ميريم ميڪيا_ آفريڪي عابده پروين
اڄ جي دور ۾ ته ڪو ڪٿي به هجي ته ٽي وي کولي وهي ٿو ۽ ٽي وي تي هڪ نه پر سوين چئنل چوويهه ئي ڪلاڪ هلندا رهن ٿا. ٽي وي ناهي ته ڪمپيوٽر، لئپ ٽاپ، آءِ پئڊ، ٽئبليٽ جن تي جيڪا شي وڻي فلم، ڊرامو، گانو ٻڌي سگهون ٿا. پر اسان جي ڏينھن ۾ مثال طور چين، ڪوريا يا ڪيوبا جي بندرگاهن ۾ اچبو هو ته به ڪو سرڪاري يا غير سرڪاري ٽي وي چئنل نه هوندو هو۽ نه اسان جو ريڊيو ڪا مڪاني اسٽيشن جهٽي سگهندو هو. بندرگاهه ۾ چيني، ڪورين يا اسپيني جا ڪميونسٽ قسم جا جيڪي قومي ترانا هلندا هئا، اهي پيا ٻڌبا هئا. ٻڌي ٻڌي انھن مان ڪو هڪ اڌ ضرور وڻڻ لڳندو هو. دل چوندي هئي ته جھاز هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ انڊيا جي بندرگاهن يا اتي جو ڪنارو وٺي هلي ته ڪي انگريزي يا هندي گانا ٻڌجن، جيڪي وري به سمجهه ۾ ته اچن ٿا. سو اهڙي طرح اسان ڌاارين ملڪن جي جن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو آواز سڃاڻڻ لڳاسين ۽ پسند ڪرڻ لڳاسين انھن مان ”ماما آفريڪا“هڪ آهي. گهڻو گهڻو پوءِ ٽي وي ۽ رسالن ۾ جڏهن سندس شڪل ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو اسٽائل ڏٺوسين ته چيوسين ته ”ماما آفريڪا“ آفريڪا کنڊ جي ماڻھن لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ لتا، نور جھان ياعابده پروين ۽ زرينه بلوچ. هي دور جيئن ته انٽرنيٽ ۽ يوٽيوب جو آهي سو توهان کي ”ماما آفريڪا“ جي آواز ٻڌڻ لاءِ آفريڪا جي شھر اچڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ نه وري ان جو سي ڊي يا ڪئسٽ گهرائڻ جي ضرورت آهي. يوٽيوب کولي ماما آفريڪا يا Miriam Makeba لکي هن جا گانا ٻڌي سگهو ٿا. خاص ڪري 1967ع جو مشھور راڳ 1474،pata pata جو Malaika يا The Lion Sleeps tonight يا ڪو ٻيو گانو. اهي راڳ هن انگريزيءَ کان سواءِ مڪاني آفريڪي ٻولين خاص ڪري کوسا ۽ زولو ۾ به ڳايا آهن. سندس آواز نيره نور، حميره چنا، ڀڳونتي جي به ياد ڏياري ٿو. توهان به سندس هڪ اڌ راڳ ضرور ٻڌجو ... پڪ پسند ايندانوَ. يا شايد اسان کي ان ڪري پسند آيو ٿي جو اسان لاءِ ڪا وندر نه هئي. ”ماما آفريڪا“ جو اصل ۽ سڄو نالو زينزلي ميريم ماڪيبا (Zenzile Miriam Makeba) آهي. پاڻ تقريباً لتا منگيشڪر ۽ اسان جي ليکڪ، دانشور ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي عمر جي ٿيندي ۽ جھانسبرگ ۾ 1932ع ۾ ڄائي هئي. (لتا جي ڄم جو سال 1929آهي۽ پليجو صاحب جو 1930 آهي). سندس پيءُ کوسا زبان جو ٽيچر هو. ڏکڻ آفريڪا ۾ زولو ٻولي بعد ٻي نمبر تي کوسا ٻولي گهڻي کان گهڻا ماڻھو ڳالھائين ٿا. سندس زينزلي نالو به کوسا ٻوليءَ جو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”ڪنهن به ڳالهه جو ٻئي تي ڏوهه ڏيڻ بدران پاڻ تي ڏيڻ.“
ميريم ڇھن سالن جي هئي ته هن جو پيءُ گذاري ويو ۽ کيس سندس ماءُ ڪرسٽينا نپايو، جيڪا سوازي لئنڊ جي هئي. هوءَ ”سنگوما“ هجڻ کان سواءِ گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ واري ”هائوس ميڊ“House Maid به هئي. سنگوما دراصل اهي عورتون آهن، جيڪي ٽوڻا ڦيڻا ڪن ٿيون، جسماني توڙي روحاني بيمارين جو علاج، ڄم ۽ موتي فوتي جي رسمن جي ادائگي، چوري ٿيل وهٽن جي فال ڪڍڻ، ڏائڻين جي خوف کان بچائڻ، مري ويلن کي عذاب کان بچائڻ جو ڪم ڪن ٿيون. اها ڳالھه ائين آهي جيئن اسان وٽ هن دور ۾ به پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو نقلي پيرن، جادوگرن ۽ ٺڳ حڪيمن جون ڳالھيون مڃين ٿا. اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ سائوٿ آفريڪا، جيڪو آفريڪا جي سڀني ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڊرن آهي، ان جا انگ اکر پڙهي رهيو هوس ته سائوٿ آفريڪا ۾ ٻه لک سنگوما آهن، جن کي انگريز Traditional Healer سڏين ٿا ۽ ڊاڪٽرن جو تعداد فقط 25000 آهي. ملڪ جا 60 سيڪڙو ماڻھو علاج لاءِ انھن حڪيمن، پيرن، جادوگرن وٽ وڃن ٿا. هونءَ اها به ڪمال جي ڳالهه آهي تهميريم کي 1949ع ۾ شاديءَ بعد ٻئي سال بونگي نالي ڌيءُ ڄائي (جيڪو هن جو اڪيلو ٻار آهي) ان بعد هن کي ڇاتي جو ڪئنسر ٿي پيو ته هن ڪنھن پڙهيل لکيل ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ بدران پنھنجي ماءُ جو علاج ڪرايو ۽ صحيح ٿي وئي! ميريم کي اڳتي هلي ٻچي داني جو ڪينسر پڻ ٿيو. ان جو علاج اسپتال ۾ ڪرايائين، جتي سندس Hysterecotomy ڪئي وئي. يعني آپريشن ذريعي Utreus ڪڍيو ويو.
ميريم ماڪيبا جي ڄمڻ کان پوءِ هوءَ ڇھن سالن جي ڄمار جي هئي ته سندس پيءُ ته گذراي ويو پر ان کان اڳ جڏهن هوءَ اڃا 18 ڏينھن جي هئي ته سندس ماءُ غيرقانوني ٺھيل ڪچو شراب وڪڻندي گرفتار ٿي هئي، جنھن لاءِ هن کي ڇهه مھينا جيل جي سزا آئي هئي. سو ميريم اهي ڇهه مھينا جيل ۾ ماءُ وٽ ئي گذاريا. سندس پھرين شادي به ناڪام رهي. اها هڪ موالي قسم جي اهڙي پوليس واري سان ٿي جيڪو اڃا ٽريننگ وٺي رهيو هو. ڳالھه ڳالھه تي هو گارين جا دس چاڙهيندو هو ۽ موچڙا هڻندو هو. ڪئنسر جو ٻڌي ٽپڙ ٻڌي هليو ويو ۽ ميريم سال جي ڌيءَ کي کڻي اچي ماءُ وٽ رهي.
ميريم جو ننڍي هوندي کان سُر سٺو هو ۽ هوءَ اڪثر گرجا گهر ۾ آچر جي گڏجاڻيءَ ۾ ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڪورس ۾ ڳائيندي هئي، پر صحيح معنيٰ ۾ هوءِ مشھور اسڪول ۾ ٿي، جتي هن انگريزي، کوسا، سوٿو ۽ زولو ٻولين ۾ ڳايو ٿي. اهڙي طرح 21 سالن جي ڄمار ۾ هوءَ آمريڪا جي مختلف بئنڊن سان گڏجي ڳائڻ لڳي. سائوٿ آفريڪا ۾ نسل پرستي عروج تي هئي. انگريزن، جن جي قبضي ۾ سائوٿ آفريڪا هو اتي جي مقامي ڪارن باشندن کي نيچ سمجهيو ٿي. ان جي خلاف آمريڪا وارن Come back Africa جي نالي سان هڪ فلم ٺاهي جنھن ۾ ميريم جو به هڪ مختصر رول هو. ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي سائوٿ آفريڪا جي حڪومت ميريم کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان فلم ۽ ساڻس ٿيندڙ هن ظلم ڪري ميريم بين الاقوامي نظرن ۾ اچي وئي. هوءَ نيويارڪ وڃي رهي، جتي ڳائڻ ۾ حصو وٺڻ تي اڃان وڌيڪ مشھور ٿي ۽ هن جي گانن جا ڪيترائي رڪارڊ ٺھڻ لڳا. سندس ماءُ جي وفات تي هوءَ فوتيءَ جي رسمن لاءِ جڏهن پنھنجي ملڪ پھتي ته نه فقط هن کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو پر سندس پاسپورٽ به رد ڪيو ويو.
1990ع ۾ سائوٿ آفريڪا ۾ جڏهن نسل پرستي جو خاتمو آندو ويو ۽ نيلسن منڊيلا کي آزاد ڪيو ويو ته ميريم موٽي آئي ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ پنھنجي ڳائڻ جا پروگرام (ڪنسرٽ) ڪرڻ لڳي. ميريم ماڪيبا انھن اوائلي آفريڪي ڳائڻن مان آهي جن کي دنيا ۾ مان ۽ مڃتا ملي. هن آفريڪن ميوزڪ جو يورپ ۽ آمريڪا ۾ تعارف ڪرايو. 2008 ۾ سندس وفات تي نيلسن منڊيلا ميريم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته:
Miriam Makeba’s music inspired a powerful sense of hope in all of us.
ميريم (ماما آفريڪا) جي زندگيءَ جو تفصيلي بيان سندس آٽو بايو گرافي Makeba: My Story ۾ آهي جيڪا فرينچ، جرمن، ڊچ، اٽالين، اسپينش ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. سندس موت اٽلي ۾ هلندڙ ڪنسرٽ (راڳ جي محفل) ۾ ڳائيندي ٿيو. هن پنھنجو Hit گانو ”پاٽا پاٽا“ ڳائي بس ڪيو ته کيس دل جو دورو پيو ۽ گذاري وئي.
سندس سٺي سُر ۽ منفرد اسٽائيل ڪري ميريم ماڪيبا “Mama Africa” سڏجڻ لڳي. هن کي ڪيترا ”ايمپريس آف آفريڪن سانگ“ به سڏين ٿا. ماما آفريڪا جي موت تي سائوٿ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا پنھنجي تقرير ۾ هن لاءِ اهو به چيو ته : Miriam is first Super Star ۽ هن اهو به چيو ته : She is South Africa’s First Lady of Song.