پنجابي فلمن جو ولين آفريڪا ۾
جھاز موزمبق جي بندرگاهه لارينزومارڪس ۾ ڪارگو کڻڻ لاءِ آيو هو. موزمبق آفريڪا جي ڏکڻ واري حصي ۾ اڀرندي ڪناري تي آهي. سندس مٿان تنزانيا آهي ۽ هيٺ سائوٿ آفريڪا. ساڄي پاسي موزمبق چئنل وارو سمنڊ اٿس ته کاٻي پاسي ”وچ آفريڪا“ جا ملڪ: ملاوي، زئمبيا ۽ روڊيشيا آهن. ڪراچيءَ کان مڙيئي نو ڏهه ڏينھن جو پنڌ ٿيندو. پر تن ڏينھن ۾ اڃا ايترا تيز رفتار جھاز نه به هئا ۽ ان دفعي اسان کي سمنڊ به تمام خراب مليو هو سو لاررينزو مارڪس (موزمبق) پھچڻ ۾ پنڌرهن ڏينھن لڳي ويا. ۽ جڏهن پھتاسين ته خبر پيئي ته بندرگاهه ۾ جڳھه ناهي. سو اسان جي جهاز کي ٻاهر ئي کلئي سمنڊ ۾ ائنڪر ڪيرائي انتظار ڪرڻو پيو. ڪيترن ڏينھن جي ڊگهي ۽ اڻانگي سفر بعد ڪراچيءَ کان لارينزو مارڪس پھتا هئاسين، سو ڪناري تي قدم رکڻ لاءِ دل ماندي ٿي رهي هئي. بندرگاهه وارن جي نياپي مان اهو ئي لڳو ٿي ته في الحال ٽي چار ڏينھن ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهر ائنڪريج تي ئي هوائون کائڻيون پونديون. وڌيڪ ڪجهه ڪري به نٿي سگهياسين. هڪ ته پورچوگالين جي ڪالوني هجڻ ڪري ڪنھن انگريزي به نٿي سمجهي جو کڻي لوڪل آفيس وارن کي چئجي ته خطپٽ آيل هجي ته اهو ٻيڙيءَ رستي اسان کي جھاز تي پھچايو. وائرليس تي ويٺل همراهه هر ڳالهه جو جواب فقط هڪ رٽيل انگريزي جملي سان ٿي ڏنو:
No Message for your ship, please wait outside for a few days.
سو اسان ڍرا ٿي ويھي رهياسين.اسان ته هونئن ئي جونئر هئاسين. جي موڪل ٿئي به ها ته ظاهر آهي پھرين سينئر وڃن ها. سو اسان کان وڌيڪ آنڌ مانڌ کين هئڻ گهرجي ۽ هئي. اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينھن منجهند ڌاري پري کان هڪ موٽر بوٽ(لانچ) اسان جي جھاز ڏي ايندي نظر آئي. اها لانچ ”شپ چانڊلر“ جي هئي، جنھن جو ڪم ٻين ملڪن کان آيل جھازن جي گهرج موجب ڊيڪ، انجڻ ۽ کاڌي پيتي جو سامان مھيا ڪري بل هيڊ آفيس کي موڪلڻ آهي. کيس اسان جي هيڊ آفيس طرفان نياپو ويو هو ته جيئن موزمبق کانپوءِ اسان جو جھاز آمريڪا جي ڊگهي سفر تي ويندو، سو رستي جي ضرورت جون شيون هتي آفريڪا جي هن بندرگاهه ۾ ئي ڏنيون وڃن.
شپ چانڊلر پورچو گالي هو. اڃا موزمبق آزاد نه ٿيو هو. سو وڏين نوڪرين، کاڻين، ٻنين ٻارن تي پورچوگالين جو ئي قبضو هو. لوڪل ماڻھن يعني شيدين، فقط سخت پورهئي وارا ڪم يا وڏو ڇيهه ته هوٽل جا بئرا يا ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيو ٿي. بھرحال ”شپ چانڊلر“ هڪ خوش مزاج طبيعت جو انسان هو ۽ ٿوري انگريزي به آيس ٿي، تنھن ڪئپٽن کي چيو: ”جھاز کي ڪجهه ڏينھن لاءِ ٻاهر انتظار ڪرڻو پوندو. مقامي ايجنٽ، جهازين لاءِ ٻيڙيءَ جو سڀاڻي کان بندوبست ڪيو آهي، جيڪا صبح شام جھاز کان بندرگاهه تائين هلندي. اڄ جيڪڏهن ڪو جھازي بندرگاهه ڏي هلڻ چاهي ته هو منھنجي ٻيڙيءَ ۾ هلي سگهي ٿو. واپسي جي بندوبست لاءِ ايجنٽ کي چوندس ته ڪا ڀاڙي تي ٻيڙي ڪري ڏين“.
اهو ٻڌي اسان خوش ٿياسين.
جھاز تي اهو فيصلو ٿيو ته جھاز کلئي سمنڊ ۾ بيٺو آهي، ان ڪري سڀ سينيئر آفيسر موڪل نه ڪن. انھن جو فقط ٽيون حصو وڃي ۽ اوترا ئي جونيئر ۽ خلاصي پڻ. جونيئر معنيٰ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر، جونيئر انجنير ۽ ففٿ انجنيئر وغيره. تن ڏينھن ۾ اڄ وارا هي ”ٿور_ماڻھوئا“ آٽوميٽڪ (unmanned_ships) جھاز نه هئا، جيڪي اڄڪلهه عام ٿيندا وڃن. تن ڏينھن ۾، ماشاء الله، هر جھاز تي سٺ ستر کن ماڻھن جو عملو هو. تن مان ويھارو کن شپ چانڊلر جي لانچ ۾ چڙهي لارينزو مارڪس بندرگاهه جي ڪناري تي اچي لٿاسين_ جيڪو موزمبق ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شھر ۽ گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. (لارينزو مارڪس پورچوگالي لفظ آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ موزمبق جي آزاديءَ بعد ان شھر جو نالو “ماپوتو” رکيو ويو آهي). اوڀر آفريڪا جي هن سامونڊي ڪناري واري خوبصورت شھر م اچي خوش ٿياسين. حقيقت ۾ خوشي شھر جي خوبصورتيءَ ڪري نه پر جھاز جي ساڳي ۽ بور ڪندڙ ماحول کان نجات ملڻ ڪري محسوس ٿي.
شپ_چانڊلر ٻڌايو ته سج لٿي مھل، اٽڪل ڇھين بجي ڌاري، هن ئي هنڌ تي اسان جي لاءِ ٻيڙي بيٺي هوندي جيڪا اسان کي جھاز تي واپس کڻي هلندي. جهاز تي واپس موٽڻ جو پروگرام ڌيان ۾ رکڻ بعد هرڪو ٽولي ٽولي ۾ ٽڙي پکڙي ويو. اسان جي ٽولي ۾ مون سان گڏ هڪ ڪئڊٽ (جيڪو اڄ ڪلهه ايران جي جھازن جو ڪئپٽن آهي۽ ٻيو فورٿ انجنيئر (مون کان هڪ رئنڪ مٿي) هو. آءُ تن ڏينھن م ففٿ انجنيئر هوس،يعني سڀ کان ننڍو انجنيئر.
بندرگاهه ۾ پھچڻ تائين هر ڳالهه ٺيڪ ٺاڪ پئي وئي. اسان ٽنھي مان هر هڪ جي کيسي ۾ ڪي پنج ڏهه ڊالر مس هئا، جن جي آڌار تي ٻانھ لوڏي شھر جا چڪر هڻڻ شروع ڪياسين. هڪ ڳالهه ضرور هئي ته تن ڏينھن ۾ جيتوڻيڪ جونيئر هئاسين، جھاز پراڻا ۽ تڪليف وارا هئا، ڊيوٽي سخت هئي، پگهار ٿورو هو پر خوشي ۽ خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو. اها گهڙي اڄ به ياد پئي اچي ته ڪيئن نه ٽئي ڄڻا لارينزو مارڪس (ماپوتو) شھر جي فٽ پاٿن تي کلندا ڪڏندا وڃي هڪ سستي قسم جي هوٽل ۾ چانھه پيئڻ لاءِ ويٺاسين. هوٽل جا بئرا مڪاني ماڻُھو شيدي هئا پر شيدي گراهڪن کي اندر گهڙڻ جي اجازت هئي. سستي قسم جي هوٽل هجڻ ڪري مڙيئي اسان جھڙن ايشين کي موڪل هئي. ٻين نج يورپي هوٽلن ۾ ته اسان کي به وهڻ جي اجازت نه هئي. اتي فقط پورچوگالي ۽ ٻيا اڇي ۽ ڀُوري کَل وارا يورپي پنھنجين ٿلھين سنھين مڊمن سان بالم ٿيو ويٺا هئا ۽ اسان فٽ پاٿ تان لنگهي ٿي وياسين. بھرحال انھن ڳالھين به اسان جي ذهن تي تنھن وقت ڪو اثر نٿي ڪيو. ڪو اچڻ ڏئي ته ڇا ۽ ڪو اسان کي ڪارو سمجهي نه اچڻ ڏئي ته به وڃي ڌوڙ پائي. حقيت ۾ اهڙي گوري جي مھانگي هوٽل ۾ کيسي ۾ پنج ڊالر رکي اسان به ڪيئن ٿي وڃي سگهياسين.
سو هڪ ڪت خلق واري هوٽل مان چانھه پي پوءِ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ شيدياڻيءَ سان_ جيڪا پنھنجي اڳيان چونئرن جو کارو رکيو وٺي هئي، ٿوري دير ڪچھري ڪري (جيڪا ڪچھري گهٽ ٽٽ مسخري وڌيڪ سمجهڻ کپي) ڏهين پنڌرهين ايسڪيوڊو (اڌ کن آمريڪن ڊالر) جا چونئرا وٺي اٿي کڙا ٿياسين. پوءِ فورٿ انجنيئر جي رهنمائيءَ هيٺ، چونئرا چڳندا، سمنڊ جي ٻئي پاسي، ڪناري ڏي هليا وياسين. هو پھرين به ٻه ٽي دفعا هتي اچي چڪو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هن شھر جا تانگها ڪنارا (Beaches) تمام صاف شفاف ۽ سانتيڪا آهن. اسان واري عربي سمنڊ واري ڇول ۽ اونھائي نه اٿن. واقعي ڪناري تي مزا لڳا پيا هئا. جيتوڻيڪ اسان کي وهنجڻ لاءِ سئمنگ ڪاسٽيوم نه هئا پر ترڻ تي دل ايڏو چاهيو جو ڪپڙا لاهي ڄاريءَ جي عام پاتل ڪڇن ۾ (جيڪي آلا ٿيڻ تي بدن سان چھٽي پيا هئا) سمنڊ ۾ ڌوڪي پياسين. ٻنھي پاسي ميلن ۾ تانگهو ڪنارو هو ۽ جيسين نظر وئي ٿي پورچوگالي ۽ ٻيا يورپي هئا. ڪا دير اسان به ترندا رهياسين. پوءِ آلن ڪڇن مٿان ڪپڙا پائي، ريتيءَ هاڻا آلا پير بوٽن ۾ وجهي ”گچڪ_ گچڪ“ جا ان مان آواز ڪڍندا، وري اچي شھر ڀيڙا ٿياسين. رستي تان هڪ شيديءَ جي استال تان ڊبل روٽيون ۽ کيچا بجيا ورتاسين ۽ اٺ جي گوشت جا ڪواب پڻ. ان بعد شھر جي ٻنھي ٽنھي سئنيمائن ۽ مڙني هوٽلن جي ٻاهران لڳل فلمي پوسٽر ۽ ويٺل ماڻھو ڏسي اچي بندرگاهه ۾ ٺڪاءُ ڪيوسين جو سج لھڻ تي هو. جيتوڻيڪ مئي جون جو مھينو هو پر موزمبق جيئن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي سو هي مھينا هتي سيارو ٿئي ۽ ڏينھن ننڍو ۽ رات وڏي ٿئي. سج به سوير ئي لھي، جيئن اسان وٽ اتر اڌ گول ۾ نومبر ڊسمبر ۾ ٿئي ٿو.
رستي تي هڪ ٻه دڪان هندو سنڌيءَ ۽ بمبئيءَ جي کوجي واپاريءَ جا هئا جن سنڌي ۽ ڪڇي ڳالھائي ٿي ۽ پاڻ کي ٻين ملڪن جي واپارين وانگر ”انڊين“ نه پر ”پاڪستاني“ سڏايو ٿي. اهو ان ڪري جو ”گوا“ جي ڦڏي جي ڪري پورچوگالي انڊيا وارن سان ٺھيل نه آهن ۽ هو ڪنھن به انڊين کي پنھنجي ملڪ يا بيٺڪي راڄ ۾ رهڻ يا واپار وڙي جي اجازت نٿا ڏين. بقول اليڪٽريڪل انجنيئر جي ته هونءَ انڊين دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ملندو پر پورچوگالي ملڪ ۾ دوا لاءِ به نه ملي سگهندو.
بندرگاهه ۾ پھتاسين ته خبر پيئي ته ايجنٽ ڀاڙي تي هڪ ٻيڙي ڪري ڏني آهي، جيڪا هڪ ئي وقت پنڌرهن کان مٿي ماڻھو نه کڻي سگهندي. پنڌرهن لانچ ۾ ويٺا ته باقي وڃي رهياسين اسان ٽي ڄڻا. گهڻو ئي کين چيوسين ته اسان کي به ان ئي ڀيري ۾ وٺي هلو جو جھاز پري آهي، ڪلاڪ ڏيڍ هتي سيءَ ۾ انتظار ڪرڻ کان بچي پونداسين، پر لانچ وارن شيدين اشارن ئي اشارن ۾ سمجهايو ته قاعدي جي سختي آهي. خاص ڪري هنن ڪارن تي. ڪجهه ٿي پيو ته سندن گورا مالڪ کين سزا ڏيندا ۽ نوڪريءَ مان به ڪڍي ڇڏيندا. سو ڦلھڙو منھن ڪري اسان ٽئي ڄڻا ڌڪي (Jetty) تي لڳل لوهي گارڊر_ جنھن سان جھاز ٻڌبا آهن، تي ويھي رهياسين. فورٿ انجنيئر ويو سو الائي ڪٿان هڪڙا سڪل ٺڪر جهڙا بسڪوٽ وٺي آيو. جيڪي سورتين ۾ نڪرندا آهن يا سنڌ جي ڳوٺن ۾ پساري دڪاندار، لوهي دٻن ۾ رکي، تور جي حساب سان وڪڻندا آهن. وات ۾ مس مس پڪ (Salvia) گڏ ٿي ٿي، جنھن جي آڌار تي اهي بسڪوٽ آلا ٿي چٻاڙڻ ۽ ڳھڻ لائق ٿيا ٿي. بک ڏاڍي هئي، سو وڻيا پئي. ڪلاڪ سوا بعد ٻيڙي ڀيرو ڪري واپس پھتي. آفيس وارن هن ٻيريءَ وارن سان اُڪو ٻولايو هو ته هي سڀ ماڻھو جھاز تي پھچائڻا آهن، چاهي هڪ ڦيري جا ٿين ٿا يا ٻن جا. سو هاڻ ٽن ماڻھن ڪري ڦيرو ڪرڻ هنن لاءِ نقصانڪار ڳالهه هئي، پر هو ٻول جو ڪري ويٺا هئا سو کڻڻو پين. اهو ئي سبب هو جو ٻيڙيءَ جي ناکئي ۽ سندس مددگار شيدين جي منھن تي رونق جو ذرو به نه هو. ويتر واپس اچڻ مھل کان سمنڊ به خراب ٿي چڪو هو. (جنھن جي ثابتي سندنآلن ڪپڙن ۽ ٻيڙيءَ جي ڀنل بينچن پئي ڏني). اسان منھن جا پڪا ٿي ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين ۽ هنن منھن وڌيڪ بڇڙو ڪري ٻيڙي هلائي.
ايندي سمنڊ ماٺو هو ۽ شپ_چاندلر جي لانچ به وڏي ۽ طاقتور هئي ۽ هينئر ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه ڪلاڪن اندر سمنڊ به خراب ٿي پيو هو ته هيءَ ٻيڙي به ننڍي هئي. خاص ڪري هن ڦيري ۾ ٽن مسافرن ڪري اها ويتر هلڪي ٿي پيئي هئي، سو سمنڊ جي اونڌين ابتين ڇولين تي ڪاٺ جي ٻيڙي ڇوڏي وانگر هيٺ مٿي لڏڻ لمڻ لڳي. جھاز جي ڀرسان پھتاسين ته ڪڏهن جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ واري ڇول اڀامي ٻيڙيءَ کي جھاز کان پري ڪري ٿي ڇڏيو ته ڪڏهن وري ان وچ واري ڇول جي اڀام گهٽجڻ ۽ خال (Vacuum) پيدا ٿيڻ ڪري سَٽ سان ٻيڙي ڇڪجي ذري گهٽ جھاز جي لوهي جسم سان ٿي لڳي. ٻيڙي هلائڻ وارو شيدي ڪپتان جيتوڻيڪ هلائڻ جو ڪاريگر هو، پر اڳيان سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون ۽ هوا جو رخ اهڙو ٿي پيو جو ٻيڙي سنوت ۾ ئي نه پئي آيس. ويتر جو پهرين ڦيري ۾ پنھنجي ڪاٺ جي ٻيڙي جھاز سان هڪ ٻه دفعو ٽڪرائي چڪو هو سو هن ڀيري سندس ڪاوڙ جو پارو چڙهندو ويو. هڪ ٻه دفعو ٻيڙيءَ کي جھاز جي ڏاڪڻ جي ليول ۾ آندائين ۽ اهي چند سيڪنڊ ڪافي هئا جن ۾ اسان کي ڦڙتائيءَ سان ٻيڙيءَ جي مٿئين انديءَ (Gunwale) تان ٽپ ڏيئي جھاز جي ڏڪڻ جي ڪنھن ڏاڪي تي پير رکڻو هو ۽ هٿ ٻيڙيءَ جي هٿيءَ مان ڪڍي ڏاڪڻ جي رسيءَ ۾ کپائڻا هئا، پر جيئن ته هڪ ته اسان نوان هئاسين ۽ ان حالت ۾ لھڻ چڙهڻ جا اڃا ايڏا عادي نه ٿيا هئاسين، ٻيو ته رات جو وقت هو، سخت سيءَ ۽ ٿڌي پاڻيءَ ڪري هٿ پڻ اڌ کيرا ٿي چڪا هئا. ٽيون ته ڇولين ڪري ٻيڙي توڙي جھاز جي ڏاڪڻ تي ترڪڻ ٿي پيئي هئي. ان کان سواءِ ٿڪل پڻ ڏاڍا هئاسين. سو ٻيڙيءَ مان ٽپ ڏيندي ڏيندي ڊڄي ٿي وياسين، جو ان ئي گهڙيءَ ڇول ٻيڙيءَ کي جھاز کان گهڻو پري ٿي اڇلائي ڇڏيو، يا جھاز جي لوهي پليٽن سان وڃي ٿي ملايو يعني ٽپ ڏيڻ ۾ ٿوري به ڪوتاهي ڪرڻ تي سمنڊ ۾ ڦھڪو ڪرڻ جو خطرو هو يا وري ٻي صورت ۾ ٻيڙي ۽ جھاز جي وچ ۾ چيڀاٽجي مرڻ جو. انھن ٻنھي حادثن جا مثال پنھنجن پراون جھازن تي اکين سان ڏسي چڪا هئاسين.
اسان جي، جھاز تي چڙهڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ ٻيڙيءَ جو ذري ذري جھاز سان ٽڪرائڻ جي انديشي ڪري شيدي ڊرائيور کي خارون اچڻ لڳيون. پھرين ته دانھون ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ دڙڪا ڏيندو رهيو ته ”لھو منھنجي ٻيڙيءَ مان جلدي ڪريو.” پوءِ چڙ مان ٻيڙيءَ کي بندر گاهه ڏي واپس موڙي کڻي فل اسپيڊ رکيائين. باقي ٻيڙيءَ وارن ۽ اسان جڏهن سمجهايس ته هينئر رات جو ههڙي سيءَ ۾ ڪيڏانھن وينداسين تڏهن ڪا کيس ڪھل آئي ۽ ٻيڙيءَ کي موٽائي وري جھاز تي وٺي آيو. اسان جي ساڳي حالت سرڪس جي ڊڄڻي مسخري واري ۽ ٻيڙيءَ جھاز سان وري ٽڪرائڻ شروع ڪري ڏنو. شيدي ڊرائيور هڪل ڪري پنھنجن همراهن کي چيو ته هنن کي ٻيڙيءَ مان ڌڪا ڏيئي لاهيو. جيڪا ڳالهه اسان سندس خون خوار اشارن مان سمجهي ورتي. پر جڏهن سندس همراهن ڪو ائڪشن نه ورتو ته پاڻ لانچ جي اسٽيئرنگ ويل مان هٿ ڪڍي اسان ڏي وڌيو. هو ست فٽو قداور ۽ سانَ جھڙو متارو هو. سڌو اسان وٽآيو. هڪڙي ڪڇ ۾ مون کي ۽ ٻيءَ ۾ ڪئڊٽ کي کڻي اڇل ٿي ڏنائين. سا به ان مھل جڏهن ٻيڙيءَ وڏي ڇول تي جھاز کان اڌ ميل پري وڃي شپڪو ڪيو. ظاهر آهي سمنڊ ۾ ئي ڪرون ها. فورٿ انجنيئر جيڪو پراڻو هو، تنھن وري جو ڏٺو ته اسان کي شيدي ٿو ٻوڙي سو پنھنجي پَر ۾ ته هن اسان سان همدردي ٿي ڪئي پر ان مھل ئي محسوس ٿيو ته هاڻ بچڻ مشڪل آهي. اسان پاڏي جھڙي شيديءَ جي ڪڇن ۾ اڻ پاليل مورن وانگيان ڦٿڪي رهيا هئاسين ۽ هو ٻيڙيءَ جي بلڪل انَديءَ تي بيٺو هو ۽ هي اسان جو فورٿ انجنيئر پري کان کيس ٺونشا ڏيکاري انگريزيءَ ۾ دڙڪا ڏئي رهيو هو ته سڀاڻي آفيس ۾ رپورٽ ڪنداسين. مون ته ان وقت ئي دل ۾ چيو: ”چار صاحب! (يعني فورٿ انجنيئر صاحب) ماري رکيئي. هي اڌ جهنگلي ماڻھو ڇا ڄاڻن تنھنجن دڙڪن ۽ تنھنجي شيڪسپيئر جي ڊرامي مئڪبيٿ جي ڊائلاگن نما انگريزيءَ مان!“
چار صاحب جي دڙڪن تي شيديءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي ۽ پنجابي فلمن جي ولين وانگي وٺي هيئين ڦاڙ رڙ ڪيائين،جيڪا دانھن هو ڪنھن ڌارئين کي پنھنجي مڱينديءَ يا پاڙي جي ڇوڪريءَ سان زوريءَ هجائتو ٿيندو ڏسي ڪندو آهي. مون پڪ سمجهيو ته ٻي گهڙيءَ سمنڊ جي تري ۾ هونداسين ۽ هاڻ بقول شاهه لطيف جي: ”جتي ويا ڪين ورن ۽ جت ويريون واٽ نه ڏين، اتي اڻتارن، ساهَڙ! سِير لنگهاءِ تون“ وارو حساب ٿيندو.
چار صاحب جي دڙڪن تي شيديءَ ڪجهه دير سوچي، پوءِ اسان کي ڇڏي کڻي چار صاحب کي ٻکيو_ معنيٰ اسان ته في الحال ڇٽاسين يا پينڊنگ ۾ رهياسين، پر غريب فورٿ انجنيئر ڦاٿو. پوءِ ته منھنجيون ۽ ڪئڊٽ جون هيون شيدي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ منٿون، جنھن جي وات مان ڄڻ گجي وهي رهي هئي. انگريزي ته هن سمجهي ڪانه ٿي. اشارن سان اسان سمجهايس ته هن جھازيءَ جو دماغ صحيح ناهي. هن توکي گاريون ڪونه پئي ڏنيون. ايتري ۾ باقي ٻين شيدين اچي فورٿ انجنيئر کي سندس چنبي مان آزاد ڪرايو ۽ شيدي ڊرائيور کي اندر لانچ ۾ وٺي ويا.
هن هڪ دفعو وري لانچ کي جھاز جي ويجهو آندو.”مرتا کيا نه ڪرتا“ وارو حساب. اسان هڪ ٻئي پويان، الله جو نالو وٺي، کڻي ٽپ ڏنو... ٻوڙيا ته هونءَ ئي ٿي وياسين، سو ڇو نه ٽپ ڏيڻ جو جوکم کڻجي. ڪنھن جا پير ڏاڪڻ ۾ ڦٻي ويا ته ڪنھن جا هٿ ڏاڪڻ جي رسيءَ ۾ کُپي ويا. بس مڙئي اچي جھاز ڀيڙا ٿياسين. لانچ جو شيدي ڊرائيور هڪ دفعو وري پنجابي فلمن جي ولين وانگر رڙيون ڪُوڪون ڪري لانچ جي انجڻ اسٽارٽ ڪئي ۽ فل ائڪسيليٽر سان ڀڄي ويو.
ڪيترن سالن بعد ان ڳالهه جو تجزيو ڪرڻ تي محسوس ٿئي ٿو ته ان معاملي ۾ واقعي اسان جو ڏوهه هو. هي غريب شيدي، لانچ جو ڊرائيور ته ڇا پر اهڙين حالتن ۾ ڪو چيني، انگريز، جپاني يا پاڪستاني مڪراني ماڻھو هانگ ڪانگ، لورپول، اوساڪا يا ڪراچيءَ جي آئوٽر ائنڪريج تي اسان جي اهڙي ڪوتاهي ۽ سستي برداشت نه ڪري سگهندو. ڪو به پنھنجي لکها رپين جي ٻيڙي اهڙي خراب سمنڊ ۽ موسم ۾ جھاز سان ٽڪرائي ڇيتيون ڇيتيون ڪرڻ جو جوکم نه کڻندو _ جو اها ٻيڙي غريب مھاڻن جي ڪٽبنن جي روزگار جو واحد وسيلو ئي ٿئي ٿي. بھرحال اسان جي دلين تان اهو طوفاني رات وارو واقعو اڃان تائين ميسارجي نه سگهيو آهي. آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪندي اڄ به اها ڳالهه سوچي بدن ۾ سيوڪاري پئجي ويندي آهي. يا ڪڏهن ڪٿي ڪانفرنس يا ميٽنگ ۾ پنھنجن انھن ساٿين سان ملاقات ٿيندي آهي ته دنيا جي نقشي تي موزمبق چئنل ڏي اشارو ڪري کين چوندو آهيان ته پاڻ گريس پيرڊ ۾ پيا جيئون ۽ بچي وياسين نه ته 70_1969ع وارن ڏينھن ۾ پاڻ کي هن هنڌ ئي جيئري مڇيون کائين ها.