وقت هجي ته راند کيڏجي
اهڙن موقعن تي وقت گذارڻ لاءِ جھاز وارا شطرنج، ليوڊو يا مونو پليءَ جھڙيون رانديون ويٺا کيڏندا آهن. هڪ ڏينھن ڪنھن جھازيءَ چيو ته يار شطرنج خبر ناهي ڪھڙي انگريز ايجاد ڪئي آهي. واهه جي راند آهي. مختصر سامان سان هڪ ئي هنڌ ويهي کيڏي سگهجي ٿي ۽ دماغ تي به ڪو اثر گهڻو بار نٿو پوي.
ٻئي چيو: ان راند کان وڌيڪ بھتر ته ليوڊو راند آهي ۽ اڃان به بهتر آڌيلي واري راند آهي، جيڪا پنھنجن موالين ايجاد ڪئي آهي. ان ۾ ته مغز تي زور بنهه ڏيڻو نٿو پوي.
”اهو ڪيئن...؟“ ڪنھن پڇيو.
”ان راند ۾ ٻه موالي پنھنجا پنھنجا آڌيلا (پنجاهه پئسن جو سڪو) وچ تي رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا هوندا.پوءِ جنهن جي آڌيلي تي پهرين اچي مک وهي، ان جا ٻئي ٿيا“.
اسان جا ڪي ڪي جھازي پتي راند جا به هيڊ ماستر_ يعني چيمپئن ٿين. هڪ دفعو کيڏڻ لاءِ وهندا ته ڪلاڪن جا منھن چٽ. ڏينهن گذري رات ٿي ويندين ۽ رات گذري اڇو صبح ٿي ويندو، ڪو هوش نه هوندو اٿن. ان راند جي چوس نه فقط جھاز تي پر ڪيترن کي ڪناري تي به قائم رهي. هڪ دفعي پتي جي راند تان اسان جي دوست چيف انجنيئر حاذق ۽ ريڊيو آفيسر منظور جو پاڻ ۾ روسامو ٿي پيو.
ڳالهه هيئن ٿي جو چيف انجينئر ۽ ريڊيو آفيسر خميس ڏينھن پنھنجي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس مان گهر موٽڻ مھل، رستي تي چيف صاحب جي گهر اچي کيڏڻ ويٺا ته رات ٿي وئي، پر راندهلندي رهي. رات گذري ٻيو ڏينھن جمعي جو شروع ٿيو. ماني ٽڪي به اتي پئي هلي. جمعي جو ڏينھن پورو ٿيڻ تي رات ٿي ۽ پوءِ ڇنڇر جو صبح... ريڊيو آفيسر ته موڪل تي نه هو ۽ هن کي آفيس وڃڻو هو، سو ڇنڇر ڏينھن نائين بجي ڌاري هن چيف انجنيئر کي چيو: ”يار هاڻ راند بند ڪرڻ کپي، مون کي آفيس وڃڻو آهي. دير پئي ٿئي.“
ريڊيو آفيسر ٻڌايو ته فقط ايتري ڳالهه ٿي. بس ان تان اسان وارو چيف انجنيئرحاذق صاحب بگڙي ويو. سڀني اڳيان دانھون ڪري مون کي چوڻ لڳو ته “جڏهن ايترو جلدي ۾ هئين ته پوءِ مون سان پتي راند شروع ڇو ڪئي؟”