سوڊان ۽ مھديءَ تي هڪ مشھور ناول
ظفر کي ڏاڍي حيرت ٿي ته آئون جرمني نه ويس پر سوڊان ۽ مصر ۾ اچڻ چاهيان ٿو. ماڻھو ته يورپ گهمڻ جو شوق رکن ٿا. مون کيس ٻڌايو ته منھنجي لاءِ يورپ توڙي آفريڪا ساڳي حيثيت رکن ٿا... آئون ٻنھي کنڊن جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ مختلف جهازن کي بار بار وٺي ويو آهيان... بلڪه سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ان يونيورسٽي طرفان ڪجهه مھينا فليزنبرگ (جرمني) ۽ ڪوپن ھيگن (ڊئنمارڪ) ۾ به تعليم حاصل ڪئي، پر يورپ جي ملڪن ۾ اهو چارم، اهي ڪھاڻيون، اهو مختلف ڪلچر ناهي جيڪو هڪ ليکڪ کي ممباسا، زئنزيبار، مصر، خارطوم (سوڊان) وغيره ۾ نظر اچي ٿو يا هوڏانھن ڏور اوڀر جي ملڪن: جپان، چين، ملائيشيا_ ويندي برما ۽ سري لنڪا ۾ ملي ٿو. بنا شڪ جي سوڊان تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، جنھن جو ذڪر شروع ۾ ڪري چڪو آهيان. خاص ڪر ي پولش ليکڪ هينرڪ جي هڪ ناول W pustyni I w puszczy بابت جيڪو انگريزي ۾ “ان ڊيزرٽ ائنڊ ولڊر نيس” جي نالي سان تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ اڄ تائين ايترو پسند ڪيو وڃي ٿو جو ان تي ٻه دفعا فلمون به ٺھي چڪيون آهن. هڪ 1973ع ۾ جيڪا فلم اسان ڪيترائي سال يورپ ۽ اوڀر جي ملڪن جي سئنيما هالن ۾ هلندي ڏٺي ۽ ٻي 2001ع ۾ ٺھي.
هي پولش زبان جو ليکڪ، جرنلسٽ ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ هينرڪ(سڄو نالو: هينرڪ آدم اليگزئنڊر پيسو سينڪِوِز) 1846ع ۾ پولينڊ ۾ ڄائو ۽ سگهوئي پولش ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ ٿي ويو. سندس ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ ڪري هو سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. 1905ع ۾ کيس ادب جو نوبل پرائيز مليو. اسان جي ڪاليج وارن ڏينھن ۾ سندس هڪ ناول Quo Vadis (جيڪو نيرو جي روم جي پسمنظر ۾ لکيل آهي) اسان شاگردن ۾ ڏاڍو مشھور هو، جنھن تي ٺھيل فلم به ڏاڍي هلي. هاڻ ٽي وي چئنل، وڊيو، نيٽ، واٽس ائپ، يوٽيوب ٿي پيا آهن نه ته اسان جي ڪاليجي توڙي جھاز جي نوڪريءَ وارن سالن ۾ وڏي ۾ وڏي وندر ڪتاب ۽ رسالا هوندا هئا يا وري سئنيما هالن ۾ هلندڙ فلمون. هينرڪ 1916ع ۾ وفات ڪئي. سوڊان جي لڙائي ۽ مھدي جي پوئلڳن جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول 1900 جي لڳ ڀڳ جو آهي.
هن ڪتاب / فلم ۾ مھدي جي لڙائي وارن ڏينھن جي ڳالهه بيان ڪيل آهي. اسٽاني نالي چوڏهن سالن جو هڪ پولش ڇوڪرو ۽ نيل نالي اٺن سالن جي انگريز ڇوڪري مصر جي بندرگاهه واري شھر پورٽ سعيد ۾ پنھنجي والدين سان گڏ رهيا ٿي. هنن جا پيئر انجنيئر هئا، جن سئيز ڪئنال جي مرمت جي ڪم تي نظرداري ڪئي ٿي. هڪ ڏينھن انگريزن خلاف سوڊان ۾ هڪ مھدي نالي مسلمان مولويءَ بغاوت جو اعلان ڪيو. عربن جو هڪ ٽولو اسٽاني ۽ نيل کي اغو ڪري ٿو. ان اميد تي ته انھن ٻارن جي بدلي ۾ هو مھديءَ جي هڪ پري جي مائٽياڻي فاطمه کي آزاد ڪرائي سگهندا، جن هن کي انگريزن گرفتار ڪي هو ۽ جنھن جو تفصلي احوال هن ناول جي شروع ۾ ڏنو ٿو وڃي.
اغواڪار پولش ڇوڪري اسٽاني ۽ انگريز ڇوڪريءَ نيل کي پيرين پنڌ صحارا رڻ پٽ اڪاري خارطوم وٺي اچن ٿا جتي هنن جو ارادو ٻارن کي مھديءَ حوالي ڪرڻ جو هو. پورٽ سعيد کان خارطوم جو سفر بيحد ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ رهيو، خاص ڪري نازڪ ۽ ننڍي عمر جي انگريزياڻيءَ نيل (Nel) لاءِ. پولش ڇوڪرو اسٽاني ڪافي دلير ۽ جوابدار آهي ۽ هو انگريز ڇوڪريءَ کي اغوا ڪارن جي ظلمن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، جنھن لاءِ هن کي رکي رکي ماريو ڪٽيو به وڃي ٿو. ان دوران هو ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪن ٿا پر ڪامياب نٿا ٿين ۽ آهستي آهستي اميد لاهيو ڇڏين. جڏهن هي اغوا ڪار عربن جو ٽولو انگريز ۽ پولش ٻارن سان گڏ خارطوم ۾ (بلڪه مھدي جي ڳوٺ ام درمان ۾) پھچي ٿو ته هنن کي اهو معلوم ڪري سخت مايوسي ٿئي ٿي ته مھدي انقلاب کي ڪامياب بنائڻ پويان مشغول آهي ۽ هن هنن عرب اغوا ڪارن کي کنگهيو به ڪونه ۽ هنن جي آفر کي هن ڌتڪاري ڇڏيو. اغوا ڪار ان بي عزتي ۽ نامراديءَ جي ڪاوڙ ٻارن مان ڪڍن ٿا. اسٽاني ۽ نيل گرمي، بک، اڃ ۽ عربن جي دڙڪن دامائن کان ڪافي بي وس ۽ بيحال ٿي چڪا آهن. هو ڪجهه ڏينهن جنگ، غربت ۽ بيمارين کان تباهه ٿيل هن شھر ۾ رهن ٿا. ان بعد اغوا ڪار هنن ٻارن سان گڏ اڳتي جي سفر لاءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “فاشودا” شھر ڏي روانا ٿين ٿا.
(هتي ٻه اکر هن تاريخي شهر ”فاشودا“Fashoda بابت لکندو هلان جيڪو اڄ ڪلهه عربي نالي ڪوڊوڪ Kodok سان سڏجي ٿو. اهو سوڊان جي وچ تي هو پر هاڻي سوڊان جا ٻه حصا ٿيڻ تي ڏکڻ سوڊان جي اتر اوڀر ۾ سفيد نيل ندي جي ڪناري تي آهي. فاشودا هڪ آڳاٽو شھر آهي ۽ شلوڪ سلطنت جيڪا سورهن صديون هڪ خودمختيار سلطنت جي حيثيت ۾ رهي ان جي گاديءَ جو شھر هو. اڄ به هن علائقي ۾ انگريزيءَ کان سواءِ مڪاني ٻولي شلوڪ ڳالھائي وڃي ٿي. شلوڪ سلطنتن جو خاتمو ترڪي جي عثمانيه (Ottoman) جي حملن آندو، ان بعد مصر ۽ انگلينڊ وارن جو مٿس قبضو ٿيو. شلوڪ بادشاهه اڄ جي دور ۾ خودمختياري حاڪم نه رهيو آهي. هو هڪ نالي جو سردار سڏائي ٿو. هي شھر فاشودا انگريزن ۽ فرينچن جي جهيڙي کان به مشھور آهي جيڪي 1898ع ۾ ذري گهٽ هڪ ٻئي سان ٻکين پئجي ويا هئا. انگريزن جي هٿ ۾ مصر ۽ سوڊان جو اتراهون حصو ۽ هيٺ يوگنڊا ۽ ڪينيا وارو علائقو هو. هنن فاشودا واري علائقي تي قبضو ڪري سڄو بيلٽ پنھنجو ڪيو ٿي ۽ فرينچن هن کي پنھنجي اولهه وارن آفريڪي ملڪن سان ملايو ٿي. بھرحال 1898ع جي آسپاس وارا سال اهي هئا، جن ۾ هن علائقي ۾ انگريز جاگرافر، سياح، فوجي، نئين دنيا جي ڳولا ڪندڙ Explorer ڦريا پئي).
عرب اغواڪار ڪنھن خيال کان هنن ٻارن کي فاشودا ڏي وٺي هلڻ لڳا. هڪ ڏينھن هنن جو مھاڏو شينھن سان ٿيو، جنھن هنن تي حملو ٿي ڪيو.هنن وٽ شاٽ گن هئي پر هنن کي بندوق ڇوڙڻ نه پئي آئي. هنن اها بندوق پولش ڇوڪري کي ڏئي منٿون ڪيون ته شينھن کي هڻ. اسٽاني ڇوڪري شينھن کي مارڻ بعد ان بندوق سان عربن کي به ماري ڇڏي ٿو. ڇوڪري جي دل ۾ عربن لاءِ سخت نفرت هئي. هن سمجهيو ٿي ته هو هنن کي هرگز آزاد نه ڪندا. خاص ڪري هنن جي هر وقت جي گارين_ خاص ڪري انگريز ڇوڪريءَ سان جنھن زبان سان ڳالهائيندا هئا، ان هن جي نفرت کي ڀڙڪائي رکيو هو.
آزاد ٿيڻ بعد هنن ٻارن جو سوڊان جي جهنگل ۽ رڻ پٽ مان گذرڻ جو ڏکيو سفر شروع ٿئي ٿو. هنن کي اها اميد آهي ته ٿي سگهي ٿو هنن کي ڪو انگريز سپاهي يا سياح، سائنسدان يا پادري ملي وڃي ۽ هنن جي زندگي بچائي، کين سندن والدين ڏي پورٽ سعيد (مصر) اماڻي. سندن سفر ۾ ڪيترائي خطرا ۽ ائڊوينچر ڏيکاريا ويا آهن. هنن سان گڏ ٻه شيدي غلام به آهن: هڪ ڪالي نالي ڇوڪرو ۽ هڪ ميا (Mea) نالي ڇوڪري، جن کي اسٽانيءَ عربن کان آزاد ڪرايو هو. اهي مري ويل عربن جا غلام هئا، جن کي هنن پنھنجي خذمت چاڪري ۽ اغوا ڪيل ٻارن جي نظر رکڻ لاءِ ساڻ کنيو هو.
بھرحال هيءَ هڪ ڊگهي ۽ دلچسپ ڪھاڻي آهي... رستي تي انگريز ڇوڪريءَ کي مليريا به ٿئي ٿي ۽ مرڻ تي هئي ته اسٽانيءَ کي هڪ سئٽزرلئنڊ کان آيل کوجنا ڪندڙ (Explorer) کان ڪوئنن جون گوريون ملي ويون، جن جي کائڻ سان نيل بچي وئي. هن همراهه کان، هنن کي گن پائوڊر به ملي وڃي ٿو، جنھن سان هو ڄار ۾ ڦاٿل هڪ هاٿيءَ جي جان بچائين ٿا.رستي تي ساڻن گڏ ٻارهن سالن جي سوڊاني غلام ڇوڪري کي ”سليپنگ سڪنيس“ جي بيماري ٿيو ٿي پوي، جنھن ۾ هو مريو وڃي. اڳتي جي سفر ۾ هڪ جهنگل ۾ هنن تي هڪ گوريلو حملي جي ڪوشش ڪري ٿو.ان قسم جون ٻيون ڳالھيون پڻ هنن سان ٿين ٿيون، جيڪي هن ڪتاب پڙهڻ يا فلم ڏسڻ سان واسطو رکن ٿيون... آخر ۾ پولش ڇوڪرو ۽ انگريز ڇوڪري پورٽ سعيد پھچيو وڃن، جتي هنن کي خبر پوي ٿي ته فقط ڪجهه ڏينھن اڳ دل جي دوري پوڻ ڪري مھدي گذاري ويو ۽ کيس ام درمان شھر ۾ دفن ڪيو اٿن. وڏا ٿيڻ تي اسٽاني ۽ نيل شادي ڪن ٿا ۽ پنھنجن آفريڪي ساٿين سان ڏهن سالن بعد ملڻ اچن ٿا.