ۾ رهڻ نه ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن موڪلن ۾ هالا اچبو هو ته گهڻو ڪري عيد نماز تي يا شاهي بازار ۾ عبداللطيف سان ملاقات ٿي ويندي هئي، جيڪو مون کان هڪ سال مٿين ڪلاس ۾ هو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري پوءِ مون مئرين انجنيئرنگ چٽگانگ مان ڪئي. ان بعد اسان کي سال ٻن لاءِ ڪراچي ۾ رهي اتي جي شپ يارڊ ۾ جهاز ٺھڻ ۽ انهن جي مرمت جو ڪم ڏسڻو هو. ڪراچيءَ ۾ انهن ڏينھن ۾ رهائش جو مسئلو هو. فلئٽ سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ سڄو گهر اڪيلن_ خاص ڪري شاگردن کي مسواڙ تي نٿي مليو. ميٺا رام هاسٽل شھر جي وچ ۾ هئي، جنھن ۾ رهڻ لاءِ مون ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اڄ جون ڪيتريون اهم شخصيتون تن ڏينهن ۾ ان هاسٽل ۾ رهيون ٿي. منھنجي کاٻي پاسي وارن ڪمرن مان هڪ ۾ سائين مظفر شاهه صاحب (اڳوڻو وزيراعليٰ) رهيو ٿي ۽ ٻي ۾ ٺٽي جو مرحوم محمد خان سومرو جيڪو پ پ جي حڪومت ۾ وزير به رهيو ۽ هاڻ سندس فرزند ايم پي اي آهي. ساڄي پاسي وارن ڪمرن ۾ سکر جو اڪبر منگي، ٺٽي جا عقيلي برادارن (حسين ۽ لطيف) رهيا ٿي. ان کان سواءِ اقبال ترڪ، آفتاب ترڪ، نَوَلراءِ اوڏ، غلام محمد سومرو، آغا شھاب، مرحوم عاشق جتوئي، امام بخش جتوئي ۽ ٻيا رهيا ٿي. جن مان ڪجهه سان پھرين جي ڄاڻ سڃاڻ هئي ڪجهه سان اتي ٿي. هاسٽل ۾ ٻه ٽي ميسون هيون. اسين مٿيان همراهه ولي محمد جي ميس ۾ ماني کائيندا هئاسين. ٻن ٽن ڏينھن بعد ان ميس ۾ عبداللطيف انصاريءَ کي ماني کائيندو ڏسي نه فقط مون کي پر هن کان به رڙ نڪري وئي. خبر پئي ته هو به ساڳي ڪاليج جو شاگرد آهي ۽ سندس ڪمرو عقيلي جي ڪمري کانپوءِ يعني منھنجي ڪمري کان ٽي ڪمرا ڇڏي 73 نمبر آهي. پاڻ ڪاليج توڙي هاسٽل جي مشھور شخصيت هو. ڪاليج جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ هاسٽل جي مسجد ۾ واعظن جو بندوبست ڪرائيندو هو. مون کي جيئن ته صبح کان شام جو دير تائين ڪاليج بدران شپ يارڊ وڃڻو پوندو هو ان ڪري منھنجي ساڻس ملاقات ٽي چوٿين ڏينھن ٿيندي هئي يا موڪل واري ڏينھن. ڪڏهن ته ٻه ٻه هفتا هو پاڻ به غائب رهندو هو. هڪ ڏينھن سندس غير حاضريءَ جو سبب پڇيم ته وراڻيائين:
”يار آئون پڙهائي وغيره جي خرچ جي تڪليف گهر وارن کي نٿو ڏيان، ان ڪري ڪاليج مان موٽڻ بعد جاب ٿو ڪريان.“
سڌريل ملڪن ۾ ته غريب توڙي امير ڪوشش ڪري پنھنجن ٻارن کي ڪنھن نه ڪنھن پورهئي ۾ لڳائي رکن ٿا جيئن هنن کي محنت جي عادت هڪ طرف پوي ۽ پئسي جو قدر ٻئي طرف ٿئي، پر اسان وٽ_خاص ڪري سنڌ ۾ ، ان وقت اهو هڪ انقلابي قدم هو.
”ڪھڙو جاب ٿو ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
”هاڻ توهان کان ڇا لڪايان ۽ هونءَ به آئون حلال جي پورهئي کي خراب نٿو سمجهان. آئون صدر جي هڪ هوٽل (Excelsior) ۾ شام جون پنجين کان رات جو يارهين تائين بئرو ٿي ڪم ڪريان ٿو.“
مون کي ويتر حيرت ٿي ڇو جو محنت ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ اهو ئي ڪم انگلئنڊ، آمريڪا، فرانس جھڙي ملڪن ۾ ڪرڻ ۾ ايتري نفسياتي ۽ سماجي ڇڪتاڻ ناهي، جيتري اسان جھڙن ملڪن ۾ آهي _ جتي هر ڳالهه جي ڏاڪابندي ٻڌل آهي، جيڪا هندو ڪلچر جي پئداوار اسان وٽ صدين کان موجود آهي. برهمڻ جو ڪم آهي حاڪم ٿي رهڻ. شوڌر جو ڪم آهي جوتا پالش ڪرڻ، هڪ جو ڪم ٻيو ڪري نٿو سگهي. ڪرڻ جي لائق هجي يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته به سوسائٽي قبول نه ڪندي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ هڪ ماڻهو ايمانداري سان ٻھاري ڏيئي روزي ڪمائي ٿو ته به هو گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي آفيسر يا وڏيرو عزت لائق آهي چاهي هو غريبن ۽ هارين سان ظلم ۽ ٺڳي ڪري. سو اهڙي سيناريو ۾، اسان جھڙي ملڪ ۾ عبدالطيف جي اهڙي نوڪري ڪرڻ وڏي دل جگر جي ڳالهه آهي، جيڪا واقعي هو ڪري سگهيو ٿي، پر تنھن هوندي به مون پڇيومانس : ”يار هتي، هن شھر ۾ توکي اهو جاب ڪندي ڏکيو ته لڳندو هوندو“.
”پاڻ کي انهن ڳالهين جو خيال ئي نه ٿئي. ڪا چوري ته نٿو ڪريان. ڪو ان کي خراب سمجهي ٿو ته سمجهڻ ڏي. ڪالهه ئي جي ڳالهه آهي ته پنھنجي ڳوٺ جا ڪجهه آفيسر ان هوٽل ۾ آيا ته به مون پرواهه نه ڪئي. کين کيڪار کڙي ڪري سندن اڳيان چمچا، ڪانٽا ۽ پاڻيءَ جا گلاس رکڻ شروع ڪري ڏنم.“
مون کيس ڀاڪر پائي چيو : ”يو آر ريئلي گريٽ“.
هن نه فقط ان هوٽل ۾ پر ٻين به ڪجهه هوٽلن: بيچ لگزري، ملير جي گرانڊ هوٽل ۽ ايئرپورٽ جي مڊوي هوٽل ۾ چڱو وقت پارٽ ٽائيم جاب ڪيو.
هڪ دفعي پوسٽ آفيس جي ڳالهه اچي نڪتي. هزار خان بجاراڻي، اشفاق سومرو (اهي پڻ تن ڏينھن ۾ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندا هئا) عاشق جتوئي ۽ آئون سندس ڪمري ۾ ويٺا هئاسين. عبداللطيف ان بابت ايتري ته صحيح ۽ ٺھڪندڙ معلومات ٻڌائي جو عاشق جتوئيءَ (جيتوڻيڪ چرچي ۾) چيس، ”لطيف لڳي ٿو ته تو ٽي مھينا کن پوسٽ آفيس ۾ به ڪم ڪيو آهي.“
لطيف ٽھڪ ڏيندي چيو: ”ڪراچي ۾ پھچي پھريون اهو جاب ڪيو هوم. اها سامهون ته آهي جنرل پوسٽ آفيس. منھنجو ڪم آيل ٽپال تي ٺپا هڻڻ هوندو هو.“
مرحوم عاشق جتوئيءَ کلندي مون کي چيو :”يار تنھنجو ڳوٺائي ته ماڻهو نه پر جِنُ آهي. منھنجو روم ميٽ هوندو هو ته مون کي بٽڻ هڻڻ جو طريقو ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته مون درزي ٿي به ڪم ڪيو آهي.“
عاشق کي چيم: “يار ان جي شاهدي ته آئون به ڏيندس”.
هتي اهو لکڻ به بي محل نه ٿيندو ته اسان جو پيارو ماڻهو عاشق جتوئي جيڪو مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ شھيد ٿي ويو، لطيف جو ڪلاس ميٽ هو ۽ پھريان ڪجهه مھينا لطيف هن جي ڪمري ۾ فرسٽ فلور تي رهيو هو ان بعد هيٺ اڪيلي ڪمري ۾ اچي رهيو.
سال ڏيڍ ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ بعد آئون جھاز تي هليو ويس. لطيف B.Sc. ڪري موسيٰ لين ۾ پنھنجي ماءُ سان گڏ وڃي رهيو. منھنجو پنجين ڇھين مھيني جھاز ڪراچي ايندو هو ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. پاڻ اڪثر ٽائي ٻڌي بريف ڪيس کڻي پيو هلندو هو. کلندي ٻڌايائين ته هو فل ٽائيم ميڊيڪل نمائندي (Med. Rep.) جو ڪم ڪري رهيو آهي. پنج سال هو مي ائنڊ بيڪر کان وٺي گلئڪسو دوائن جي ڪمپنين جو نمائندو ٿي رهيو. ان وچ ۾ به هن ڪيترائي ننڍا ننڍا پارٽ ٽائيم ۽ فل ٽائيم جاب ڪيا. ڪجهه عرصو ته “اينگرو يوريا” جي“شيئرز ڊپارٽمينٽ” ۾ به ڪم ڪيائين. وري ڪا موڊ بدليس هڪ ٽائيپ رائيٽر وٺي اچي پاسپورٽ آفيس اڳيان ٽائيپنگ جو ڪم شروع ڪيائين. سندس ڪيتريون نوڪريون ته کيس به ياد نه آهن. اها ٽائپنگ واري جي به اوچتي خبر پيئي. پاسپورٽ نئون ڪرائڻ لاءِ فارم وٺڻ وڃان ته عبداللطيف ڪاٺ جي ٽيبل تي هڪ ڀڳل ٽائيپ رائيٽر رکيو ويٺو آهي. سامهون ٻه چار ڳوٺاڻا پنجابي پَڳڙن ۾ ۽ هڪ ٻه سوٽ بوٽ ۾ ٽائيپ لاءِ پنا جهليو بيٺا اٿس. مون کي ڏسي وڏو ڀاڪر پائي مليو ۽ سامهون بينچ تي ويٺل هڪ همراهه کي اٿاري مون کي زوريءَ وهاريائين ۽ چانھه جو آرڊر ڪيائين. ”لطيف هي ڇا؟“
”مٺا ڳالهه ئي نه پُڇُ، هاڻ ٻه منٽ ڇڏ ته ماڻهن کي اڪلايان.“ آئون چانھه پيئندو رهيس ۽ هي ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ ڪندو ويو. اهو ته تعجب نه لڳم ته هن تکي تکي ٽائيپ ٿي ڪئي. هالا ۾ جمعي ٽيڪي جو فرزند علي محمد (پي آءِ اي جي مشھور آرٽسٽ) آئل پينٽنگ ۽ ٽائيپنگ سيکاريندو هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد لطيف ۽ مون ان وقت ٽائيپ سکي هئي ته متان ڪڏهن ڪم اچي ۽ هاڻ لطيف ويٺي ويٺي مون کي ڀاڪر پائي، ساڄي هٿ جي اشھد آڱر مٿي آسمان ڏي کڻي چيو: ”بس شڪر آهي پروردگار جو.“ پوءِ ٽائيپ رائيٽر هيٺان وڇايل ڳوڻ مٿي کڻي ڍير نوٽن جو ڏيکاريو. ”ڪلاس ون آفيسر به ايترو نه ڪمائيندو هوندو. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ جي ڪري هر ڪو مون ڏي اچي ٿو.“
”يار توکي ته يورپ يا آمريڪا ۾ هجڻ کپي“. مون چيومانس.
”بس دعا ڪر. الله گهريو ته اتي به پھچي ويندس. هينئر مون کي هاسٽل ۽ ڪاليج جي خرچ جا پئسا گڏ ڪرڻ ڏي ته ايل ايل بي ڪيان پوءِ ولايت جي ٽڪيٽ لاءِ ڪو پورهيو ڪندس.“
اڄ جي دور ۾ ته M.Sc. ڪري ماڻهو هوٽل ۾ بئرا ٿي پيا ڪم ڪن. B.E يا MBBS ڪري پرائمري اسڪول ۾ ماستر ٿيو پيا هلن. ڪي ته ڪلفيون ۽ ڳنڍا پيا وڪڻن. اهو حال آهي بيروزگاريءَ جو. پر انهن ڏينھن ۾ 72_1970ع ۾ لطيف کي ڪيتريون ئي سرڪاري نوڪريون ملي سگهيون ٿي پر هن جي آزاد طبيعت اهو چاهيو ٿي جيڪو دل چيس ٿي.
رشوت يا غلط طريقي سان پئسو نه هن جي وڏن کاڌو نه پاڻ حاصل ڪرڻ چاھيائين ٿي. نتيجي ۾ هن کي آفيسري بدران هن قسم جا جاب بھتر لڳا ٿي. ايئن نه ته هو ڪو پڙهائيءَ ۾ گهٽ هو، انگريزي ڪانوينٽ اسڪولن مان نه پڙهيو هو پر ننڍي لاڪون هو انگريزيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ڪنھن سان انگريزيءَ يا ڪنھن ٻي زبان ۾ ڳالهائيندي شرم نٿي ڪيائين (بھرحال اڳتي هلي عبداللطيف ايس ايم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ 1976ع ۾ لا جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڻ ان ۾ فرسٽ ڪلاس آيوهو.)
عبداللطيف جھازن جي به نوڪري ڪئي. حاجين جي جھاز سفينئه عرب تي ”پرسر“ جي نوڪريءَ جو اشتھار آيو. هن اپلاءِ ڪيو ۽ چونڊجي ويو. انھن ڏينھن ۾ اسان جو جھاز ڪراچي آيو هو ۽ ڪئپٽن عالم شيخ (جيڪو پڻ اسان وارن ڏينھن ۾ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هو) کان لطيف پڇڻ آيو ته “پَرسَر” ڇا ٿيندو آهي. کيس ٻڌايوسين ته جھاز جو پرسر کاڌي پيتي جو انچارج ٿيندو آهي. جھاز جا بورچي، بَئرا وغيره هن جي هٿ هيٺ ڪم ڪن ٿا. پوءِ پنھنجي نئين نوڪريءَ جو ٻڌيائين. ڪجهه ڏينھن بعد سندس جھاز ڪراچي پھتو ۽ يڪدم Sail ڪرڻ بدران شپ يارڊ ۾ اچي بيٺو جتي سندس مھينو کن مرمت هلڻي هئي. لطيف روز صبح جو شپ يارڊ ويندو هو ۽ شام جو موٽندو هو. اسان روز موسيٰ لين سندس گهر ويندا هئاسين. جھاز جي ڪا خاص ڳالهه نٿي ڪيائين. عالم مون کي پنھنجي منھن چيو: ”يار! پرسر جو جاب ڏکيو آهي، جو مختلف ماڻھن سان منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ هر هڪ کي خوش رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ۽ پئسينجر جھاز تي ته هيڪاندو مشڪل آهي. آهي ته پاڻ وارو لطيف به لاهه مڙس پر لڳي ٿو رضيه غنڊن ۾ ڦاسي پئي آهي.“
اسان کي وهاري پاڻ ٻاهر هوٽل تي چانھه لاءِ چوڻ ويو. اسان کي به ٿي کڻي مستي سو ٽيبل تان سندس ڊائري کڻي پڙهڻ ويٺاسين. ڪنھن فارين جھاز ران ڪمپنيءَ جي تمام وڏي سائيز جي ڊائري هئي پر هر صفحي تي ڪا هڪ هڪ سٽ مس لکيل هئي. ”اڄ هن وقت اٿيس ۽ جھاز تي ويس.“ انگريزيءَ ۾ هو. ان بعد ٻئي ڏينھن به اهو ئي ڪجهه لکيل. ٽئي ۽ چوٿين ڏينھن به اهوئي جملو. پنجين ڏينھن (جنھن کان پوءِ هر روز گهر ۾ ئي نظر اچڻ لڳو هو) اڃا به مختصر لکيل هو:
(Went to ship. Lots of problems and problems and problems... Left ship)
اسان کي پڙهي ڏاڍي کل آئي. عالم چيو لطيف سدائين اسان تي چرچا ڪيا آهن. اڄ اچي ته تنگ ڪيونس. پوءِ ظاهر آهي اسان کيس جڏهن ڇتو ڪيو ته صحيح ڳالهه ٻڌايائين ته هو جھاز تي نه پيو وڃي.”يار جھاز تي نوڪري ڪرڻ ڪو شريف ماڻھوءَ جو ڪم آهي. روز ڏهه ڏهه مسئلا. ڪڏهن کاڌو ٺيڪ ڪونھي. ڪڏهن ڪٽلري ۽ ڪراڪري صحيح ناهي. جھاز جا آفيسر ته آفيسر خلاصين به بيزار ڪري رکيو. اڃان ته مسافر نه چڙهيا هئا ۽ نه جھاز Sail ڪيو.“ڪجهه ڏينهن بعد اسان جي جهاز ڪراچيءَ کان لنگر کنيو. جولاءِ آگسٽ جو مھينو هو. ڪراچي ڇڏڻ سان اهڙو ته سمنڊ خراب مليو جو ڏينھن رات الٽيون ڪڍندي عربي سمنڊ پار ڪيوسين. ڏينھن ٻن جي فرحت بعد وري موزمبق چئنل کان وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ تائين هفتو کن حالت خراب رهي. انھن ڏينھن ۾ ائٽلانٽڪ صحيح ملندو آهي، پر اهو سمنڊ به خراب مليو. ۽ انگلينڊ پھچڻ کان اڳ وارو سمنڊ Bay of Biscay ته ورلي ڪو صحيح رهي ٿو. سڪي هڏا ٿي وياسين. جھاز جي جسم ۽ انجڻ کي به سخت نقصان رسيو. مسين مسين لنڊن پھتاسين. پھرين ڏينھن ته گهمڻ لاءِ نڪري نه سگهياسين. هڪ ٿڪ هو ۽ ٻي انجڻ جي ڪجهه ضروري مرمت. ٻئي ڏينھن شھر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. هيءَ ٿيمس ندي. هي هتي جو وڏو گهڙيال بگ بين جنھن جو ٺڪاءَ اسان بي بي سي ريڊيو تان ٻڌندا آهيون. هي هائيڊ پارڪ جنھن ۾ توهان کي هر تقرير ڪرڻ جي آزادي آهي. هي لنڊن جو مشھور علائقو پڪڊلي سرڪس. هيءَ آڪسفورڊ اسٽريٽ. هي ٽرائفالگر اسڪائر ۽ نيلسن ڪالم. ۽ انھن جي سامھون وارو روڊ (شايد اسٽرانڊ روڊ آهي) تي بس نمبر يارهين، چوويھين ۽ ستھتر جي بس اسٽاپ وٽ هڪ برگر شاپ ۾ اسان وارو عبداللطيف بيٺو برگر وڪڻي! مون کان وري رڙ نڪري وئي. “يار تون ماڻھون آهين يا جن؟ سچ ٿو ڊاڪٽر سليمان شيخ چوي ته نذير چنا ۽ تنھنجي پيرن ۾ ڦيٿا آهن جو جتي ڪٿي پھچيو وڃو.“
عبداللطيف پنھنجي ساڄي هٿ جي شاهد آڱر آسمان ڏي کنئي. آئون سمجهي ويس ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي پر مون سان گڏ ٻين جھازين جن کي سنڌي نه پئي آئي، تن سمجهيو هو نيلسن ڪالم کي ڏسڻ لاءِ اشارو پيو ڪري. ”بس ادا اها اٿئي رب کي طاقت. هاڻ پھرين ٻڌاءِ ته ڪھڙو برگر کائيندائو. بلڪه جيڪو وڻناوَ کائيندا وڃو.“
آئون لطيف کي هتي اوچتو ڏسي جنھن حيرت جي عالم ۾ اچي ويو هوس ان تي اڃان ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهيس ۽ هي ايئن نارمل ٿيو پيو ڳالھائي ڄڻ ڄائو نپنو ئي هتي هجي. نيٺ چيو مانس: ”يار اسان پيا سمنڊ تي بڇڙا ٿيون ۽ تون ويٺو هتي ’ڪجهه توراريو ڪجهه چورايو‘ ڪرين. مون ته سمجهيو ته وڌيڪ پڙهندين يا سرڪاري نوڪري ڪندين؟“
ڀاڪر پائي چيائين: ”مٺا! پڙهڻ الڳ شيءِ آهي ۽ پورهيو الڳ. جيڪي پئسا هئا ان جي ٽڪيٽ وٺي مھينو اڳ هتي پھتو آهيان. موڊ ٿيو ته کڻي وڌيڪ پڙهندس في الحال هن دڪان ۾ روز جي حساب سان جاب ملي ويو اٿم“.
انھن ڏينھن ۾ ٻي ملڪ ۾ وڃڻ ايترو ڏکيو نه هو. رڳو پاسپورٽ ٺھرائڻو پوندو هو. ڪيترن ملڪن جي ته ويزا جي به ضرورت نه هوندي هئي. يا وڌ ۾ وڌ ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پھچي پوءِ ٺپو هڻائڻو پوندو هو. سستائيون هيون. انگلنڊ توڙي يورپ جي ملڪن ۾ نوڪريون ۽ ڌنڌا (Jobs) سولائي سان ملي ويا ٿي. آمريڪا (USA) ۾ اڃان به بھتر حالتون هيون. اسان جو جھاز هفتو کن لنڊن ۾ هو. موڪل مھل لطيف اسان وٽ هليو ايندو هو يا آئون هن وٽ پھچي ويندو هوس. لنڊن بعد لورپول ۽ ٻين بندرگاهن بعد اسان جو جھاز ڪراچيءَ موٽيو. ست اٺ مھينن بعد جھاز وري لنڊن آيو پر لطيف نظر نه آيو. ڪنھن چيو اسڪاٽلينڊ هليو ويو آهي، ڪنھن چيو جرمني ۾ آهي ڪنھن چيو واپس ڪراچيءَ هليو ويو. اسان جي جھاز به ان بعد انگلينڊ يورپ پاسي وڃڻ ڇڏي ڏنو. جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا پاسي گهڻو وڃڻ ٿيندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن آفريڪا جي ملڪن ۾. ٻن اڍائي سالن بعد اسان کي جھاز کي ڪئناڊا وٺي وڃڻو پيو. اتان پوءِ نيويارڪ آياسين. گهڻو اڳ نيويارڪ اچبو هو ته ٽنڊي قيصر جي نور احمد نظاماڻي ۽ جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر سان ملاقات ٿيندي هئي. هاڻ هو آمريڪا کي ڇڏي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. يوسف ڏاهريءَ جي به خبرپيئي ته ڪجهه مھينن لاءِ ٽنڊو جان محمد ويو آهي. اهي سڀ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ کان پنج ڇهه گهٽيون اورتي هڪ سئو هڪ گهٽي تي هڪ فليٽ ۾ سالن کان رهيا ٿي. آخري سالن ۾ عبدالرزاق شيخ ۽ سليم شاهه (اي ڪي لوڌيءَ جو ڀيڻويو ۽ ليکڪ طارق اشرف جو مائٽ) حيدرآباد کان آيا هئا ۽ دڪان کوليا هئائون. آئون سليم شاهه سان ملڻ ويس جيئن هن وٽان ڪجهه “سھڻي” رسالا کڻي اچان. سليم ۽ سندس گهر واري ادي پروين دڪان تي ئي هئا. منجهند جو وقت هو سو ماني کائڻ لاءِ مون کي به چيائون. هٿ ڌوئي ٽفن کوليون ته صبح جو گهران آندل سئنڊوچون ٺھن ئي ڪونه. سليم کلي پيو ته ڪجهه ڪاوڙ به پئي آيس ته ڪير کائي ويو. ڪم واري شيديءَ ٻڌايس ته صبح جنھن دوست کي ٿوري دير وهاري ويو هئين اهو ان مان ڪجهه کائي ٻيون کڻي ويو. سليم ٽھڪ ڏئي چيو: “يار هن لطيف انصاريءَ اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي.”
”لطيف انصاري؟“ مون کي لڳو ته اهو ڪٿي اسان وارو نه هجي. ”ادا سليم! اهو ڪٿي جو آهي. هالا جو ته نه آهي؟“.
”ها. ها. هالا وارو اهو ڊگهو.“ سليم کلندي چيو.
مون ساڻس ملڻ لاءِ سليم کي چيو.
”هنن ٻن ڏينھن ۾ ته ساڻس ملڻ مشڪل آهي. هينئر هو اسان کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سئو ميل پري پھچي چڪو هوندو.“
سليم ٻڌايو ته هو ٻن سالن کان هتي نيويارڪ ۾ انور شيخ (عبدالمجيد سنڌيءَ جي وڏي پٽ) سان گڏ رهي ٿو ۽ هڪ بوتيڪ شاپ ۾ سيلز مئن ٿي ڪم ڪري ٿو. مالڪن کيس هڪ وڏي گاڏي وٺي ڏني آهي. هتان ڪپڙن جا نمونا (سئمپل) کڻي آمريڪا جي مختلف شھرن ۾ وڃي ٿو ۽ اتان آرڊر بڪ ڪرائي ٿو. آئون لطيف لاءِ نياپو ڇڏي جھاز تي پھتس. ٽئي يا چوٿين ڏينھن لطيف مينھن واچ ڪندو جھاز تي پھتو. خوش خير عافيت بعد ٻڌايائين ته لنڊن ۾ ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ بعد برگر کائڻ واري هڪ فرينچ همراهه کيس پنھنجي دڪان تي ڪم ڪرڻ لاءِ پئرس وٺي ويو، جتي JUJUBI CO نالي هڪ بوتيڪ شاپ تي هن پنج مھينا کن پئرس ۾ ڪم ڪري پوءِ ان ئي دڪان جي هن برانچ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي نيويارڪ موڪليو ويو جتي ٻن اڍائي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي.
ان بعد نيويارڪ منھنجو وري اچڻ ٿيو پر لطيف سان ملاقات نه ٿي سگهي جو هو پراڻي ڪمپني ڇڏي ٻيءَ ۾ هليو ويو هو. دوستن کان خبر پئي ته هو ٻيا به ٻه سال کن آمريڪا ۾ رهيو ان ۾ ڪڏهن J.C.Penny وارن وٽ ڪم ڪيائين ته ڪڏهن Sears Robbk جن جي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾. آخري سال ته Burdines جھري ناليري فرم جو به سيلز مئن ٿي رهيو. بھرحال پنج سال کن يڪا آمريڪا ۾ رهڻ بعد جڏهن ڳوٺ آيو ته منھنجي ساڻس ملاقات ٿي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو وزير تعليم پيار علي الانا هو. مون کي خبر پئي ته هو الانا صاحب جو سيڪريٽري ٿيو آهي. نيويارڪ ۾ جڏهن ساڻس ملاقات ٿي هئي تڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به اتي آيل هو ۽ اها خبر پئي هئي ته آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ذهين شاگردن کي ڀٽي صاحب پاڪستان اچي نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڀٽي صاحب اقبال آخوند جي معرفت (جيڪو انھن ڏينھن ۾ يونائيٽيڊ نئشنس UNO جو سفير هو) لطيف کي به آڇ ڏني هئي پر هي تن ڏينهن ۾ موٽڻ بدران ڪجهه دير سان موٽيو.
آئون انھن ڏينھن ۾ مھينو کن پاڪستان ۾ هوس. ڳوٺ جي پنھنجن توڙي ڌارين ماڻھن واتان لطيف جي ڏاڍي تعريف ٻڌم ته هو هر غريب غربي ۽ ضرورتمند جي بنا ڪنھن لالچ جي مدد ڪري ٿو. هڪ دوست کي چيم ته لطيف کي ماڻھو ڏاڍيون دعائون ٿا ڏين ۽ تعريف ٿا ڪن.
”جتي ماڻھو هن کي پسند ڪن ٿا“، هن ٻڌايو،”اتي هن جي مشھور ٿيڻ ۾ ڪجهه سڙن به ٿا ۽ لڳي ٿو ته هن کي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏيندا“.
۽ واقعي ٿيو به ائين. لطيف جي به دل ڀڄي پئي ۽ ان نوڪريءَ کي الوداع چئي اچي ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۾ آفيسر ٿيو جيڪا پوءِ نئشنلائيز ٿيڻ بعد ڪاٽن ٽريڊنگ ڪارپوريشن ٿي.
پر ان ڪاٽن ايڪسپورٽ ۾ اچڻ کان اڳ هو سال ٻه سعودي عرب جي شھر دمام، الخبر ۽ دهران وغيره ۾ به رهيو.اتي به منھنجي ساڻس اوچتي ملاقات ٿي. اسان جو جھاز سعودي عرب وارن لاءِ آمريڪا کان موٽر ڪارون کڻي سعودي عرب جي اتراهين بندرگاهه دمام ۾ لنگر انداز ٿيو. اتي جي ڀر واري شھر الخبر ۾ اسان جو هڪ ڳوٺائي ۽ مون کان سال سينئر (عبداللطيف انصاري جو ڪلاس ميٽ) ڊاڪٽر محمد يوسف ابڙو ”ڪنگ فھد ميڊيڪل ڪاليج“ ۾ پروفيسر هو، ان کي مون دمام پھچڻ جو اطلاع موڪليو هو. جھاز جي دمام پھچڻ تي ٻئي ڏينھن منجهند ڌاري مون کي جھاز تي اطلاع مليو ته منھنجو ڪو مھمان بندرگاهه جي گيٽ تي انتظار ڪري رهيو آهي. ان کي جھاز تي وٺي اچڻ لاءِ مون کي گيٽ تائين وڃڻو پوندو. آئون يڪدم تيار ٿي گيٽ ڏي روانو ٿيس. پڪ هيم ته ڊاڪٽر يوسف ابڙو ئي هوندو، جنھن کي خط لکي پنھنجي اچڻ جو پروگرام ٻڌايو هوم. گيٽ تي پھچي کڻي ڏسان ته ڊاڪٽر يوسف بدران عبداللطيف انصاري بيٺو آهي.
”تون هتي ڪيئن؟“ مون وائڙو ٿي پڇيو مانس.
”چڱو چڱو هاڻ گهڻو ئي ٿيو،“ لطيف ڪجهه ڪاوڙ جو اظھار ڪيو،”ٻين کي خط لکندي اهو ڪو خيال ٿيئي ته آئون به هتي آهيان. انھي ڪري آئون ته توسان ملڻ آيس ئي ڪونه ٿي، پر ڊاڪٽر يوسف جيڪو موڪل تي ڳوٺ ويو آهي، ڳوٺ وڃڻ وقت مون کي قسم وجهي ويو هو، تڏهن توسان ملڻ آيو آهيان.“
”يار! هاڻ ٿڌو ٿي مون کي ڪھڙي خبر ته تون هتان اچي نڪتو آهين“.
مون کيس سرچائڻ جي ڪئي ۽ واقعي اها مون لاءِ News هئي بلڪه Surprise ته لطيف جھڙو آزاد خيالن وارو ماڻھو عربن جي هن ٻوساٽيل ماحول ۾ اچي نڪتو آهي. يعني هي اڄ جا عرب جيڪي گورن يورپين اڳيان ته سائين سائين ڪن ٿا باقي اسان جھڙن کي غلام سمجهن ٿا.
بھرحال اسان جو لطيف سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصو رهي پوءِ ئي ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن م آيو هو.
ان بعد منھنجي عبداللطيف سان ڪافي عرصو ملاقات نه ٿي هئي سو هي انتساب لکڻ لاءِ رات فون ڪري پڇيومانس ته ڪاٽن ٽريڊنگ ڪارپوريشن بعد پوءِ ڇا ٿيو.
”پوءِ لڳو مارشل لا ۽ مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون.“ لطيف ٺهه پهه جواب ڏنو.
”پوءِ تو ڇا ڪيو؟“
”پوءِ بس ڪارو ڪوٽ کڻي پاتوسين“.
”ڇا مطلب؟“ مون سندس ڳالهه نه سمجهي.
”صفا ڪو ڍڳو آهين“، لطيف ڪجهه بيزاريءَ مان ڪجهه چرچي مان چيو،”ڪاري ڪوٽ جو مطلب نٿو سمجهين؟ وڪيل ٿيس، ڀائو وڪيل ٿيس. سمجهئه؟ پھرين جنوري 1978ع کان پرئڪٽس شروع ڪيم. پھرين سيپٽمبر 1980ع تي هاءِ ڪورٽ جو ائڊووڪيٽ ٿيس ۽ 21 مارچ 1998ع کان سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان“.
اسان جو لطيف وڪالت وارا شروع جا سال حيدرآباد سنڌ گورنمينٽ لا ڪاليج جو ڏهاڪو کن سال پروفيسر به ٿي رهيو. عبداللطيف 1990ع کان 1997ع تائين اسسٽنٽ ائڊووڪيٽ جنرل سنڌ به ٿي رهيو. ان جي به مون کي اوچتو خبر پيئي. 1994ع ۾ سئيڊن مان موٽڻ بعد آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي اليڪشن هلي رهي هئي، جنھن جو آئون به لائيف ميمبر آهيان. ووٽ ڏيڻ لاءِ اندر هال ۾ وڃان ته لطيف ڪمپليٽ سوٽ ۾ بيٺو آهي. ”ڪر خبر تون به آرٽس ڪائونسل جو ميمبر آهين؟“ مون حيرت مان پڇيو مانس.
” آئون ميمبر نه آهيان، پر حڪومت سنڌ طرفان توهان جي هيءَ اليڪشن جي نظرداري ڪرڻ آيو آهيان“.
اها حقيقت هئي ته اسان جي هن اليڪشن تي ڦڏو هلڻ ڪري هر هر ڪئنسل ٿي رهي هئي. سندس ڀر ۾ ٻه پوليس وارا با ادب بيٺل ڏسي پڇيومانس ٿي ته پوليس جو ڪو آفيسر ٿي ويو آهين. پر ان کان اڳ منھنجي ڀر ۾ بيٺل ٽي ويءَ جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ چيو : ”سائين اسسٽنٽ ائڊووڪيٽ جنرل سنڌ آهي“.
لطيف پنھنجي ان نوڪريءَ دوران چارئي هاءِ ڪورٽون ۽ سنڌ سروس ٽربيونل هلايو. ان سان گڏو گڏ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل جي سلسلي ۾ جيڪو حڪومت پاران انڪوائري ٽربيونل مقرر ڪيو ويو هو، جنھن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس ناصر اسلم زاهد ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج: جسٽس امان الله عباسي ۽ جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد سنڌ هئا، تن جي مدد لاءِ عبداللطيف انصاري کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ٽربيونل پنھنجي رپورٽ ۾ اهليت، قابليت ۽ ٽربيونل جي قانوني مدد لاءِ هن کي خصوصي طرح ساراهيو هو.
عبداللطيف جون مٿيون ڳالهيون لکندي هڪ ڳالهه رهجي وئي. هالا جو اسڪول ڇڏي آئون پيٽارو آيس جتي مئٽرڪ ڪلاس ۾ اسان کي ريل رستي لاهور، امرتسر، دهلي، ڪلڪتي ۽ ڍاڪا بعد چٽگانگ وٺي آيا، جتي اسڪائوٽنگ جي جمھوري هئي. اتي پھچي ڏسان ته عبداللطيف موجود هو. هن ٻڌايو ته منھنجي هالا ڇڏڻ بعد هن نواب شاهه جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي جي شاگردن سان گڏ هو ڪراچي کان پاڻي واري جھاز رستي ڪولمبو کان ٿي هتي چٽگانگ پھتو آهي.
لطيف هاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي وڪالت ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ هن وقت هن اهو ئي سوچيو آهي، پر مون کي ڪيئن يقين اچي. عمر جي لحاظ کان کڻي هو اڄ پنجونجاهه سالن جو ٿيو آهي پر سندس دل اها ئي جوان آهي، طبيعت اهائي البيلي آهي. ڳالھائڻ جو اسٽائيل اهو ئي خوش مزاجي وارو آهي. اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته هاڻ هو هتي ئي هجي. يعني انھيءَ ئي جاب (وڪالت) ۾ هجي پر هن جي ماضيءَ جو رڪارڊ توهان خود ڏسي رهيا آهيو، ته اهڙو رهيو اٿس جو ڪنھن وقت به ڪيڏانهن به وڃي سگهي ٿو ۽ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
باءِ دي وي عبداللطيف جي ڄم جي تاريخ 7 جنوري 1943ع آهي.
الطاف شيخ
2 سيپٽمبر 1998ع
ڪراچي.