الطاف شيخ ڪارنر

سانباھو سمونڊ جو

نورالھدا شاھ لکي ٿي: ”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانباھو سمونڊ جو

سنگاپور جو لڇمڻ

سنگاپور ۾ سوين بازاريون آهن پر اسان جا پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي جھازي هميشه ننڍي کنڊ جي ماڻھن جي دڪانن تان خريداري ڪن. پوءِ اهو دڪان کڻي ڪنھن مدراسي ملباريءَ جو هجي يا سنڌي هندوءَ جو. گجراتي بوريءَ جو هجي يا ڪڇي کوجي جو. پنجابي سک جو هجي يا بنگالي مسلمان جو. انھن دڪانن تان خريداري ڪرڻ جو سبب اهو هرگز ناهي ته ڪو اسان جھاز وارن کي پنھنجي تر جي ماڻھن سان پيار آهي. پر ان ڪري جو مٿيان دڪاندار اسان جي ڪمزورين، عادتن، افعالن ۽ نفسيات کان چڱي ريت واقف آهن. ڪپڙو دڪان تي هوندو پر هو ڳولي ڳولي ان رنگ ۽ قسم جو رکندا جيڪو اسين پاڪستاني هندستاني پسند ڪريون ٿا. اهڙي طرح ٻيون شيون. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن سئو سوا رپيا کٽي پيا ته به اوڌر تي شيءِ ڏئي ڇڏيندا جو هنن کي خبر آهي ته اسان ڪھڙي جھاز ۽ جھاز ران ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪريون ٿا. ۽ جي پئسا کائي وياسين ته ڪمپنيءَ جي ٻئي جھاز وارن هٿان نياپا موڪليندا رهندا. ٻين لفظن ۾ خوار ڪندا رهندا. نتيجي ۾ قرضدار جهٽ پٽ سنگاپور وري نه ويو ته به ٻئي ڪنھن جھازيءَ هٿان پئسا موڪلي ڏيندو. گهڻو ڪري ته دڪاندار پاڻ ئي ڪجهه اهڙو حساب ڪتاب رکندا آهن جو اهڙو سئو سوا گهٽ ملين ته به ٽوٽ نه رهندي اٿن، پر جھازي خوش ته هي پنھنجو ماڻھو مون کي اوڌر تي به ڏئي ٿو ته ڪوڪا ڪولا به پياري ٿو ۽ ڪرسيءَ جي آڇ پڻ ڪري ٿو. جن مڙني ڳالھين جي اميد سنگاپور جي چيني، ملئي يا ڪنھن ٻئي دڪاندار مان رکي نٿي سگهجي.
اهڙن دڪانن جا ڳڙهه سنگاپور ۾ هاءِ اسٽريٽ، عرب اسٽريٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي آهن. ڪيترا اهڙا به جهازي آهن، جي ويھه دفعا سنگاپورر آيا هوندا، پر هنن عرب اسٽريٽ کان سواءِ سنگاپور جي ٻي ڪا گهٽي، بازار، پارڪ، مارڪيٽ نه گهمي هوندي. اتان ئي خريداري ڪندا، اتي ئي ڪنھن هوٽل ۾ ماني کائيندا، اتي جي ڀرپاسي واري سئنيما هال ۾ فلم ڏسندا ۽ اتان ئي ٽئڪسي ڪري سڌو جھاز تي موٽندا. وڏي ڳالهه ته ٻيو ڪو ملڪي جھاز سنگاپور آيل هوندو يا ڪو ڌاريو جھاز جنھن تي پنھنجا ملڪي خلاصي هوندا آهن ته اهي به ان گهٽيءَ مان اچي نڪرندا آهن انھن سان پڻ سٺي ميل ملاقات ٿي ويندي آهي.
اهڙن ئي ڳڙهن مان هڪ ”تنجم پگار“ نالي علائقو آهي، جتي پڻ ڪافي هم وطني ۽ هم شڪل دڪاندار ملن ٿا. هيٺ گرائونڊ فلور تي هوٽلون، سيڌي جا هٽ ۽ ميوي ڀاڄيءَ جون مارڪيٽون آهن. ۽ مٿين ماڙين تي مختلف سامان جا دڪان، هوٽلون گهڻو ڪري ڏکڻ هندستان جي مسلمان ۽ هندو تاملن جون آهن، يا ملئي مسلمانن جون. هڪ ٻه چيني ماڻھن جون پڻ. هنن هوٽلن جو خاص کاڌو مرتباڪ_ قيمي وارو اڦراٽو آهي، جنھن ۾ ڪجهه بيضو ۽ بصر به وجهن. اها شيءِ اهڙي لذيذ ۽ بين الاقوامي ذائقي جي ٿي پيئي آهي جو اسان جھڙا ايشيائي ته کائين پر انگريز ۽ يورپي به شوق سان کائين. ڪڪڙ، بدڪ، گانگٽ ۽ مڇيءَ جو ٻوڙ ۽ سنھيون مانيون (ڦلڪا) به چڱيون هلن. ڳاڙها مرچ ۽ گرم مصالو ڪجهه گهڻو استعمال ڪن. پر جيئن ته هتي هر شيءِ نج ملي ٿي سو ڪافي سوادي ٿئي ٿي. حلوي ۽ پُورين مان آسٽريليا جي مکڻ ۽ گيهه جي خوشبوءِ پيئي ايندي. هر شيءِ جو اگهه ايترو معمولي ۽ واجبي جو پاڪستان جي حساب سان ڀيٽجي ته به سستو.
تنجم پگار جي مٿين ٻن ماڙين تي سئو کن دڪانن مان سڀ کان گهڻا گراهڪ هڪ مدراسي مولويءَ جي دڪان تي وڃن ۽ ٻيو حيدرآباد سنڌ جي هڪ سنڌي هندو_لڇمڻ جي دڪان تي. ٻنھي دڪانن تي ذري گهٽ ساڳيو سامان آهي. سئمسونائيٽ ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ ڪمپنين جي بئگن، ٿيلھن ۽ بريف ڪيسن کان وٺي ڪورين ۽ ٻين سستي قسم جي ڪمپنين جو عطر، ڪولون، ڪئسٽ، ٽيپ رڪارڊر، ڪئلڪيوليٽر، رانديڪا، ڪپڙا، ساڙهيون ۽ ٻيو سامان. اهو ساڳيو سامان ساڳي ئي ماڙ تي باقي دڪانن ۾ به آهي. اگهه به ذري گهٽ ساڳيا، پر ڳالھين جي ڪوڙڪن ۾ گراهڪن کي ڌتارڻ ۽ ريڀڻ ۽ پنھنجي ايمانداري ۽ ساک جو ڌاڪو وهارڻ ۾مٿين ٻن دڪاندارن جو جواب ناهي.
لڇمڻ جي دڪان جو نالو Vintage آهي. دڪان جي ٻاهران هڪ وڏي بورڊ تي ڦڏن سڏن اڙدو اکرن ۾ لکرايو اٿس:
”سنگاپور ۾ واحد پاڪستانيءَ جو دڪان...“
بقول لڇمڻ جي کيس ساڳي نالي جو دڪان حيدرآباد ۾ پڻ آهي، جيڪو سندس زال هلائي ٿي. (حيدرآباد وارو دڪان مون ڏٺو نه آهي. ان بابت پاڻ ٻڌائيندو آهي. هڪ ٻه دفعا صدر حيدرآباد مان لنگهندي هيڏانھن هڏانھن نھاريو اٿم پر مون کي نظر نه آيو آهي.شايد ڪنھن گهٽيءَ ۾ هجي). لڇمڻ وٽ پاڪستاني جھازن جا به ڪافي ماڻھو اچن ٿا جو هن وٽ پاڪستاني فلمن ۽ ڳائڻن جا به ڪئسٽ آهن. پاڪستان ۾ پسند ايندڙ جپاني ڪپڙو ۽ ساڙهيون اٿس. ان کان سواءِ هن وٽ پاڪستان مان ايندڙ اخبارون ۽ تازيون خبرون رهن ٿيون. ان ڪري جھازي ڪجهه نه وٺڻ جي صورت ۾ به هن وٽ اچي نڪرندا آهن. ٻي ڳالهه ته چرچائي مڙس پڻ آهي.
هڪ دفعي سندس دڪان تان ڪيترو ئي سنھو سنھو سامان ورتم. جلدي ۾ هوس، ۽ لڇمڻ شين جو حساب زباني ڪري رهيو هو. وچ وچ ۾ مون ۽ ٻين گراهڪن سان به ڳالھائي رهيو هو، جنھن ڪري حساب ۾ ڀُل ٿيڻ جو انديشو هو، چيومانس:
”يار! هاڻ ڪئلڪيوليٽر ڪڍي کڻي ان تي حساب ڪر.“
حساب جو جوڙ ڪندي وچ مان ٺھه پھه وراڻيائين:
”بابا واڻئي جو دماغ ڪئلڪيوليٽر کان وڌيڪ ٿيندو آهي“.
پاڻ رهي سنگاپور جھڙي دنيا جي ماڊرن شھرن ۾ ٿو پر ڳوٺاڻن کان وڌيڪ پيرن فقيرن ۾ ويساهه اٿس. هڪ دفعي پاڻ گراهڪن سان مشغول هو. سندس اٺ نون سالن جو پٽ ذري ذري کيس ڪنھن شيءِ جي فرمائش ڪري منجهائي رهيو هو. نيٺ اسان جي جھاز جي سنڌي آڳ_ واري (Fireman) کي پئسا ڏيئي چيائين:
”ڀائو هڪ ڪم ته ڪر. هيٺ رستي جي هن پاسي بوٽن جو دڪان اٿئي. اتان هن کي رٻڙ جو بوٽ ته وٺي ڏينس. متان دڪان بند ٿي وڃن. سندس اسڪول جي مس روز ٿي دڙڪا ڏئيس ته ڦاٽل بوٽ نه پائي اچ“.
همراهه پٽس کي وٺي ٻاهر نڪتو ۽ هي وري تاڪئي ۾ وال هڻڻ لڳو. ٻه چار هڻي اوچتو خيال آيس. دريءَ مان منھن ڪڍي رڙ ڪري آڳ_ واري کي چيائين:
”من! منھنجي پٽ کي هٿ کان وٺي رستو ٽپائجانس“.
”ڏاڍو سڪيلڌو اٿئي؟“ اسان چيس.
ڪپڙو ماپڻ ڇڏي چوڻ لڳو: ”ادا، ڇھن ڌيئن بعد هي سڪي پني ڄائو آهي. خبر ناهي ڪيترن پيرن ولين تي سکائون باسيم، ان کانپوءِ هي ڄائو آهي“.
ڳالھه ڳالھه ۾ بنا ڪنھن رک رکاءُ جي پاڻ کي واڻيو واڻيو ڪوٺيندو. هڪ دفعي پين خريد ڪئيمانس. هڪ اهڙي ڪڍي ڏنائين، جيڪا نه دٻي ۾ بند هئي ۽ نه ڪا وري ان تي پني پلاسٽڪ چڙهيل هئي.
”لڇمڻ، هيءَ کليل پين ڏني اٿئي؟ آهي ته نئين يا استعمال ڪري رکي اٿئي“. مون پڇيومانس.
مرڪي چيائين: ”واڻيو ڪڏهن به پنھنجي دڪان جي شيءِ استعمال نه ڪندو آهي“.
سنڌ جون ڳالهيون ياد ڪري چوندو: ”بس يار سنڌ ماتا کان اسين جدا ٿي وياسين. هاڻي کڻي اسين سنگاپور، هانگ ڪانگ ۾ هجون يا ڪئناڊا آمريڪا ۾. پر اهو سنڌ وارو سڪون اسان کي ڪٿي به ملي نٿو سگهي“ .
۽ پوءِ ان قسم جي جذباتي ڳالھين ۽ پراڻين يادين ورجائڻ بعد آخر ۾ ضرور چوندو:
”بس يار پنھنجو ڪيتو پيا لوڙهيون. جيڪو ماڻھو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو سمجهي ٿو ۽ ٻئي کي اياڻو، جيڪو ٻئي جو حق غضب ڪري ٿو، جيڪو ٻين کي نيچ ۽ ڄٽ سمجهي نفرت ڪري ٿو_ چاهي اهو هندو هجي يا مسلمان، ان کي ان جي سزا هن جھان ۾ ئي ڀوڳڻي پوي ٿي.“
لڇمڻ جون اهي مختصر ٽريلر نموني جون ڳالھيون ٻڌي هر دفعي محسوس ٿيندو آهي ته هو هڪ وڏي فلم آهي ۽ ساڻس ڪڏهن سڪون سان ڪچھري ڪري وڏي ڪھاڻي لکي سگهجي ٿي پر سنگاپور جھڙي مشغول شھر ۾، هميشه ٿورو عرصو هجڻ ڪري، هر وقت دماغ تي سوين ڪم چھٽيل هوندا آهن. ان ڪري ڪڏهن به لڇمڻ جون فيلسفن واريون ڳالھيون نه سمجهه ۾ آيون ۽ نه چڱي طرح ٻڌڻ جي توفيق رهي.

(سنگاپور کان هانگ ڪانگ ويندي چيني سمنڊ تي لکيل).