توهان کي لڳي آهي شينھن جي....
اسان جي سنڌ وانگر آفريڪا ۾ به ڪيترائي واندا، وڻ هيٺان، نديءَ جي ڪناري تي، ڪنھن ڇپر جي اوٽ ۾، ڪنھن ڪچي هوٽل يا اوتاري جي آڳنڍ ۾ ويھي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندا نظر اچن ٿا. ڪچھريون ۽ چرچا جڏهن اسان وٽ به شيدين جا مشھور آهن ته پوءِ هتي جا شيدي ڀلا ڪيئن پٺتي رهجي سگهن ٿا. آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن جي انيڪ بندرگاهن ۾ اهڙيون ڪچھريون ٻڌڻ ۾ اينديون جن ۾ کل ڀوڳ ۽ ٽوٽڪن کان وٺي عشق محبت جا قصا، ٻٽاڪن ۽ ڪوڙن سچن داستانن کان وٺي عقل ڀريون ڳالھيون اچي وڃن ٿيون. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪجهه هتي ڏيان ٿو.
هن باب ۾ هتي جي مختلف جانورن بابت ڪجهه ڳالھيون آهن جيڪي مون اهڙين ڪچھرين ۾ آفريڪا جي شڪارين، جانورن جي ڄاڻن، شڪار ۽ جانورن سان واسطو رکندڙ ماڻھن ۽ انھن جي دوستن کان ٻڌڻ کان سواءِ مختلف ڪتابن ۾ به پڙهيون آهن.
• چون ٿا ته شينھن حملي وقت پنھنجي جان بچائڻ مھل پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو ۽ هن جي طاقت جو جواب ناهي. سڄي پٽاپٽي گڏهه (زيبرا) کي _ جنھن کي ڏهه ماڻھو کڻي سگهن ٿا تنھن کي وڏو شينھن يڪي سر ڇڪي سگهي ٿو.
• شينھن نالي چيو وڃي ٿو ته جنگل جو راجا اهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. پر دلير ڪتن جو جوڙو هن کي ڀڄائي سگهي ٿو.
• شينھن لاءِ مشھور آهي ته هن جو هني مونHoney Moon فقط ٽي هفتا هلندو آهي. ان عرصي دوران شينھن ۽ شينھڻ پنھنجي آرام يا موج مستيءَ ۾ ٻئي ڪنھن جو خلل هرگز پسند نه ڪندا آهن. ڪيترا دفعا سفاري پارڪن ۾ ان هني مون واري عرصي ۾ ايندڙ ويندڙ گاڏين اڳيان به شينھن ۽ شينھڻ هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا رهندا. شينھن هاٿيءَ وانگر شرميلو ناهي.
• ماديءَ جي ڍُڪجڻ بعد نر (شينھن) سندس اڳيان ئي رهي ٿو، جيڪا گهڻو ڪري ساڍن ٽن مھينن بعد ٻار ڄڻي ٿي، ان کانپوءِ به ڪي ڪي شينھن پنھنجي ڪٽنب تي هٿ رکندڙ وڏا ٿي گڏ گڏ رهن ۽ جيسين ٻچو ارڙهن مھينن کي پھچي.
• مادي شينھڻ کي ٽن سالن جي ساهيءَ بعد وري گرمي کڻندي آهي ۽ ايئن ڪرڻ سان قدرت اهڙو حساب رکيوآهي جو نئين ڦر ڏيڻ کان اڳ پھريون ڦر سندس حفاظت ۾ پلجيو چڱو وڏو ٿيو وڃي.
• ڪڏهن ڪڏهن نر شينھن ڪٽنبي زندگيءَ مان جهٽ بيزار ٿي پوندو آهي ۽ اڪيلو ئي اڪيلو هيڏانھن هوڏانھن رلڻ پنڻ نڪري ويندو آهي. ڪڏهن وري امالڪ موٽي ايندو آهي ۽ خراب موٽ ٿيڻ تي، جيئن ئي ماديءَ جو ڌيان پري هوندو آهي ته پنھنجو ئي ٻچو کائي ڇڏيندو آهي.
• هونءَ پکي پکڻ توڙي جانورن ۾ نر کاڌو مھيا ڪندو آهي پر شينھن جي ڪٽنب ۾ کاڌي جي ڳولا لاءِ مادي نڪرندي آهي.
• آفريڪي ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق اڳ زماني ۾ شينھن جو چڪيل نه بچي سگهندو هو، جو هن جي وات ۾ ايڏي گڦ ۽ زهريات رهي ٿي جو زخم يڪدم جراثيمجيو پوي. پر هاڻ پينسلين جي ايجاد ۽ موجودگي جھڙن تھڙن ڦٽيل ماڻھن کي بچايو ڇڏي.
• ڪي ڪي شينھن آدم خور به ٿين جي لاهي پائي ماڻھن کي کائڻ پٺيان هوندا آهن. اهڙن شينھن جا قصا اڪثر ڊائجيسٽن ۾ ملندا يا جم ڪارپيٽ ۽ جان ماسٽرس جھڙن انگريزي ليکڪن جي ڪتابن ۾. يا سندربن ٻيلي جي آسپاس رهندڙ بنگالين واتان ۽ هندستاني راجائن ۽ انھن انگريزن جي اولاد واتان ٻڌبا جن هندستان تي راڄ ڪيو.
هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو هڪ آدمخور شينھن بابت ته نه آهي پر اهڙي شينھن بابت ضرور آهي جيڪو روزانو رات جو ڪنھن سکن جي ڳوٺ مان هڪ ڍڳي کائي ويندو هو. ڪنھن کي به همت نٿي ٿي ته ان شينھن کي کڻي ماري. آخر هڪ سک هام هنئي ته اهو ڪم هو ڪندو. شينھن کي مارڻ لاءِ هيءَ ترڪيب ٺاهي ويئي ته هو ڍڳيءَ جي کل پنھنجي مٿان چاڙهي پاڻ سان ڀالا خنجر کڻي ڳوٺ جي ٻاهران شينھن جو گس وٺي وهندو. شينھن هن کي ڍڳي سمجهي جيئن ئي هن ڏي وڌندو ته هي ان تي حملو ڪري ڊاهي رکندس.
رٿيل ترڪيب سڀني ڳوٺاڻن کي وڻي ۽ هن تي ڍڳيءَ جي کل چاڙهي ڳوٺ کان ٻاهر بيھاري پاڻ اچي سک جي ننڊ ستا ته اڄ شينھن جي ڪھڙي مجال جو ڳوٺ ۾ اچي ڪنھن جي ڍڳي کائي وڃي. ٻئي ڏينھن صبح جو اٿي ڏسن ته شينھن ته دستور موجب ڍڳي ماري هليو ويو ۽ جيڪو همراهه پھلواني ڪري شينھن کي مارڻ لاءِ نڪتو هو ان جو پتو ئي نه. سڀ وائڙا ٿي کيس سڄو ڏينھن ڳوليندا رهيا پر ڪا سڌ نه پئي. آخر شام ڌاري ڏسن ته همراهه هڪ چُرِ ۾ لڪيو ويٺو آهي. سڀني تعجب مان پڇيس: ”ابا ڪر خبر؟ شينھن کي ڇو نه مارئي؟“
جواب ۾ ماڳھين ناراض ٿي وراڻيائين: “توهان کي لڳي آهي شينھن جي، هيڏانهن هڪ ڍڳو مون کي سچ پچ جي ڍڳي سمجهي اچي پٺيان پيو آهي. مس مس ڊوڙي اچي هتي لڪو آهيان ۽ پنھنجي جان ۽ عصمت بچائي اٿم....”
بھرحال تنزانيا جو شھر ابينا ۾ اهڙي آدمخور شينھن جو هرڪو ذڪر ڪري ٿو، جنھن سن 1946ع ۽ 1947ع ۾ پنج سئو کان به مٿي آفريڪن شيدي کائي ڇڏيا هئا. شينھن پنھنجي شڪار ڪيل جانور کي پڇ کان کائڻ شروع ڪري، منھن ڏي وڌي ٿو.
آفريڪا سڄي_ نائيجر نديءَ کان وٺي زمبيزيءَ تائين، پاڻ اڃا به هيٺ تائين، شينھن سان ڀري پيئي آهي، سواءِ وچ ڪانگو جي. اتي هيڪاندا گهاٽا ٻيلا هجڻ ڪري شينھن کي چرپر ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. بقول جان گنٿر ۽ پئٽرسن جھڙن ليکڪن جي، جن پنھنجن ڪتابن: The Man Eaters of Tsavo ۽ Inside Africa ۾ ان بابت ڪافي لکيو آهي. شينھن جي گجگوڙ ڇھن ستن ميلن تائين ٻڌي سگهجي ٿي ۽ ڪي ڪي شينھن تور ۾ ٻه سئو ڪلو_ پنجن مڻن کان به ڳرا ٿين ٿا.