ڦڏوبدمعاش
ان سيڪنڊ انجنيئر کي ماڻھن تي نالا رکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. نالا به اھڙا ٺھڪندڙ رکندو هو، جو ان جي نالي واري ماڻھوءَ کي ڏسي سندس عقل کي داد ڏيڻو پوندو هو ته سندس سوچ ڪيتري حد تائين ڪم ڪري ٿي.
هڪ ته ريڊيو آفيسر جو نالو رکيو هئائين: جھاز جو ريڊيو آفيسر_ جنھن جو ڪم دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ پنھنجي ملڪ ۾ جھازي عملي کي پگهار ڏيڻ ۽ پئسي ڏوڪڙ جي ڏيتي ليتي رکڻ ٿئي ٿو، سو سڀني کي، پنھنجي ڪم جي نوعيت ڪري وڻندو آهي. اسان جو ريڊيو آفيسر ته ڳائڻ وڄائڻ ۾ به ڀڙ هو. جنھن سان هر هڪ کي وندريائين ٿي. پر ساڻس نڀاڳ رڳو اهو هو، جو اها ڳالهه خبر ناهي ڪنھن سندس دماغ ۾ وهاري ڇڏي هئي ته تون وڏو پھلوان آهين. دادا آهين. ۽ اها ڳالهه اهڙي تھڙي نموني سان به نه پر لڳي ٿو ته شايدسندس دماغ جي آپريشن ڪري ميڄالي منجهه، اهڙي سوگهي ڪري وهاري ويئي هئي، جو آرسيءَ اڳيان پنھنجي ڪُٻڙي ۽ هڏائين پڃري کي ڏسي به ان ڳالهه جو ڪوڙ ۽ کوکلي هجڻ تي شڪ شبھو نٿي ٿيس. جيئن جيئن اسان جو سامونڊي سفر ڊگهو ٿيندو ويندو هو، تيئن تيئن خيالي ڳالھيون ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل سندس خيالي جهيڙن ۽ ان ۾ سندس خيالي سوڀن جي لسٽ وڌندي ويندي هئي جيڪا اسان کي ٻڌائي گد گد ٿيندو هو. اسان لاچار سندس خوابن خيالن جو به احترام ڪندا هئاسين جو هڪ ته سامونڊي زندگيءَ ۾ پراڻو هو. (جڏهن اسان اڃا ففٿ انجنيئر ٿي مرچنٽ نيويءَ ۾ نوان آيا هئاسين ته هي اڳھين موجود هو) ۽ ٻيو ته کارائڻ پيارڻ، گانا ٻڌائڻ ۽ گهرڻ تي اڇت پگهار يا قرض ڏيڻ ۾ مڙس ماڻھو هو. ڌارئين ملڪ ۾ آفيس کان پگهار اڃا پھچندو ئي ڪونه هو ته ان کان اڳ ضرروتمندن کي في الحال پنھنجي کيسي مان ئي ڪجهه ڪڍي ڏيندو هو ته جيئن هنن جو ڪم نه بيھي. پوءِ اهو صائل کڻي ڪو خلاصي هجي يا ٽوپس (ڀنگي). جھاز جي آفيسرن سان ته هو اڃا به وڏا ڀال ۽ ڀلايون ڪندو هو. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ پھچڻ سان جيسين جھاز جو ايجنٽ ان ملڪ جا پئسا کڻي اچي تيسين جهوني ٿرڊ انجنيئر کي وقت وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ چيائين: ”باس! تون هل پنھنجي گرل فرينڊ جي گهر. مون ان جو راما روڊ وارو گهر ڏٺو آهي. تنھنجي پگهار جا پئسا اتي پھچائي ٿو وڃانءِ.“
پاڻ هر هڪ کي ”باس“ چوندو هو سواءِ پنھنجي اصلي باس يعني ڪئپٽن جي. (ان کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو_ پر پٺ). کانئس جڏهن پڇيو هئوسين ته جهوني جي گرل فرينڊ هو ڪيئن ٿو سڃاڻي، ته شڪي کل کلي چيائين: ”بابا! هي اڃا اڄ مرچنٽ نيويءَ ۾ آيو آهي. هن کي ڪھڙي خبر. اها پھرين فلاڻي ترڪ ڪئپٽن جي گرل فرينڊ هئي. اصل ۾ هئي ته هڪ ٻئي يوناني جھاز جي بٽلر جي پر پوءِ وڏا ڦڏا ٿيا، دنگل ٿيا...“ پاڻ ٻانھون کنجي داستان ٻڌائڻ لڳو. يعني بئنڪاڪ جي گهٽين ۾ لڳل ان مھا لڙائيءَ ۾ پاڻ به حصو ورتو هئائين، بلڪه ڀرپور ۽ فيصلو ڪندڙ حصو ورتو هئائين.
اسان جڏهن ففٿ انجنيئر هئاسين ته هو اسان جي آمريڪا واري سفر ۾ پڻ اسان جي ان جھاز جو ريڊيو آفيسر هو. سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو هليو. وڏي ڳالهه ته جنھن بندرگاهه نيو اورلينس ۾ اسان جو جھاز وڃي رهيو هو ان جو نقشو ايئن ڇڪيو هئائين جو ڄڻ اتي قدم قدم تي سندس ڪا دوست سنگتياڻي هجي. آئون ۽ هڪ ٻيو بنگالي ففٿ انجنيئر_ جن هيستائين رڳو چين، روس، بلغاريا جھڙن خشڪ سوشلسٽ ملڪن جا سفر ڪيا هئا، هن ريديو آفيسر جي واتان آمريڪا بابت اهڙيون ڪَٺائِتيون ڳالھيون ٻڌي تعجب کاڌو هو جو ان جهاز تي سفر ڪندڙن سڀني جھازين ۾ اسان ئي ٻه ڄڻا، پھريون دفعو آمريڪا وڃي رهيا هئاسين.
جھاز نيو اورلينس پھتو. پھرين ڏينھن ئي اسان کي هو شھر گهمڻ ۽ فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو. اسان به خوش ته هھڙي داداگير مڙس سان آمريڪا جھڙي بدامني واري ملڪ ۾ گهمڻ سٺو ۽ Safe آهي. وڏي ڳالهه ته پئسو ڏوڪڙ خرچڻ ۾ پڻ پاڻ مڙس ماڻھو هو، بشرطيڪ سندس ڊاڙون ٻڌڻ جي ڪنھن ۾ توفيق هجي. پاڻ آمريڪي ڇوڪرين جي ڪريل ڪردار، ڌارئين کي آڌرڀاءَ ڪرڻ جي ادائن ۽ چال چلن جي ڪٿا اهڙي اثرائتي ۽ پُر سحر انداز سان ٻڌائين جو اسان کي ڪئپٽن ڪڪ جو ٻه سئو ورهيه اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جنھن جو جھاز جڏهن مشھور تھتي ٻيٽ تي پھتو ته اتي جي ڇوڪرين گلن جي هارن سان سندس جھازين جو آڌرڀاءُ ڪري کين اهڙو ته قرب ڏنو هو جو هو پنھنجي ڪئپٽن کي آڱوٺو ڏيکاري، واپس وطن هلڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رهيا ۽ اتي ئي ترسي پيا هئا.
جهاز نيو اورلينس پھچڻ سان اسين ٻئي ففٿ انجنيئر، هن ”پھلوان“ ريڊيو آفيسر سان گڏ گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. بندرگاهه جي ڀر ۾ ئي شھر هو. سو پنڌ ئي پنڌ ڊيزائر اسٽريٽ ۽ مئگزين اسٽريٽ لتاڙي، لائل اسٽريٽ مان لنگهي بوربن اسٽريٽ ۾ پھتاسين. ٿوري ٿوري منھن اونداهي ٿي چڪي هئي. سامھون رستي جي ٻئي پاسي کان هڪ ڇوڪري هاٽ پينٽ ۽ بلائوز ۾، هٿ ۾ جهليل لفافي مان پٽاٽي جا چپس ڪڍي، کائيندي پئي آئي. ويجهو پھچڻ تي اسان جي ريڊيو آفيسر اسان تي رعب وهارڻ خاطر، وات سان هن کي شي شي ڪري، سنھي سيٽي وڄائي. ڇوڪريءَ نڪا ڪئي هم نڪا تم. خارن مان نھاري، آمريڪن لھجي ۾ چيس: ”شٽ اپ، آءِ ول ف.... يو“. اسان وارو ريڊيو آفيسر ڏاڍو شڪي ٿيو، پر ڌڪ پچائي، شرم کي پرچائڻ خاطر اسان کان پڇڻ لڳو: ”پارٽنر! پاڻ کي ڪجهه چيائين؟“
اسان کي به هئي فلم ڏسڻي، سو منھن جي پڪائي ڪري چيوسين: ”پارٽنر، ڇا؟ ڪنھن چيو؟“
يعني اسان اهو به لنوائي وياسين ته ڪو ڪنھن ڪجهه چيو يا پاڻ ڪا سيٽي وڄايائين.
”ٺھيو، ٺهيو، ڪجهه نه.“ هن وراڻيو.
ان کانپوءِ سيٽي ته ڇا پر اک_ غلط اک کڻي ڪنھن راهه ويندي ڇوڪريءَ ڏي نه ڏٺائين ۽ نه ڳالھايائين تان جو سئنيما جو ٽڪيٽ گهر اچي ويو.
سندس ان قسم جون ٻيون به کوڙ ڳالھيون. بھرحال اسان جي سيڪنڊ انجنيئر سندس نالو ”ڦڏو بدمعاش“ رکيو هو. سندس جسم جي جوڙجڪ ۽ هلڻي چلڻي ڏسي ۽ سندس گشا پتا ٻُڌي.