هڪ عجيب ايڊوينچر
تن ڏينھن ۾ اسان جو اهو جھاز يورپ، بيلجم، فرانس، جرمني ۽ انگلينڊ جھڙن سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن مان ٿي اولهه آفريڪا جي ملڪن: سينيگال، گني بسائو، لئانڊا ۽ گئمبيا وغيره ۾ ايندو هو. اسان انھن آفريڪا جي بندرگاهن ۾ به ايئن بي فڪر ٿي ڦرندا هئاسين، جيئن يورپ جي بندرگاهن ۾ - يعني نه ڏس ڏينھن نه رات، جيڏانھن ڌيان ۾ ايندو هو اوڏانھن رخ رکندا هئاسين. گاڏين جي اچڻ جو، نه وڃڻ جو وقت پڇندا هئاسين ۽ نه وري ائڊريس يا نقشو پتو ڌيان ۾ رکندا هئاسين - نه ان ملڪ جي سماجي حالت جي ڄاڻ نه سياسي سڌ سماءَ. شروع ۾ ته ڪڏهن اهو به خيال نه آيو ته هيءَ آفريڪا آهي، جتي جانورن، زهريلي جيتن، ٽيٽزي جھڙين مکين ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ لڳل بلحارظيا جھڙين بيمارين کان پاڻ بچائي هلڻ کپي. بس مستن وانگر جيڏانھن ايندو هو، اوڏانھن شھرن ۽ ڳوٺن جون گهٽيون گهمندا وتندا هئاسين. اسان لاءِ فقط اها ڳالهه اهم هوندي هئي ته جھاز جي لوهي چار ديواريءَ کان ٻاهر رهجي.
هڪ دفعي اسان جو جھاز شايد گئمبيا ۾، يا ان جي ڀرپاسي واري آفريڪي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو. ان ملڪ جو نالو هن وقت ڌيان ۾ نه پيو اچي. اهو بندرگاهه ڇا هو، اسان جي نيم وارياسي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان هو - بلڪ ان کان به ويران حالت ۾! چوڌاري ريگستان، تپندڙ سج ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ. بس بندرگاهه وٽ ڪچي مٽيءَ جي ٿُلهين ڀتين وارا گهر - جن مان به ڪيترا ته ڪکائن ڇتين جا هئا. ڪي چند پڪيون، فرينچن يا شايد پورچوگالين جون، سامراجي دور جون عمارتون ۽ آفيسون هيون. هي ملڪ ڪو گئمبيا يا گني بسائو جھڙو هو جيڪو سنهي پٽيءَ وانگر، اندر ٻئي ملڪ سينيگال يا فرينچ گنيءَ ۾ اندر گهڙيل هو، جنھن جا خشڪيءَ وارا رستا پڻ هڪ ٻئي مان لنگهيا ٿي.
هڪ ڏينھن شام جو، جھاز جي ٿرڊ انجنيئر سان گڏ ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتس. ٿوري دير بندرگاهه جي هڪڙي ئي بازار مان چڪر ڏيئي هڪ ڪچي هوٽل ۾ اچي، قھوي جھڙي ڪاري ڪافي پيتسين. ڪنھن ڀر واري شھر يا ملڪ کان مسافرن جو ڪو تازو قافلو آيو هو، سو چوڌاري اُٺن جي چڙن ۽ هوٽل تان وڄندڙ آفريڪي ٻوليءَ جي گانن جو آواز هو. آيل مسافر مسلمان ٿي لڳا جو سندن زالن کي آفريڪي نموني جو ڪارو برقعو هو ۽ ڪپڙي گنديءَ مان پئي لڳو ته امير ملڪ جا آهن. نه ته ان بندرگاهه ۾ ايڏي غربت ۽ جاهليت هئي، جو عورتن کي ئي پورو ڪپڙو بدن تي نه هو. آيل مسافر پنھنجو پنھجو ڪُنڙو ٺاهي ڪافي پي رهيا هئا. ڪي وچئينءَ جي نماز اوڀر اُتر ڪنڊ ڏي منھن ڪري پڙهي رهيا هئا، جو اتان ڪعبو ان طرف ٿئي ٿو.
ٿرڊ انجنيئر چيو هل ته ٿورو ٻھراڙيءَ جو به چڪر هڻي اچون. سو اسان واڪ ڪندا شھر کان ٻاهر نڪري وياسين. پري کان هڪ کٽارو بس - جنھن جھڙيون عجيب ٻوٿ واريون بسون، پاڻ وٽ سنڌ ۾ به نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇري پاسي اڃان هلن ٿيون، وڃي رهي هئي. تنھن کي دانھون ڪوڪون ڪري بيھارايوسين. يا شايد هوءَ پاڻهي ئي بيھي رهي جو اسان جي وهڻ کانپوءِ به ڪنڊيڪٽر دٻا پاڻيءَ جا ڀري انجڻ جي ريڊيئٽر ۾ وجهي ٿڌو ڪندو رهيو. اها مشق هر ميل اڌ بعد ٿيندي رهي. اسان اهو سوچي بس ۾ ويٺاسين ته ٻي بس ۾ موٽي اينداسين يا ته آخري اسٽاپ تائين وڃي ساڳي بس ۾ موٽنداسين، جيئن يورپ جي ملڪن ۾ اڄ به سياح ۽ واندا ماڻهو ڪن ٿا.
اها بس چار پنج ميل اڳتي هلي نيٺ صفا خراب ٿي پيئي. ڊرائيور گهڻو ئي زور لاٿو پر ٺيڪ نه ٿي. ٺيڪ به ڪيئن ٿئي. ريڊيئيٽر بنهه ڦاٽي پيس. هونءَ به ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پاڻيءَ جي بوند به نه هئي.
بس ۾ ٻيا جيڪي مسافر هئا سي ڳوٺن يا جهنگلي وستين جا هئا، سو لھڻ سان ئي ٽڙي پکڙي ويا. ڊرائيور کي ڀاڙي جا پئسا به نه ڏنائون. اسان کان ڊرائيور اڌ ڀاڙو وٺي ”جنرل ايوريج“ ڊڪليئر ڪري، پوءِ ڏس ڏنو ته اسان ميل ٻه اڳيان هليا وڃون. اتي ٻئي ملڪ جو رستو اچيو ٿو ملي ۽ ڪا نه ڪا سواري ملي ويندي.
(جنرل ايوريج سامونڊي اصطلاح آهي. جھاز جا ڪي مالڪ سمنڊ تي سندن جھاز کي قدرتي يا انساني رسيل مصيبت جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن کان ڦوڙي ڪري وٺندا آهن، جن جو سامان ان وقت جھاز تي هوندو آهي. ان کي جنرل ايوريج سڏجي ٿو. جنرل ايوريج يا ڏيواليپڻي جو اعلان ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي، جو ان سان ڪمپنيءَ جي ساک کي ڇيھو رسي ٿو ۽ آئيندي ماڻھو ان ڪمپنيءَ کي ڪارگو (سامان) ڏيڻ کان گهٻرائين ٿا).
”۽ هتان ڪا بس واپس بندرگاهه ڏي وڃڻي آ؟“ اسان ڊرائيور کان پڇيو.
”هي ئي ته هڪ بس آهي، جيڪا سڀاڻي هتان موٽڻي آهي. پر هاڻ ته خراب ٿي پئي آ. ٽي چار ڏينھن ته ٺھڻ ۾ لڳي ويندس.“ هن جواب ڏنو.
”ڀلا اڳيان اسان کي ڪھڙي سواري ملندي؟“ اسان وري ڊرائيور کان پڇيو.
ڊرائيور جيڪو شروع کان ڳاٽ اوچو ڪري پئي هليو ته هن کي انگريزي سٺي ٿي اچي جو ٻه سال گهانا ۾ هن هڪ انگريز سفاريءَ جي گهوڙي کي کرکرو ڪيو هو، تنھن اسان جي سوال جو مختصر جواب ڏنو.
”اي ڪئمل“ - يعني اٺ!
اسان کي پنھنجي غلطيءَ جو وڏو احساس ٿيو ته واهه جو گهمڻ نڪتاسين - سو به آخري ڏينھن تي! ٻئي ڏينهن جھاز کي هن ملڪ مان لنگر کڻڻو هو.
ٿرڊ انجنيئر صلاح ڏني ته اڳتي هلڻ بدران ڇو نه پٺيان پير کڻجن. ”سڄي عمر صدر کان ڪياماڙيءَ تائين بس ۾ ايندي مون کي آئيڊيا ٿي وئي آهي ته پاڻ هي جيڪو پنڌ ڪيو آهي اهو اوترو ئي آهي، جيترو سعيد منزل کان ٽاور تائين - يعني پورا پنج ميل“. ٿرڊ انجنيئر عقل جي ڊوڙ ڪئي. ويتر هن شارٽ-ڪٽ به ڳولهي ورتي - جيڪا هئي ته ڪا نه پر اسان اها به غلطي ڪئي ۽ سنئون سڌو پڪو رستو ڇڏي ڪچي تي لھي پياسين - يعني واريءَ تي. ريتي يا واريءَ تي هلڻ به ڏکيو! سج لھڻ وارو هو. نظر ته گهڻي وقت کان نه پئي آيو جو مٽيءَ جي رَءُ ۽ جهَڪ ڪري سڄي آسمان تي مٽيءَ جو تھه چڙهيل هو. ويتر رکي رکي گرم هوا جو واچوڙو ٿي لڳو ته چوڌاري ملڪ اوندهه ٿي ٿي ويو. چوڌاري واري ئي واري نظر آئي ٿي. ٿوري دير کانپوءِ پري کان ڏسون ته واچوڙي وانگر اڏامندڙ ڪا شيءِ اسان ڏي ڌوڪيندي اچي - ڄڻ ڪي گهوڙي سوار مٽي اڏائيندا اچن. جڏهن بلڪل ويجهو لنگهي ويا ته خبر پئي ته اهي چار پنج شتر مرغن (اٺ پکين) جھڙا جانور هئا. ٿرڊ انجنيئر ٻڌايو ته اهي ائنٽيلوپ آهن، جيڪي سامبر (ٻارهن سنڱي) هرڻن جهڙا ٿين ٿا. بهرحال ڌوڙ جي طوفان ۾ چٽيءَ طرح نظر نه آيا. جيتوڻيڪ اهي چيرڻ ڦاڙڻ وارا جانور نه هئا پر اسان ٻنهي کي ٿورو ٿورو ڊپ ٿيڻ لڳو ۽ احساس ٿيو ته هي آفريڪا جو اهو حصو آهي جتي اڃان به ماڻهو جهنگلي صورت ۾ آهن. ڪيترا ته آدمخور به آهن. ويتر انهن ڏينھن ۾ آفريڪا جا اڃا ڪيترا ملڪ آزاد نه ٿيا هئا سو مڪاني شيدين جون يورپين سان گڏ اسان ايشين تي به خارون هيون.
هاڻي ٿوري ٿوري اوندهه به ٿيڻ لڳي. پر سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اڃ هئي. ڏينھن جي تتل واريءَ جا ذرڙا ڄڻ ته نڙگهٽ ۾ چڀيا ٿي. ايتري ۾ اسان کي پري کان ڪجهه ڪچا گهرڙا نظر آيا، جن مان لالٽين جي روشني اچي رهي هئي. سھڪي سھڪي اتي پھتاسين. ڪَچَن گهرن اڳيان پيٽ اڀاميل ڏٻرا ٻار ۽ رول ڪتا بيٺا هئا. ڪجهه وڏي عمر جا ٻار به هئا، جن جي هٿن ۾ بانٺا هئا. اُهي به ذري گهٽ اگهاڙا هئا. آلي مٽي سندن اگهاڙين ٽنگن ۽ ٺونٺين تي چنبڙيل هئي. هڪ ٻن ڪتن ڀونڪار ڪئي پر اسان جي ٻچڪار تي ماٺ ٿي ويا. ڪنڊ واري گهر کان هڪ شيدياڻي در کان ٻاهر نڪتي. گهر کي در ته ڪونه هو پر ايئن سمجهو ته ڀت ۾ ڏار هو. هيءَ شيدياڻي، عورت گهٽ پر مرد وڌيڪ لڳي رهي هئي. سندس منھن تي ڪنھن نامي گرامي ڌاڙيل جي جسم وانگيان ڪيترائي ڪھاڙي جي ڌڪن جا سنڌا هئا. هن کي پاڻيءَ جو اشارو ڪيوسين ته اڃ ٿا مرون، پاڻي کپي. هن پنھنجي آفريڪي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي اندر اچڻ جو اشارو ڪيو. اسان اندر وڃڻ کان اڃان گهٻرائي رهيا هئاسين ته ٿرڊ انجنيئر منھنجي پيرن ڏي اشارو ڪري وٺي رڙ ڪئي. آئون ڏڪي ويس. چُنجهي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏسان ته هٿ جيڏو هڪ ڪارو وڇون منھنجي بوٽ جي پٻ تي چڙهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. مون کان به رڙ نڪري وئي. اڳيان پيرن اگهاڙا ٻار، اسان جي ان حرڪت تي کلي کلي اونڌا ٿي ويا. هڪڙي ٻئي کي سڏ ڪيو جو پري دڙي تي ويٺو هو. سندس هٿ ۾ شيشو ۽ ڊگهو لوهه جو سوئو هو. هن سُوئو وڇونءَ جي پيٽ ۾ هڻي، ان کي مٿي کڻي شيشي ۾ اندر وڌو، جنھن ۾ ٻيا به ڪيترائي هيڊي ۽ ناسي رنگ جا وڇون ڦٿڪي رهيا هئا، پر ڪارو ڀٽون هي پھريون هوس. اسان هڪدم گهر اندر گهڙي وياسين. اندر ڪنڊ ۾ ٺڪر جو ڏيو، ڪپهه جي وَٽِ وارو، ٻري رهيو هو. هڪ ٻي به ٿلهي متاري زال جيڪا عمر ۾ کانئس گهڻي ننڍي لڳي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس ڌيءَ هجي يا ننھن، هن وانگر رڳو ننڍڙي پوتڙي ۾ ويٺي هئي. مٿيون ڌڙ ٻين سڀني وانگر اگهاڙو هوس. هوءَ ٻار کي ٿڃ پياري رهي هئي. سندس هڪ هڪ ارهه ٻار جيڏو ٿيندو. هن کان اڳ مون اهڙي قسم جي اگهاڙين آفريڪي حبشي عورتن ۽ انڊونيشي، فلپيني ۽ پئسفڪي ٻيٽن جي اڻ سڌريل قبيلن جي عورتن جا اَنُ ڇاڻيندي يا جونئون ڪڍندي اگهاڙا فوٽُو، فقط ”نئشنل جاگرافڪ“ رسالي ۾ ڏٺا هئا.
گهر جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڪو تازو ڪٺل جانور لڙڪي رهيو هو، جنھن جي کل لٿل هئي. ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻڪري هئي يا وڇ گابو - يا اڃا به ڪو گڏهه خچر - اهو سڃاڻي نه سگهياسين، جو سندس کل وانگر منڍي به غائب هئي. ڪيترن هنڌن تان گوشت روڙيل هو. تازو ڪٺل ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو ڀر ۾ رکيل ٺڪر جي پاٽ رت سان ڀري پيئي هئي. اسان سان گڏ، گهٽيءَ ۾ بيٺل اگهاڙا ۽ بانٺن وارا ٻار پڻ اندر آيا. هو به ذري ذري ان لڙڪيل ڪٺل جانور ڏي اشارا ڪندا رهيا. جنھن مان لڳو ٿي ته هيءَ ڪا نئين ڳالهه ٿي آهي ۽ تمام ڪا وڏي ڳالهه آهي. اهو جانور يا شڪار ڪيو ويو آهي يا ڪو ڏينھن ملهائڻ لاءِ قرباني ڏني وئي آهي. آئون هراسيل اکين ۽ ڍرڪيل هينئين سان ڪڏهن ان ٽنگيل جانور کي ته ڪڏهن ٻار کي سندس ماءُ جي ٿلهن متارن ٿڻن مان کير ڌائيندو ڏسندو رهيس ۽ ساڳي تعجب مان، اهي عورتون اسان کي ڏسنديون رهيون. ٿرڊ انجنيئر آهستي چيو ڪٿي پاڻ کي فرائي ڪري کائي نه ڇڏين. ٿوري دير بعد اسان وري پاڻيءَ جي ڳالهه، ايئن ڊڄي ڊڄي ڪئي ڄڻ ڪنھن لاءِ سڱ گهرڻ آيا هجون ۽ انڪار جو به انديشو هجي. ٻاهر بيٺل عورت هڪدم رسو ۽ جست جي باردي کنئي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو. مون کي اشاري سان چيائين ته تون اتي ئي ترس. ٿرڊ انجنيئر چيو : ”لالا کوهه تي پاڻي ڀرڻ ٿي هلي.“
چيومانس ته ”ترس ته آئون به هلانءِ، مَرون ته گڏ ته مرون - هن لڙڪيل جانور ۽ کير پياريندڙ خونخوار حبشياڻيءَ کي ڏسي آئون ڪٿي برقعو نه مٽي وڃان.“
بھرحال اهي سڀ ڳالهيون هينئر جون آهن. ان وقت اسان ٻنهي ڏڪندي ڏڪندي اشاري ۾ چيو ته گڏ گڏ رهنداسين. سو ٻئي ٻاهر نڪتاسين. پٺيان بانٺن سان ٻار، اگهاڙا پيٽ نڪتل ٻار، وڇونءَ جي شيشي وارو ٻار ۽ بيمار رول ڪتا اسان سان گڏ هلڻ لڳا. ٿورو پري هڪ کوهه هو يا ڪو چشمو يا کڏو جنھن ۾ ويٺل ڏيڏرن جون رڙيون آسمان تائين ٿي پھتيون. حبشياڻيءَ ان مان باردي پاڻيءَ سان ڀري ڪڍي. مڃيان ٿو ته اهو پاڻي ايترو هائيجينڪ نه هو پر ان وقت سخت اڃ ۾ وڻيو پئي. هونءَ به اها پڪ اٿم ته ٺٽي جي ٻاڙي پاڻيءَ کان وري به وڌيڪ ٽيسٽي ۽ هائيجينڪ هو. پاڻي ڍو تي پي پوءِ اسان هن کي جھاز ٺاهي ٻڌايو ته اسان ايڏانھن وينداسين. گس ٻڌاءِ. توکي پئسا به ڏينداسين. يعني اسان جي مدد ڪرڻ جو اجورو ڏينداسين. پاڻ اسان کي وري گهر وٺي آئي، جتي ٻارن وري اشاري سان ٽنگيل جانور ڏيکاريو. اسان کي گهر ۾ وهاري پاڻ وئي سو هڪ شيدي پوڙهو مڙس ۽ ٻه مرزيل خچر ڪاهي آئي. هڪ تي ٿرڊ انجنيئر ويٺو ۽ ٻئي تي آئون. ٻئي خچر ڪجهه پنھنجي مڙسيءَ تي هليا، ڪجهه شيديءَ جي ڇڪڻ ۽ ڏنڊين جي زور تي. اڌ مني ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ ساڳي پڪي رستي تي اچي چڙهياسين، جتي پيٽرول پمپ به هو. رات جا نوَ کن اچي ٿيا هئا، پر آفريڪا جي گرم لُڪَ ڪپڙن مٿان به ساڙيو ٿي. چانڊوڪي رات هئي سو ڪجهه نه ڪجهه نظر اچي رهيو هو. پيٽرول پمپ تي هڪ ٽئڪسي بيٺي هئي. جيڪا شايد ان بندرگاهه ۾ واحد ٽئڪسي هجي. ڊرائيور ڪجهه پيسا وٺي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پاڪستان جي ڪنھن بين الاقوامي ريڊيو اسٽيشن تان - تن ڏينھن ۾ ڊاڪا ۽ راولپنڊي پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اينديون هيون - يا ٿي سگهي ٿو اها اسٽيشن ايران يا ڪويت جي هجي، جن تان پڻ هر روز ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان جا گانا ايندا هئا ۽ ولايت ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن جون اهي دل پسند ريڊيو اسٽيشنون هونديون هيون. بھرحال انهن مان ڪنهن تان نور جھان جو اردو گانو هلي رهيو هو:
تيري در پر، صنم! چلي آئي هين،
تو نا آيا، تو هم چلي آئي هين.
پيٽرول پمپ جي مالڪ ان گاني ڏي ڌيان ڇڪائيندي ڀڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ”توهان ان ملڪ جا آهيو؟“ اسان ٽڙي خوش ٿياسين. ڪجهه اسان جا هاڻ خوف به ڍرا ٿي چڪا هئا. جيسين ڊرائيور قھوو پي پورو ڪري، تيسين اسان ”آفريڪن ڊيزرٽ“ ۾ نورجهان جي گاني مان محظوظ ٿيڻ لڳاسين - ڄڻ گذريل چند ڪلاڪ جيڪا اسان سان جٺ ٿي، سا ٻئي ڪنھن سان ٿي.
ڊرائيور ٽئڪسيءَ کي پھرين اسان کان ڌڪو ڏياري انجڻ اسٽارٽ ڪئي، پوءِ اسان کي وهاري پنھنجي ٽئڪسي هلائي. چوڌاري ريتي ئي ريتي ڪري رستي جو رڳو وچيون پٽو نظر اچي رهيو هو. باقي روڊ جا ٻئي پاسا جاگرافي جي پروفيسر ۽ سنڌ جي اديب ظفر حسن جي زباني واريءَ جي ”ٽرانسپورٽيشن ۽ ڊينيوڊيشن“ ڪري ڍڪجي ويا هئا. اهڙي ريتيءَ-هاڻي رستي تان، حبشي ڊرائيور پنهنجي ٽئڪسي ڪيئن پئي هلائي، اهو سندس مٿي جو سور! اسان کي اڌ ڪلاڪ کن بعد، جڏهن بندرگاهه ۾ جھاز سامهون اچي لاٿائين ته يقين ئي نه پئي آيو ته خواب ۾ آهيون يا حقيقي زندگيءَ ۾!
بھرحال زندگيءَ ۾ اهو پهريون دفعو هو جو سچيءَ دل سان جھاز وڻي رهيو هو. جھاز ڪو ماڻهو هجي ها ته ڀاڪر پائي کڻي چمي ڏجيس ها، ان ڏينھن!