سمنڊ تي جھازيءَ جو حال
سڀني کي ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي جھاز جڏهن سمنڊ تي آهي ته سڀ سجدي ۾ آهن. ڪناري تي جيڪي جھازي مسجد واري ڳريءَ مان ئي نٿا لنگهن، سمنڊ ۾ تن جا به چئمپل جھاز ۾ ٺھيل مسجد ٻاهران نظر ايندا آهن. جھاز جا اونھان لوڏا، سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، هوائن جا اڻ ٽر طوفان، ۽ ان اڳيان دل کي ڪکندڙ انجڻ جون اندروني خرابيون ۽ جھاز جي تختن (Hull) جي هيڻائيِءَ جو حساب لڳائي، دل دهلجيو وڃي. سمنڊ تي هر وقت دل ٻاڏائي ٿي ته ”هادي حفظ ۾ رکيج. هن بندي جي ڪا ڀيڻي ناهي. تون ئي ڀرم رکج.“
ڇا پراڻن، يا چڱي طرح نه سنڀاليل جھازن تي_ جتي اسٽئنڊ باءِ جنريٽر هلڻ جي ڪا اميد نه آهي، بلج جو پاڻي ڪڍڻ وارو اڪيلو پمپ گڙٻڙ ڪري رهيو آهي، بئالر هڪڙو ئي آهي سو به ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، اتي ڪھڙو به دلير انجنيئر هجي، هو هميشه من ۾ مالڪ کي ٻاڏائي ٿو: شل نه جنريٽر بيھي رهي، شل نه بئالر ڌڪ ڪڍي، شل نه پمپ ويھي رهي .... ۽ جي وچ سمنڊ ۾ ڪجهه ٿي پيو ته ڇا ٿيندو. سوچڻ سان سيوڪاري ٿي ٿئي ۽ موت جو ڀيانڪ نظارو اکين اڳيان ٿو اچي.
ڇا سياري ۾ اُتر ڊئنمارڪ، ناروي، روس ۽ اتر ڪئناڊا پاسي جھاز هلائيندي سندس اڪيلو بئالر جي ٽنگون ٽيڙي بيھي رهي ته اتي جي Sub Zero واري سرديءَ کي انسان ڪئين ٿو منھن ڏئي سگهي. ڏهه سَوڙون به اهو سيءُ جهلي نه سگهن. ان وقت ڏامر جھڙي گهاٽي تيل HFO کي بنا گرم ڪرڻ جي ڪھڙو چيف انجنيئر انجڻ کي ان تي هلائي سگهندو. ساڳيو حال سمنڊ تي ڊيڪ آفيسرن (نيويگيٽرن) جو آهي. بي آف بسڪي جھڙن سمنڊن جي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾، يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙن اڻانگن بندرگاهن ۾، رات جي وقت، خراب رڊار ۽ نقص واري”جارو ڪئمپاس“ سان Approach ڪرڻ وقت ڪئپٽن يا چيف آفيسر جي دل جو حال ڪنھنڄاتو آهي؟ اهڙن موقعن تي سمنڊ تي توهان کي هڪڙو به دهريو نظر نه ايندو.