مرحوم ڏاڏي جو علاج
ضروري ڪاغذن ۽ لاگ بڪ جو اڪلاءُ ڪري آئون به پنھنجي ڪئبن ۾ آيس. اڃا ستس ئي مس ته محسوس ڪيم ته نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ - وار، سنهو ڪک يا ڪا ڇيت چڀي رهي آهي. ٻاهر ڪڍڻ لاءِ گهڻيئي اوڪارا ڏنم پر ساڳيو حال رهيو. پاڻيءَ جا وڏا وڏا ڍڪ ڀريم ته جيئن اها شيءِ اندر هلي وڃي پر ڪجھه فرق نه پيو. ڳالهه وسارڻ جي ڪوشش ڪري وري ستس پر ساڳي آنڌ مانڌ. ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ وڏو وات ڦاڙي آرسيءَ ۾ ڏٺم. ڪجهه به نظر نه آيو.
هڪ ته اوجاڳي ۽ ٿڪ ماندو ڪيو هو، ٻيو وري هن تڪليف منجهائي رکيو. مون جلدي جلدي سمهڻ ٿي چاهيو جو اوجاڳو ڪندي هاڻ اٽڪل چاليهه ڪلاڪ ٿي چڪا هئا ۽ صبح جو ڊيوٽيءَ لاءِ تازو توانو هجڻ لاءِ هينئر ٿوري ننڊ ضروري هئي. پر جيئن ئي اک لڳي ٿي ته نڙيءَ ۾ سُر سُر محسوس ٿِي ٿَي ۽ سجاڳ ٿي پيس ٿي. ان ريت اها رات پڻ جاڳڻو پيو. صبح جو جھاز جيئن ئي ”آءِ ون ڊيل“ بندرگاهه ويجهو ٿيو ته ان جي لوڪل آفيس وارن کي وائرليس ذريعي منھنجي تڪليف بابت ٻڌايو ويو جيئن جهاز بندرگاهه ۾ پهچڻ سان مونکي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلن.
اسان جو جھاز شھر کان گهڻو پري ان فئڪٽريءَ ۾ اچي بيٺو، جنهن جو سامان جهاز کي کڻڻو هو. هن هنڌ تان ڪا ويجهي اسپتال يا ٽئڪسي به نه هئي، سو آفيس وارن هڪ ڀر واري شھر جي هڪ اسپتال وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، تن هڪ ڳري خرچ سان پرائيويٽ وئگنر ڀاڙي تي ڪري جھاز تي موڪلي. مون کي ان وقت پھريون دفعو احساس ٿيو ته چڱو جو انشوئرنس ڪمپني وچ ۾ آهي نه ته آمريڪا ۽ جپان جھڙن مھانگن ملڪن ۾ دوا درمل ڪير ٿو پنھنجي خرچ تي ڪرائي سگهي! اهوئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ جپان ڏي ويندڙ اهي مسافر، سياح يا شاگرد جيڪي مھيني ڏيڍ کان مٿي وڃن ٿا، ڪجهه پئسا ڏيئي پنھنجو پاڻ کي ميڊيڪل انشوئر ڪرائي ڇڏيندا آهن، جيئن پرديس ۾ متان ڪجهه ٿي پوي ته علاج ۽ اسپتال جو خرچ پکو اها انشوئرنس ڪمپني ڪري. ساڳي وقت انشوئرنس ڪمپنيءَ کي فائدو آهي جو ضروري ناهي ته هر هڪ بيمار ٿئي. ڊاڪٽرن کي به نه فقط دل گهريون فيون مليو وڃن پر هو مرض جي ڳولا ۽ علاج پڻ وڏي دل سان چڱيءَ طرح ڪن ٿا.
وئگنر جو آمريڪن ٿلهو شيدي ڊرائيور، رستي تان راڳ ڳائيندو اسپتال ڏي هليو. ڪلاڪ کن جو پنڌ هو. ان وچ ۾ رستي تي نظر ايندڙ ريسٽورنٽن وٽ گاڏي بيھاري ٻه دفعا بيئر پيتائين ۽ ٽي دفعا پيشاب ڪيائين. اسپتال پھچي رسيپشن تي هن منھنجو نالو ۽ پتو لکرايو، ان بعد هڪ ٻي ڪمري ڏي وٺي هليو. اتي جي ڊيوٽي نرس منھنجو يڪدم بلڊ پريشر، تور، ٽيمپريچر وغيره ورتو. کيس ٻڌايم ته مون کي بخار نه پر نڙيءَ ۾ تڪليف آهي، جيڪا جلد ٺيڪ ٿي وڃي ته سٺو.
”پر هي سڀ ڪم روٽين ۾ اچن ٿا. اهي معلوم ڪرڻ بنا ڊاڪٽر تپاس نه ڪندو“. نرس مونکي سمجهايو.
ان بعد ڊرائيور ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر وٽ وٺي هليو جيڪو جنرل فزيشن هو. تنھن رڳو سوال جواب ڪري، ڊرائيور کي چٺي لکي ڏني ته هو مون کي ”ڪن، نڪ ۽ ڳلي“ جي ماهر ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃي.
اي اين ٽي اسپيشلسٽ وڏو وات پٽرائي چڱيءَ طرح نڙگهٽ کي جاچيو پر ڪجهه نظر نه آيس. ان هوندي به ايڪسري لاءِ موڪليائين. ايڪسري روم ٿورو پرڀرو هئي، جتي ان ئي وقت فوٽو ڪڍي ٿوري دير بعد ان جي رپورٽ ڊاڪٽر ڏي موڪلي. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ايڪسري ۾ به ڪجهه نظر نه پيو اچي.
“پر مون کي ته ڳلي ۾ ايتري سُر سُر محسوس ٿي رهي آهي جو صاف لڳي پيو ته ڪجهه آهي”.
“ٿي سگهي ٿو ته ڪا اهڙي سنهي ڇيت هجي جيڪا ايڪسري ۾ به ظاهر نٿي ٿئي. هونءَ ٿوري ڳاڙهاڻ ۽ سوڄ ضرور آهي.” ڊاڪٽر چيو .
“آئون ان ڪري به پريشان آهيان،” مون ڊاڪٽر کي چيو، “جو جيڪي علاج ٿيڻو هجي سو هنن ٻن ٽن ڏينھن ۾ ٿي وڃي ته سٺو نه ته ان بعد جهاز هڪ دفعو آمريڪا جي ڪناري تان لنگر کنيو ته معنا اسان کي هفتو سوا ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ لڳندو، جنهن بعد اڳتي آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن بندرگاهن ۾ ڪنھن سنئين سبتي ڦڪي سُتيءَ جي به اميد نٿي ڪري سگهجي”.
”چڱو هينئن ڪر جو اڄ رات تائين ڏس، نه ته پوءِ سڀاڻي نيو اورلينس جي وڏي اسپتال ۾ هي ڊرائيور وٺي ويندءِ“. ڊاڪٽر مون کي سمجهايو ۽ پوءِ سندس بل تي مون کان صحيح وٺي اسان کي روانو ڪيو.
گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ بعد شيدي ڊرائيور جيڪو سڄو وقت اسپتال جي عمارت ۽ عملي کي گاريون ڏيندو رهيو هو - خاص ڪري ان جي زناني شاخن کي، ان مون کي ڌيرج سان چيو:
”مئن! ڊو دس! (سائين منھنجا! هڪ ڪم ڪريو!) منھنجو مرحوم ڏاڏو چوندو هو ته نڙيءَ ۾ جي ڪنڊو يا ڪوڪو به ڦاسي پوي ته ڊبل روٽيءَ جا ٻاهران سڪل ڪَنا کائجن يا ڪرئڪر بسڪيٽ! هو ڪو ڊاڪٽر نه هو پر هنن چرياڻ ڊاڪٽرن کان وڌيڪ سياڻو هو. تون اهي کائي ڏس.“
آئون چپ.
ڪجهه ميلن بعد پري کان دڪانن جا اشتھار نظر آيا ۽ هن گاڏي اچي هڪ سپر مارڪيٽ وٽ بيھاري. آئون گاڏيءَ ۾ ويٺو رهيس. پاڻ ويو سو پنھنجي لاءِ بيئر جو ٺونٺ جيڏو شيشو ۽ مون لاءِ ڪرئڪر بسڪيٽن جو پڙو وٺي آيو.
”اوڪي مئن! گِو اي ٽراءِ“. هن بسڪيٽن جو پڙو منھنجي حوالي ڪندي کائڻ لاءِ چيو.
بسڪيٽ هٿ ۾ جهلي آئون کلندو رهيس.
صبح جا نڪتل هئاسين، ٻنپھرن جو هڪ اچي ٿيو هو - ساڳي تڪليف ۾ جھاز تائين پھچندي.
وئگنر مان لھي، خرچ جا سمورا بل صحيح ڪري شيدي ڊرائيور کي ڏنم ۽ کانئس مليل ڪرئڪر بسڪيٽ کائيندو جھاز جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳس. جھاز جو ”اي“ ڊيڪ چڙهي ”بي“ ڊيڪ تي پھتس. جھاز جا ڪجهه همراهه ٽي وي ڏسي رهيا هئا. ڪي ٽيبل ٽينس کيڏي رهيا هئا. اتان پوءِ مٿي پنھنجي “سي” ڊيڪ تي پھتس ۽ پنھنجي ڪئبن ڏي رخ رکيم. تالو لاهي ڪئبن کوليم. بک ۾ اڌ پڙو بسڪيٽن جو ڏاڪڻيون چڙهندي چَٽ ڪري ورتو هوم. آفيس واري ڪمري مان لنگهندي، ڪنڊ ۾ رکيل فرج مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري بيڊ روم واري ڪمري ۾ اچي پيتم.
پر هي ڇا؟
پاڻيءَ جو سڄو گلاس پي ويس پر ڪجهه به محسوس نه ٿيو. نه ته ڍڪ ڍڪ ڀرڻ تي نڙيءَ ۾ ڄڻ رهنڊون ٿي آيون. ڳت ڏيڻ سان جيڪا تڪليف پھرين ٿي رهي هئي، تنھن جو هاڻ نالو نشان به نه هو. خوشي به ٿيم ته تعجب پڻ ته سڄو ڏينھن ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ رلڻ بدران ان شيدي ڊرائيور سان ڳالهه ڪريان ها جنھن جي مرحوم ڏاڏي خبر ناهي ٻين ڪھڙين ڪھڙين بيمارين لاءِ ڪھڙا ڪھڙا سستا ۽ سولا نسخا ۽ ڦڪيون ڦيڻا ٻڌائي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو هو.
نيواورلينس (لوزيانا)؛ آمريڪا 1981ع