الطاف شيخ ڪارنر

سانباھو سمونڊ جو

نورالھدا شاھ لکي ٿي: ”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانباھو سمونڊ جو

اڄ سوڊان هڪ نه پر ٻه آهن ...

منھنجو هن سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ جنھن سوڊان جو احوال آهي اهو 81_1980ع جو آهي، جن ڏينھن ۾ اسان جو جھاز آمريڪا کان واپسي تي سوڊان جي بندرگاهه ”پورٽ سوڊان“ ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. انھن ڏينھن ۾ سوڊان جي گاديءَ جو شھر ”خارطوم“ هو. سوڊان جي اتر ۾ مصر ۽ اوڀر ۾ بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) آهي. سوڊان جو سڀ کان وڏي بندرگاهه جو نالو ئي “پورٽ سوڊان” آهي. هن جي بلڪل ٻئي ڪناري تي سعودي عرب جو بندرگاهه: جدو ۽ ينبو آهن. نقشي ۾ ڏسبو ته اتر ۾ ته مصر آهي، جنھن جو ڪجهه حصو ڀونچ سمنڊ Mediterranean تي آهي ته ڪجهه ڳاڙهي سمنڊ تي. مصر جي هيٺان سوڊان آهي، جنھن جي هيٺان حبش (ائبيسينيا) آهي. حبش جي ٻئي پاسي يعني ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي ڪناري تي سعودي عرب ۽ يمن آهي. اهو ئي سبب آهي جو مڪي جا مسلمان ڳاڙهو سمنڊ ٽپي حبش ۾ اتي جي عيسائي بادشاهه وٽ آيا. اسلام کان اڳ حبش عيسائين جو مرڪز هو. يمن به هنن جي هٿ هيٺ هو جتي گورنر رهيو ٿي. ڪعبي تي حملي لاءِ يمن کان ئي ابره هاٿين تي آيو هو. حبش ۽ سوڊان سعودي عرب کي ويجهو هجڻ ڪري سعودي عرب ۾ جيڪي شيديآيا ٿي سي نائيجيريا، يوگنڊا يا موزمبق ملڪن جا نه پر سڀ کان گهڻا حبش جا ۽ ٻئي نمبر تي سوڊان جا آيا ٿي، جيڪي حبشي ۽ سوڊاني سڏبا هئا. بلڪه حبشي ايترا ته گهڻا هئا جو سوڊاني ۽ بعد ۾ آفريڪا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ شيدي به حبشي سڏجڻ لڳا... جيڪو لفظ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ هر شيديءَ لاءِ عام مروج آهي... يعني حبشي ۽ عورت لاءِ حبشڻ.
حبش يڪو ملڪ هو پر ٻي وڏي لڙائيءَ بعد آهستي آهستي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: هڪ اريتيريا (Eritrea) جنھن جي گاديءَ جو شھر اَسمارا آهي ۽ ٻيو اٿوپيا جنھن جو اديس ابابا گاديءَ جو شھر آهي. اٿوپيا هيٺ ۽ ساڄي پاسي سوماليا آهي جتي ڪافي عرصي کان غيرقانونيت هجڻ ڪري قذاقن جو مسئلو رهندو اچي ۽ عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگهندڙ جھازن جي ڦر لٽ ۽ اغوا ڪاريءَ دنيا کي پريشان ڪري وڌو آهي.
اٿوپيا ۽ سوڊان جي هيٺان ڪينيا ۽ يوگنڊا ملڪ آهن. ڪينيا، يوگنڊا ۽ سوڊان تي انگريزن جي حڪومت هئي ان ڪري انھن ملڪن ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر انگريزي ڳالھائي وڃي ٿي. مصر ته هڪ تاريخي ملڪ رهيو آهي پر ڀر سان سوڊان هجڻ ڪري ان جي به تاريخ ۾ وڏي اهميت رهي آهي. ايتري قدر جو اهرامن ۽ لاشن کي مَمِي بڻائي دفن ڪرڻ جو ڪلچر نه رڳو مصر ۾ پر سوڊان ۾ پڻ رهيو آهي. نيل ندين جي هجڻ ڪري مصر ۽ سوڊان ۾ آڳاٽي زماني کان رهائش جو سلسلو هلندو اچي.
نيل ندي جيڪا سڄي مصر کي پاڻي ڏئي اتر ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اها در اصل ٻن ندين جي ميلاپ بعد جنم وٺي ٿي. اهي ٻه نديون: هڪ “سفيد نيل” جيڪا يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي،ٻي ندي ”نيلي (Blue) نيل“، جيڪا اٿوپيا جي ”تانا ڍنڍ“ کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها اٿوپيا لتاڙي سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سوڊان جي گاديءَ واري شھر خارطوم وٽ سفيد نيل سان ملي ٿي. ان بعد هي ٻه نديون ملي هڪ “نيل” سڏائين ٿيون. اها گڏيل نيل باقي سوڊان لتاڙي مصر ۾ داخل ٿئي ٿي.
پراڻيون جيڪي به تھذيبون آهن اهي ڏٺيون وڃن ته ڪنھن نديءَ جي ڪناري تي ئي آهي ڇو جو انسان لاءِ پاڻي ضرروي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مصر ۽ سوڊان ۾ آڳاٽيون آباديون ۽ سلطنتون رهيون آهن. حضرت موسيٰ جي ڏينھن وارا فرعون بادشاهه به هتي مصر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي رهيا ٿي، جتان حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل وارن کي ڳاڙهو سمنڊ ٽپائي عربستان ۽ يمن واري پاسي وٺي آيو. هونءَ دنيا جي گهڻين ندين جو وهڪرو اتر کان ڏکڻ رهيو آهي، جيئن اسان جي جھلم، چناب توڙي سنڌو نديءَ جو آهي، پر نيل نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ (يوگنڊا) کان اتر (مصر) ڏي آهي.
مملڪت ڪوش (Kush) آفريڪا جي پراڻين تھذيبن مان هڪ آهي جنھن جو اثر مصر ۽ سوڊان تي رهيو. ڪوش سلطنت جا شھر نيل، سفيد نيل ۽ بلو نيل ندين جي ڪناري تي آباد هئا. اها ”مملڪت ڪوش“ جي ڌرتي اڄ وارو سوڊان آهي. سوڊان ۾ ڇھين صديءَ ۾ عيسائيت آئي، ان بعد اسلام پڻ عام ٿيو. سوڊان ۾ شروع کان مٿين حصي ۾ عرب نسل جا ماڻھو رهندا اچن ۽ عربي زبان عام آهي. ڏکڻ ۾ مڪاني ڪارا شيدي رهن ٿا، جن جي گهڻائي عيسائي آهي ۽ عام زبان انگريزي آهي. گاديءَ جو شھر خارطوم اتر ۾ هجڻ ڪري ۽ حڪومت تي اتر وارن جو قبضو هجڻ ڪري سوڊان جي ڏاکڻي حصي سان ناانصافي رهي ٿي. ائين کڻي سمجهو ته جيئن پنجاب صوبي جي اتر واري حصي تي ته خوب پئسو لڳايو وڃي ٿو پر ڏکڻ واري حصي ۾ جتي سرائيڪي زبان عام آهي گهٽ خيال رکيو وڃي ٿو.
اسان جو جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي وارن شروع جي سالن ۾ سوڊان وڃڻ ٿيو ٿي... يا ويندي 2011ع تائين، سوڊان هڪ ملڪ هو، جيئن 1947ع کان اڳ هندوستان هو ۽ اسان ڳائيندا وتندا هئاسين ته “ساري جھان سي اڇا هندوستان همارا.” اهڙي طرح سوڊاني به قومي ترانو جهونگاريندا وتندا هئا ته Nahnu Djundulla Djundl Watan ...... ”اسين الله جي ۽ پنھنجي وطن (ڌرتي) جا سپاهي آهيون.“ سوڊان آفريڪا کنڊ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ هو. اڄ سوڊان ٻن حصن ۾ آهي. هڪ اتراهون حصو جيڪو هندستان وانگر اڄ به ساڳي نالي سوڊان سان سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڏاکڻو حصو جيڪو هاڻ ڏکڻ سوڊان (سائوٿ سوڊان) سڏجي ٿو. ان جو پاڪستان وانگر ٻيو ڪو نالو هجي ها ته ايڏو مونجهارو نه ٿئي ها، پر ساڳي نالي ڪري سوڊاني پاڻ به منجهي پونٿا جو ڪنھن به ملڪ ۾ ڪو ڏکڻ سوڊاني ملي ٿو ۽ هن کان کڻي پڇ ته حبشي آهين؟ مصري آهين، نائجر آهين يا گهاني (گهانا) جو، ته وراڻيندو:”سوڊاني“. ۽ توهان اندازو نه لڳائي سگهندائو ته هن جو واسطو ڪھڙي سوڊان سان آهي. آيا اترادي آهي يا لاڙي، اياز گل ۽ آسي زميني ۾ ڪھڙو فرق؟ ڌارين لاءِ ته ڇا پر اسان کي به ربينا ابڙو ۽ رخسانه پريت شاعرائن ۾ ڪو فرق نظر نه ايندو ته ڪھڙي اتر سنڌ جي آهي ۽ ڪھڙي ڏکڻ سنڌ جي! ولايت جي ملڪن ۾ ته ڪيترا هڪ پاڪستاني ۽ هندوستانيءَ ۾ به فرق نه ڪري سگهندا آهن.
اڄ به سوڊان (يعني اتراهون سوڊان) ايڏو وڏو آهي جو آفريقا جي ملڪن ۾ الجيريا ۽ ڪانگو بعد ٽي نمبر تي اچي ٿو ۽ سندس پکيڙ 18.6 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پاڪستان جنھن جي پکيڙ 8 لک آهي ان جي ته ٻيڻ کان به وڏو ٿيو. البت ڏکڻ سوڊان ڪافي ننڍو ٿي پيو آهي جنھن جي ايراضي 6.5 لک چورس ڪلوميٽر آهي. آدمشماريءَ ۾ به جتي سوڊان (يعني اتر واري) جي 4 ڪروڙ آهي ته ڏکڻ سوڊان جي سوا ڪروڙ آهي. ان حساب سان پاڪستان جي 20 ڪروڙ آهي، جپان جي 13 ڪروڙ ،ايران جي 8 ڪروڙ، ملائيشيا ، سعودي عرب ۽ عراق جي ساڍا ٽي ڪروڙ آهي.
سوڊان جي گهٽ آدمشماري جو سبب برٿ ڪنٽرول ناهي بلڪه هن پاسي جي ملڪن ۾ ڏٺو وڃي ته پھلوان مڙس اهو ٿو سمجهيو وڃي جيڪو گهڻا ٻار ٿو پيدا ڪري. سوڊان جھڙن پٺتي پيل آفريڪي ملڪن جي گهٽ آدمشماري جو اهو ئي سبب آهي ته اتي جون ڪرپٽ حڪومتون عوام جي صحت ۽ خوشحاليءَ جو ڪو خيال نٿيون ڪن. جھڙيون تھڙيون اسپتالون آهن، جن ۾ نه آهن ڊاڪٽر نه دوائون. سرڪاري فائلن تي ڊاڪٽر ۽ دوائون ضرور آهن، پر سفارشي ۽ ڪاهل ڊاڪٽر موڊ ٿئين ته اسپتالن ۾ اچن ۽ مفت جي پگهار سان گڏ مريضن جي دوائن جا به پئسا کايو وڃن. دوائن لاءِ هو فقط صحيحون ڪن ۽ دوائن جون ڪمپنيون کين گهر ويٺي ڪميشن پھچائين يا کين ولايت جون ٽوئرون ڪرائين. اها ڳالهه ان ڪري ياد اچي وئي جو ڪجهه مھينا اڳ مون سان گڏ جنھن بس ۾ ڌاريان ڪوالالمپور کان ملاڪا سفر ڪري رهيا هئا، انھن ۾ سوڊان جا ڪجهه ڊاڪٽر پڻ هئا. دوائن جي ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان کين هي عيش ڪرائڻ تي هو خوش هئا. ڪيڏي ڏک جي ڳالھ آهي ته هنن کي عوام جي خذمت ڪرڻ تي هي انعام نه مليو هو پر انھن جي ڀينگ ڪرڻ تي.... بيمار هم وطنين جو علاج ڪرڻ بدران فارين جي دوائي ڪمپنين کي فائدو رسائڻ جو اجورو وٺي رهيا هئا. افسوس جي ڳالھ ته ان چور بازاري واري ٽرپ ۾ اسان جي ملڪ جا بلڪه اسان جي صوبي جا ڊاڪٽر به شامل هئا. چئبو ته سياستدان ۽ ڪامورا ته ٿي پري جي ڳالھه هڪ ڊاڪٽر جيڪو پاڻ کي مسيحا سڏرائي ٿو، ان کي به غريب قوم تي قياس نٿو اچي! پوءِ دوائن جي اڻ هوند يا نقلي هجڻ ڪري اسان جي اسپتالن ۾ عورتون توڙي ٻار ڦٿڪيو ڦٿڪيو مريو وڃن. اسان جو مذهب ته جانور تي به ڪھل ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، پر اهي اسلامي اصول اسان مسلمانن ۾ ته گهٽ نظر اچن ٿا، پر يورپ (مغرب جي ماڻھن) ۾ وڌيڪ آهن. يورپ ۾ ڪيترين ڪانفرنسن ۾ مون اتي جي ماڻھن کي حيرت کائيندي ڏٺو ته سوڊان جھڙن ملڪن ۾ جن ڏانھن آمريڪا، ڪئناڊا، سئيڊن ناروي ۽ انگلينڊ جھڙا ملڪ خيرات ۾ هيڏو پئسو موڪلين ٿا پر پوءِ به ماڻھن جا علاج ڇو نٿا ٿين. هو ته ان پئماني جي خراب گورننس جو سوچي به نٿا سگهن، پر اسين پاڪستاني خاص ڪري سنڌ صوبي جا رهواسي جن سنڌ جي ڳوٺن جي اسپتالن جي ڪارڪردگي ڏٺي هوندي _ خاص ڪري ٿر ۾ مائرن ۽ ٻارن کي مرندي ڏٺو هوندو اهي ڀلي ڀت سمجهي سگهن ٿا ته حڪمرانن جي وعدن ۽ دعوائن جي باوجود عوام جو ڀلو ڇو نه ٿي رهيو آهي.
هونءَ ته آفريڪا جا ڪافي ملڪ سڌري ويا آهن بلڪه ڪي ته اسان کان به وڌيڪ ماڊرن ۽ سکيا ستابا لڳن ٿا، پر يارو هي ملڪ سوڊان، چاهي اتر وارو هجي جنھن ۾ عرب نسل جا عربي ڳالھائڻ وارا مسلمان رهن ٿا توڙي ڏکڻ وارو جنھن ۾ آفريڪي نسل جا شيدي رهن ٿا، جن تي ”انگريز“ حڪومت جو وڌيڪ اثر رهيو، جيڪي عيسائي آهن ۽ انگريزي گهڻي ڳالھائين ٿا، نه پھرين سڌريل هئا نه هاڻ ڪو افعال نظر اچي ٿو. اتر ۽ ڏکڻ سوڊان جي وچ ۾ زبان، مذهب ۽ ڪلچر جي فرق ڪري ٻنھي ڌرين جو ٺاھه نه ٿيو. چاليهه سال مار مارا هلندي رهي، جنھن ۾ 25 لک ماڻھو، بک، بيروزگاري، ڏڪارن ۽ خونريزين ۾ مارجي ويا. آخر هنن الڳ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ جا ٻه حصا ٿيا. هاڻ مٿين (اتراهين) سوڊان ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي ۽ هيٺين ڏاکڻي سوڊان ۾ عيسائين جي، ته به پنھنجو پاڻ ۾ لڳا پيا آهن. اڳ ۾ مذهب تان جهيڙو هو هاڻ ٻولين، قبيلن، ذاتين جي چڪرن ۾. بس سمجهو ته افغانستان وارو حال آهي جنھن ۾ هڪ قوم بدران پشتون، تاجڪ، هزاره، ازبڪ، ترڪ، نورستاني، پاشائي، بلوچ، پاميري.... خبر ناهي ڪھڙيون قومون رهن ٿيون ۽ مسلمان هوندي به هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن. ائين ته ايران ۾ به ڪئين قومون رهن ٿيون، پر تعليم ۽ سٺي حڪمراني ڪري سڀ خوشحال ۽ امن ۾ آهن، پر افغانستان ۾ ننڍي ڳالهه تان بندوقون رائفلون کڄيو وڃن! ڇا ته خوفناڪ قسم جو ماحول آهي! اسان جي انھن ماڻھن جن افغانستان نه ڏٺو آهي، اهي سنڌ جي اتراهن ضلعن جيڪب آباد، قمبر، ڪشمور جو تصور ڪري سگهن ٿا، جتي سڀ مسلمان هوندي، سڀ ساڳي زبان سنڌي ڳالھائيندي به پاڻ ۾ نٿا ٺھن. پنھنجو پاڻ کي قبيلن ۽ ڪميونيٽين ۾ ورهائي ويٺا هڪ ٻئي کان بدلا وٺن. نه تعليم وڌي رهي آهي نه واپار وڙو. رڳو دشمنيون ۽ خونريزيون وڌي رهيون آهن. اهو ئي حال هيڏانھن اتر توڙي ڏکڻ سوڊان جو آهي. مذهب ۽ زبان جي بنياد تي علحدي ٿي ته هاڻ قبيلن ۽ مڪاني ٻولين جي بنياد تي هڪ ٻئي سان جهيڙا لڳا پيا آهن. جتي به تعليم، امن امان، انصاف ۽ حڪمرانن طرفان گڊ گورننس ٿئي ٿي ته اتي ملڪ خوشحال ٿيو وڃي ۽ پوءِ هر ڪو پنھنجي سڃاڻپ ملڪ سان وابسته ٿو رکي. ملائيشيا ۾ چيني ملئي پاڻ ۾ وڙهيوڙهي تباهه پئي ٿيا. مٽيارين جيڏي سنگاپور ٻيٽ تي چيني، تامل، ملئي، جاوانين، سماترن ۽ تاملن پاڻ کي اهم سمجهي ملڪ کي گاريون ٿي ڏنيون ۽ 1970ع کان اڳ نه فقط ڌارين پر خود سنگاپورين به پنھنجي ملڪ کي ”چور ملڪ“ ٿي سڏيو. پوءِ اسان ڏٺو ته انھن ملڪن جي حاڪمن ’مھاتير‘ توڙي ’لِي ڪُئان يُو‘ تعليم، انصاف، ايمانداري سان پنھنجن ملڪن کي اهڙو ته خوشحال بڻائي ڇڏيو، جو اڄ ڪو به سنگاپوري پاڻ کي تامل، چيني، يا ملئي سڏائيندي خراب ٿو سمجهي هو فخر سان ”آءِ ايم سنگاپورين“ يا ”آءِ ايم ملائيشين“ ٿوچورائي. ۽ ڇو نه سڏرائي، جو اهي ملڪ اڄ يورپ جي ملڪن کان به سکيا ستابا ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن. انھن ملڪن جي دنيا ۾ ايڏي عزت ۽ ساک ٿي وئي آهي جو ڪو به ملائيشين، پوءِ ڀلي اهو انڊين شوڌر هجي، جهنگلن ۾ ڪم ڪندڙ ملئي هاري هجي يا سنگاپور جون گهٽيون ٻھاريندڙ ڳوٺاڻو چيني هجي، هو بنا ويزا جي آمريڪا توڙي جپان جھڙي ملڪ ۾ وڃي ۽ رهي سگهي ٿو. اسان جي ملڪ جي ساک ڪرڻ ڪري اسان جي ملڪ جي وزيرن کي به اهڙن ملڪن ۾ ته ڇا پر سئيڊن، ناروي يا ڪويت، سعودي عرب ۾ گهمڻ يا ڪم ڪرڻ جي ويزا لاءِ جفا ڪشي ڪرڻي پوي ٿي... پوءِ کيس مس مس چند ڏينھن لاءِ وزٽ ويزا ملي ٿي.