الطاف شيخ ڪارنر

سانباھو سمونڊ جو

نورالھدا شاھ لکي ٿي: ”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانباھو سمونڊ جو

سوڊان ۾ درپيش آيل حادثي جي خبر

ملائيشيا، جتي اڄڪلهه مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن لاءِ ٽِڪيل آهيان... شام جو پنھنجي هڪ پراڻي سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ جي نئين ايڊيشنلاءِ اڄ جي سوڊان بابت ڪجهه وڌيڪ لکي رهيو هوس ته BBC ۽ ملائيشيا جي مقامي ٽي وي تان خبر ٻڌم ته سائوٿ سوڊان ۾ ملائيشيا جي تيل ۽ گيس ڪمپني ”پيٽروناس“ ۽ چين جي هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه انجنيئرن کي حڪومت جي باغين اغوا ڪيو آهي. جن جا نالا ٻڌايا ويا، انھن ۾ ٻن يا ٽن انڊين سان گڏ هڪ پاڪستاني انجنيئر، بدين سنڌ جو اياز جمالي جو نالو به هو.
آفريڪا جي ٻين بدنصيب ملڪن وانگر سوڊان به اهي. بدنصيب لفظ ان لاءِ نٿو استعمال ڪريان ته هنن ملڪن ۾ جپان وانگر نه پوک آهي نه معدنيات. زلزلا ۽ طوفان آهن. هرگز نه. بلڪه ڏٺو وڃي ته آفريڪا جا ملڪ به اسان جي ملڪ وانگر زرعي ۽ معدني پيداوار سان مالامال آهن. هنن ۾ ٻيلا باغات آهن، ماٿريون ۽ جبل آهن، نديون ۽ ڍنڍون آهن.... پر مقامي سياستدانن ۽ حاڪمن هنن خوبصورت ملڪن جي ايڪانامي ۽ عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سوڊان آفريڪا جو وڏي ۾ وڏي ملڪ ۽ سفيد نيل ۽ نيلي (Blue) نيل جي ڪري سھڻو ملڪ هو. انگريزن جي وڃڻ بعد ملڪ جي مقامي حاڪمن ٺھيل ٺڪيل ادارا تباهه ڪري عوام کي هڪٻئي سان ويڙهائي، پاڻ لٽ ڦر ڪندا رهيا. اتر ۾ عرب نسل جا مسلمان، ڏکڻ جي انگريزي ڳالھائيندڙ عيسائين سان هر وقت وڙهندا رهيا آهن. ويھارو سال سِول جنگ هلندي رهي ۽ لکين ماڻھو مري ويا. ڪارخانا تباهه ٿي ويا، فصل سڙي ويا، ملڪ ۾ ڏڪار جي حالت ٿي وئي. مذهبي جهيڙن ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. هاڻ وري هر ٽڪري ۾ نوان جهيڙا شروع ٿي ويا آهن. هاڻ قبيلن جا جهيڙا ۽ حاڪمن جا جهيڙا ۽ لساني جهڳڙا!
سائوٿ سوڊان ۾ نوري ۽ ڊنڪا قبيلي جا الڳ وڙهي رهيا آهن ته وري انھن اندر موجود سوين ننڍا قبيلا ۽ ذاتيون پاڻ ۾ اٽڪيون پيون آهن. سوڊان ۾ تيل ضرور نڪتو، پر ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ تي اھي تيل جا کوهه ڏکڻ سوڊان ۾ هجڻ ڪري، انھن جو قبضو ٿيو. ڏٺو وڃي ته ڏکڻ سوڊان خوشحال ٿي وڃڻ کپي. پر ملڪ جي صدر ”سلوا ڪِير“ پنھنجي نائب صدر رِڪ مچار (Riek Machar) کي لاهي ڇڏڻ تي ان جي قبيلي نوري جا ماڻھو حڪومت جي خلاف ٿي بيٺا آهن. هو پاڻ کي باغي سڏائين ٿا ۽ حڪومت ڪو ڪم به ڪرائي ٿي ته ان کي ڪرڻ نٿا ڏين. نتيجي ۾ ملڪ جي خوشحالي ٿئي ئي نٿي.
مٿيون اغوا جو ڪيس به ان سان وابسته آهي. حڪومت تيل ۽ گئس جي ڪم لاءِ ڌارين ملڪن جي ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا آهن، جيئن ته ملائيشيا ۽ چين کي. انھن ڪجهه ماڻهو پنھنجي ملڪن جا ته ڪجهه ٻين ملڪن جا رکيا آهن، جيئن ته انڊيا، سري لنڪا، پاڪستان، بنگلاديش وغيره جا. جيتوڻيڪ حڪومت طرفان انھن جو خيال به رکيو وڃي ٿو، پر باغي گروپ جي ماڻھن جي هڪ ته خبر نٿي پوي، جو هر علائقي جا شيدي هڪ جھڙا آهن... ڪھڙي خبر ته ڪير باغي يا دهشتگرد آهي ۽ ڪير شريف ماڻھو. ٻي ڳالهه اها آهي ته سوڊان ۾ توڙي آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي حڪومت جي به نٿي هلي، جيئن اسان وٽ اتر ۾ وزيرستان ۾ يا سنڌ جي ڪچي يا بلوچستان جي جابلو علائقن ۾. اهڙي طرح جيئن اسان جي ڌاڙيلن وٽ پوليس کان به بھتر هٿيار آهن تيئن آفريڪا جي هنن باغي گروپن وٽ آهن.
ائين به نه آهي ته ڪا تعليم ناهي، جاهليت آهي. ڏٺو وڃي ته ڏکڻ سوڊان جي باغي گروپ جو ليڊر رِڪ مچار جيڪو ملڪ جو نائب صدر به هو وڏو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻھو آهي. هو 1953ع ۾ ڄائو ۽ سوڊان جي “خارطوم يونيورسٽيءَ” مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد 1984ع ۾ انگلينڊ جي براڊ فورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪيائين ۽ هڪ ڪتاب South Sudan: A History of Political Domination جو مصنف به آهي، پر قبيلائي جهيڙن ۾ هڪ ٻئي سان دشمنيون پارڻ ۽ پلاند ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کي تباهه ڪي ڇڏيو اٿن.
اڳ ۾ ته رڳو سنڌ جا هندو مختلف ملڪن ۾ واپار ڪندي نظر ايندا هئا پر هاڻ ويهه ٽيهه سالن کان سنڌ جي شھرن توڙي ٻھراڙين جا رهندڙ مسلمان پڻ ولايت ۾ نظر اچن ٿا. تيل ۽ گيس جي کوٽاين يا ڪارخانن ۾ به ڪافي آهن خاص ڪري بدين ۽ ٽنڊو باگو پاسي جا. هيڏانھن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائيءَ کان سواءِ آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ پڻ آهن. ڪجهه جا نالا هن وقت به ڌيان ۾ اٿم جيئن ته ٽنڊو باگو جو فرحان کتري جيڪو دبئي ۾ آهي ۽ بدين شھر جو بشير آريسر (دبئي)، ڪريم سومرو (دبئي)، امام شاهه (شارجا)، ڊاڪٽر اصغر ميمڻ (سعودي عرب) وغيره ۾ نظر آيا. بدين جو اياز جمالي جنھن مھراڻ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس ڀاءُ بابر جمالي ٽن سالن کان سائوٿ سوڊان ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.
اياز جمالي جي اغوا جي ڪھاڻي پھرين ڏينھن کان ٻڌي رهيا هئاسين. ٽيون ڏينھن سندس بازياب ٿي ڳوٺ پھچڻ جو ٻڌي ساڻس خبر چار ڪرڻ تي دل چاهيو. بدين ۾ منھنجا ٻه ٽي سڃاڻا رهن ٿا جن مان پھرين عبدالرزاق کٽيءَ کي فون ڪيم جو هو اتان اخبار به ڪڍي ٿو ۽ جرنلسٽ آهي. پر خبر پئي ته هو ڪجهه سالن کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو. ان بعد مون 03332521844 تي اتي جي پئٿالاجسٽ ڊاڪٽر لڇمڻ داس کي فون ڪيو جنھن هن فئملي کي سڃاتو ٿي ۽ اياز جمالي جي مامي مصطفيٰ جمالي جو نمبر ڏنو، جيڪو بدين جي اسڪول ۾ پڙهائي ٿو. مصطفيٰ کان اياز جمالي جي فئملي جي واقفيت ٿي ته اياز جو والد غلام حسين جيتوڻيڪ هڪ ڊرائيور هو پر هن مرحوم فاضل راهوءَ جا ويچار فالو ڪيا ٿي ته تعليم ضروري آهي. مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته غلام حسين جمالي صاحب گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال جي باوجود پنھنجي سڀني ٻارن کي_ پٽن توڙي ڌيئرن کي جيتري قدر ٿي سگهيو، گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياري. سندس چئن پٽن ۽ ٽن ڌيئن مان ڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به آهن. گرئجوئيشن ته سڀني ڪئي آهي ۽ ماشاء الله سڀ سٺن عھدن تي آهن. اياز جمالي سندس سڀ کان ننڍو پٽ آهي.
اياز جو 03332906600 نمبر ملڻ سان مون هن سان ٻه چار دفعا خبر چار ڪئي ۽ سوڊان ملڪ، ماڻھن ۽ سندس اغوا ٿيڻ ۽ 12 ڏينھن کن باغين جي بند ۾ رهڻ جون ڳالھيون پڇيون. پاڻ ٻڌائين ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس تفصيلي احوال ڪاوش اخبار جو نمائندو عظمت الله ڪنڀر وٺي چڪو آهي. عظمت ڪاوش اخبار جو هڪ بيحد محنتي، ننڍي عمر وارو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين جرنلسٽ آهي. سندس هن وقت 22 سال عمر ٿيندي. هو مئٽرڪ ۾ هو ته هن ڪاوش اخبار ۾ ڪم شروع ڪيو. لطيف آباد جي علامه اقبال هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ هالا نوان جي “لاڪاليج” مان LL.B ڪري رهيو آهي. مون کيس ان ئي وقت سندس فون نمبر 3038207-0300 تي خبر چار ڪئي ۽ هن اياز جماليءَ کان ورتل انٽرويو مون ڏي موڪليو، جيڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. اهو انٽرويو پوءِ ڪاوش اخبار ۾ به ڇپيو پر ظاهر آهي اخبار ۾ گهٽ جاءِ هجڻ ڪري ان جا ڪجهه حصا رهجي ويا هن انٽرويو ۾ جتي بدين جي اياز جمالي ءَ ڏکڻ سوڊان جي جاگرافي ۽ سياسي اختلافن جو احوال ٻڌايو آهي اتي پنھنجي اغوا ٿيڻ ۽ سوڊان ۾ نوڪريءَ جي پڻ ڳالهه ڪئي آهي. هن جي پڙهندڙن لاءِ اها نصيحت بلڪل ڪار آمد سمجهان ٿو ته هن بيروزگاري جي دور ۾ پرديس ۾ ڪٿي نوڪري ملي وڃي ته حق حلال جي روزيءَ لاءِ ڏورانھين ڏيھه کان ضرور وڃي نڪرجي، پر ان کان اڳ اها خاطري ڪجي ته نوڪريءَ جي نوعيت ڇا آهي ۽ ان ملڪ يا ان ملڪ جي ان علائقي جون حالتون ڪھڙيون آهن. جيئن ڏکڻ سوڊان ۾ جتي تيل جي کوهن تي اياز کي نوڪري ملي، سياسي بغاوت جاري هئي. اياز ۽ ٻين پاڪستاني ۽ انڊين اتي ڪم ڪندڙ چيني ۽ ملائيشين تيل ڪمپنين وٽ ٿرڊ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ٿي. باغين چينين ۽ ملائيشين کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رکيو هو، پر انھن پنھنجي پاڪستاني ۽ انڊين ڪم ڪرڻ وارن کي باغين طرفان ڏنل الٽيميٽم کان بي خبر رکيو. شايد اهو سوچي ته جيستائين ڪم نڪري رهيو آهي صحيح آهي. باغي جي واقعي حملو ڪن ٿا ته پاڪستاني انڊين ئي مرندا. اياز جمالي ٻڌائي ٿو ته اسان کي اهڙين خطرناڪ جاين تي نوڪري ڪرڻ کان گريز ڪرڻ کپي.
منھنجي خيال ۾ ته نه رڳو آفريڪا جي جهنگلي علائقن کان ٻاهر پر عرب ملڪن جي نوڪري لاءِ به سوچي سمجهي وڃجي. اڄڪلهه جا عرب اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا نه رهيا آهن، جڏهن هو انجنيئرن، ڊاڪٽرن، مزورن کي کلي دل سان پگهار ۽ سھولتون ڏيندا هئا. هاڻ لڳي ٿو ته هنن جون پنھنجيون ضرورتون ئي اهڙيون وڌي ويون آهن جو ڀانئين ته پورهيتن کي ڏيڻ بدران سندن کيسي مان ڪڍجي ۽ جتي توهان ٿرڊ پارٽيءَ جي حيثيت سان نوڪري لاءِ وڃو ٿا اتي وڌيڪ احتياط ڪجي. اهو سسٽم هيئن آهي: عرب ملڪن جيسرڪار ڪو ڪارخانو ، اسپتال يا فئڪٽري هلائڻ ٿي چاهي. اها ان جو ٺيڪو پنھنجي ڪنھن عرب بزنيس مئن يا ڪنھن دلپسند گوري انگريز، فرينچ يا جرمن کي ڏين ٿا. اهو وري ڳولھي ڳولھي اسان جھڙن غريب ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش) جي مجبور ماڻھن کي رکي ٿو، جيڪي ٿوري پگهار تي ۽ معمولي سھولتن تي به راضي ٿي وڃن. پوءِ وڏو فائدو عرب يا گورو ٺيڪيدار کايو وڃي ٿرڊ پارٽي جي غريب پورهيت جي زندگي عذاب ٿيو وڃي. اها زندگي اڃا به بدتر ٿيو وڃي جڏهن اهي عرب يا گورا پورهيتن مٿان ڪو اسان جو پاڪستاني يا انڊين انچارج، فورمئن يا ڪمدار رکن ٿا. اهو پاڻ عربن جي چمچاگيري ڪري سک ۾ رهي ٿو پر ٻين پنھنجي هم وطنين سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪري ٿو.
عربن کي ڏسي هاڻ ملائيشيا جھڙن ملڪن ۾ به اهو ظلم روا ٿي ويو آهي. سرڪاري اسپتال جو نالو ٻڌي اسان جا ڊاڪٽر نوڪريءَ لاءِ حامي ڀرين ٿا. اتي پھچي خبر پوين ٿي ته اها اسپتال ڪو ٺڳ ملئي يا چينو هلائي رهيو آهي جيڪو ٻه ٻه مھينا ٿيو وڃن ته پگهار به نٿو ڏئي. نه رهائش جون سھولتون ۽ نه مقرر موڪلون. اسان جا ماڻھو داد فرياد لاءِ ڪنھن وٽ وڃن؟ گهڻو احتجاج ڪرڻ تي هنن جي ويزا رد ڪرائي کين بنا نوٽيس جي نوڪريءَ مان خارج ڪيو وڃي ٿو. هنن غريبن کي ايترو ٽائيم نٿو ڏنو وڃي جو هو کڻي خريد ڪيل ڪار، ٽي وي ۽ ٻيو سامان چئن پئسن ۾ وڪڻي سگهن. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته هي اهي ئي ملائيشين آهن جيڪي ڪجهه ڏهاڪا اڳ نياز ۽ نوڙت سان هلندا هئا، غربت ۾ رهندا هئا ۽ لالچ ۽ لوڀ کان پري هئا. اڄ انھن جي نئين ٽھيءَ وٽ جيئن ئي خوشحالي آئي آهي ته هنن ۾ لالچ ۽ ٺڳي، بي قدري ۽ بي انصافيءَ جو عنصر اچي ويو آهي. بھرحال قدرت جيستائين اسان جي ملڪ جون حالتون بھتر ڪريتيستائين اسان جا ماڻھو پيٽ گذر خاطر روزگار لاءِ پرڏيهه جا ڌڪا کائيندا رهندا. شل انھن جي رب پاڪ حفاظت ڪري.