ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

مضمون ڇا آھي؟

مضمون ڇا آھي؟ ۽ سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي
مضمون نويسيءَ جي اھميت اجاگر ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته مضمون ڇا آھي؟ ھڪ ليکڪ جي چوڻ مطابق:
“The Word Essay means an effort” لفظ Essai فرانسيسي زبان جو آھي. جنھن جي معنيٰ آھي “ڪوشش ڪرڻ” مضمون جي صنف کي عالمن ھن ريت واضح ڪيو آھي.
It is an effort, to express, the essayists intellectual, and emotional reaction to an idea.
عام طور مضمون ھڪ مناسب، ڊيگھه واري نثر جي تحرير آھي، جنھن ۾ ليکڪ ڪنھن به موضوع کي پنھنجي پسند ۽ مطالعي و مشاھدي سان بيان ڪندو آھي. جنھن ۾ موضوع بيشڪ تاريخي، سوانحي، سماجي، ادبي يا فلسفيانھ ھجي. پرمضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس سندس تحرير ۾ چٽو ڏسبو آھي. سندس علمي ۽ ادبي قابليت سندس تحريرن مان بکندي آھي. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جن “آفتاب ادب” ۾ مضمون نويسيءَ لاءِ لکن ٿا. “مضمون کي اردو ۾ انشا پردازي چوندا آھن. انشا پردازي مضمون نويسيءَ جي اھڙي قابليت ۽ لياقت کي چئبو آھي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل ھجي. مضمون جنھن به مطلب لاءِ لکيل ھجي، ان جو ھر پھلو نظر ۾ رکجي، لفظ اھڙا ته ڪم آندل ھجن، جي ڪنن کي سريلا ۽ رسيلا لڳن ۽ زبان تي تڪڙا ۽ ھلڪا ھجن. بد آواز ۽ ڳرا لفظ ڪم نه آڻجن مضمون ھڪ گلدستي گاھه پيو ڄاڻجي، ته لفظ ان جا رنگين گل مضمون ڄڻ جوھريءَ جو دوڪان ھجي، ته لفظ ان جا جواھر ۽ ھيرا، مضمون آسمان ھجي، ته لفظ ان جا چمڪندڙ تارا، مضمون جيتريقدر رنگين ھجي، اوتريقدر شيرين. ٻولي بازاري نه ھجي بلڪ ادبي.” (“آفتاب ادب” صفحھ 117 ۽ 119).
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني ٻولين جي علم و ادب جي خزاني ۾ مضمون جي صنف جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي، ۽ خاص طور ٻوليءَ ۽ لغت جي استعمال ۽ موضوع جي چٽائيءَ کي مضمون نويسي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ھڪ پرڏيھي ليکڪ مضمون کي ھن ريت سمجھايو آھي.
The Essay fills. So large place in modern literature and is so attractive a form of composition that attention must necessarily be given to it in any course of literary study.
مضمون جي صنف سکي ھوندي به ڏکي آھي، مضمون صرف ذاتيءَ راءِ جو اظھار نه آھي، ليکڪ جو فڪر ڪلام، مشاھدو، بياني قوت جو ڍنگ مضمون کي ھڪ ادبي حيثيت عطا ڪندا آھن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مطابق “مضمون ھڪ اھڙي ليک کي چئجي ٿو. جنھن ۾ ليکڪ نثر ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ۽ خيالات ھڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل ھجن، معنيٰ ته مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر نويسيءَ سان آھي ۽ مضمون نگار لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن ۽ ڄاڻ جو مطالعو ضروري آھي ۽ گڏوگڏ سندس مطالعو ۽ مشاھدو به وسيع پئماني جو ھئڻ ضروري آھي. ته جيئن سندس موضوع جي گرفت مضبوط ھجي سنڌي نثر جي باري ۾ اوائلي ڪتاب جن جو تفصيلي مطالعو سنڌي نثر جي بينادي ڄاڻ جي خبر ڏئي ٿو. انھن ۾ “ھدايت الانشاءَ” ھڪ مشھور ڪتاب آھي.
“ھدايت الانشاءَ” ڪتاب ۾ حاجي ھدايت لله مشتاق (مٽياريءَ وارو) سنڌي نثر کي واضح ڪندي لکي ٿو تھ: “سڀ ڪنھن فن جي عبارت جو شان جدا آھي. جيستائين ان جا اصطلاح ۽ متعلق نه ڄاڻبا، تيسين تائين موچاري ڳالھه چئي نه سگھبي، اگرچ نثر جمال جي منھن کان سون وانگر آھي ۽ نظم حسن ۾ گوھر. سون ۽ گوھر ڌار به زينت ڪن ٿا. جڏھن پاڻ ۾ گڏبا ته ڪھڙو نه جنسار ڪندا”؟ (صفحو نمبر 6 “ھدايت الانشا”).
ھدايت الانشا ڪتاب نثر نويسيءَ ۽ خاص خطوط نويسيءَ جي موضوع تي لکيل آھي. جيڪو 1312ھجريءَ ۾ لکيو ويو. انشا پردازيءَ جي اصولن تي لکيل ھيءَ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ جلد ئي ناياب ٿي ويو. پنجن بابن ۽ چار سئو ٽيتاليھه صفحن جو ھي انشا پردازيءَ جي جواھرن جو چونڊيل ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن سان سجايل آھي. 1956ع ۾ غلام محمد شاھواڻي ۽ سيد باز محمد شاھ جي تعاون سان سنڌي ادبي بورڊ ھن ڪتاب کي ٻيھر ڇپايو.
مضمون نويسيءَ جي ارتقا ۽ دنياوي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات:
مضمون نويسيءَ جي صنف فرانس کان شروع ٿي، دنياوي ادب جو پھريون مضمون فرانسيسي اديب مان ٿيسز لکيو. لارڊ فرانسز بيڪن (1561-1626ع) بھترين فلسفيانھ مضمون 1577ع کان 1621ع تائين لکيا، جيڪي “بيڪنز ايسيز” سان مشھور ٿيا. اھو ڪتاب لارڊ بيڪن جي حياتيءَ ۾ به بار بار ڇپيو ۽ جنھن جي ڪري کيس “انگريزي افلاطون” ڪري سڏيو ويو اصل ڪتاب انگريزيءَ ۾ آھي ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي. ھي ڪتاب مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ ھڪ انقلاب ثابت ٿيو. سنڌيءَ ۾ ھن جو ترجمو مرزا قليچ بيگ “مقالات الحڪمت” جي نالي سان ڪيو. جيڪو سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ به پھريون مضمونن جو مجموعو آھي. انگريزي ادب ۾ ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ، ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور مضمون نگار ٿي گذريا آھن ۽ ڪافي جڳ مشھور مضمون ۽ مضمونن جا مجموعا دنياوي ادب ۾ متعارف ٿيا. جيئن ڪارلائل جو ‘Past & Present’ رسڪن جو ‘Wild, Olive’ ليمب جو ‘Essay of Elia’ ۽ ميٿيو آرنلڊ جو ‘Culture and Anarchy’ ۽ ٻين ڪيترن مشھور و معروف مضمونن کي سنڌي عالمن ۽ اديبن مطالعو ڪيو ته کين سنڌي ادب ۾ ترجمي سان گڏ طبعزاد مضمون لکڻ جو خيال ٿيو. جنھن ۾ اردو ادب جي مضمون نويسي به اھم آھي. اردو ادب ۾ به مضمون نويسيءَ جي شروعات تقريبا 19 صديءَ جي اڌ ۾ ٿي سر سيد احمد خان (1817-1889ع) جا مضمون اردوءَ ۾ اوائلي مضمون نويسيءَ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن “تھذيب اخلاق” اردو انشا پردازيءَ ۾ پيڙھه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جو “نيرنگ خيال” ۾ مختلف ۽ منفرد طرز تحرير جا مضمون ملن ٿا. انھيءَ کان علاوه شروع دور ۾ عبدالحليم شر ۽ ڊاڪٽر وزير آغا جا مضمون انگريزي ادب جي گولڊ سمٿ ۽ ايڊيسن جي نموني وانگر لکيل آھن.
اردو ادب جي جن مضمون نگارن جو سنڌي علم و ادب تي اثر ٿيو تن جا نالا ھي آھن: علامھ سيد سليمان ندوي، خواجھ حسن نظامي، ڊپٽي نذير احمد، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، (باباءِ اردو) مرزا فرحت لله بيگ ۽ ڪجهه ٻيا ليکڪ اچي وڃن ٿا. انگريزي ۽ اردو کان سواءِ دنيا جي ٻين ٻولين جي مضمون نويسيءَ جو فن پڻ سنڌي ادب تي اثر انداز ٿيو. جيئن عربي فارسي، بنگالي، ھندي وغيره برصغير جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذھبي ڇڪتاڻ جي اثرن به موضوع جي لحاظ کان مضمون نويسيءَ تي پنھنجا اثر مرتب ڪيا، شروع دؤر جي اخلاقي ۽ ناصحانھ مضمونن کان پوءِ مختلف موضوعن جا مضمون لکيا ويا.

سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ سنڌي صحافت جو ساٿ
انگريزن جي دؤر ۾ جڏھن سنڌي الف ب ٺھي مڪمل ٿي ۽ جيئن ئي سنڌي ادب ڇپيل صورت ۾ آيو ته مضمون نويسيءَ جي صنف کي صحافت جي ساٿ سان تمام گھڻي ترقي ملي. انگريز عملدارن، سنڌي ۽ ھندو اديبن۽ عالمن جي گڏيل ڪاوشن سان ڪيترائي علمي ۽ ادبي فن پارا نه صرف ترجمو ٿيا بلڪ تخليق پڻ ٿيا. اھم ڪتابن جي ترجمن تي انعام پڻ آڇيا ويا. حڪومتي سرپرستيءَ سبب ليکڪن کي لکڻ جو اتساھه مليو. شروعاتي دؤر جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن “معين السلام” 1816ع، “سنڌ سڌار” 1866ع، “پرڀات” 1891ع، “جوت” 1894ع ۽ “سرسوتي” 1894ع “اخبار تعليم” 1902ع، “ڀارت واسي” 1905ع، “روح رھاڻ” 1920ع، “ھيت الامين” 1918ع، “الوحيد” 1920ع ۽ الجامع” رسالو حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ۽ “بھار اخلاق” ۽ “مسلمان” محمد ھاشم مخلص جي رسالن ۽ اخبارن سنڌي مضمون نويسيءَ کي موثر نموني سان مٿي آندو. انھن اخبارن جا ايڊيٽر ۽ منتظم به ليکڪ ھئا تن ڪيترن ئي مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ پڻ آندو جيئن سرسوتيءَ جا مضمون “ھيري جون ڪڻيون” ۽ جوت اخبار جا مضمون “گل ڦل” (ٻھ حصا)۾ شايع ٿيا. انھي کان سواءِ تحفئھ احباب، مسافر، معاون، آفتاب، نورالسلام، توحيد، الڪاشف، مسلمان اخبارن کانسواءِ بولچند راجپال جي “سنڌو” مخزن به مضمونن ۽ مقالن کي گھڻي ترقي ڏياري. ڊي جي ڪاليج جي “مسلني” مخزن جا ليکڪ چيتن ماڙيوالا، ڀمڀاڻي، ۽ رام پنجواڻي ھئا ته ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندڙ اھم ليکڪ ساڌو ھيرانند، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ملڪاڻي، ڪشچند عزيز، لالچند امر ڏنو مل، منوتولارام، ڄيٺمل پرسرام، منگھا رام ملڪاڻي، ديوان ڏيارام، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻيا شامل ھئا. جن مسلمان سنڌي اديبن، ھن ڏس ۾ قلم جون ڪاوشون سرانجام ڏنيون انھن ۾ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، خانبھادر محمد صديق ميمڻ، محمد ھاشم مخلص، عثمان ڏيپلائي، مولوي دين محمد وفائي، شمس الدين بلبل، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، علي خان ابڙو، شيخ عبدلله “عبد” ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، پير علي محمد راشدي، محمد صديق “مسافر”، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الھبچايو يار محمد سمون، عطا حسين شاھه موسوي، ۽ ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا. شروعاتي دؤر ۾ جيڪي مضمونن جا مجموعا مشھور ٿيا انھن ۾ “گل ڦل”، “ادبي ائينو”، “ادبي غنچو”، “ڳوٺاڻي چھر”، “سدا گلاب”، “ادبي گلشن” (ٽي ڀاڱا)، “ورق”، “درس عمل”، “ادبي انتخاب”، چڻنگون”، “ڦلن مٺ”، “ويچار”، اناردانھ”، “چونڊ سنڌي نثر، نظم” ۽ “ڪچ ڪوڏيون”، شامل آھن.

ورھاڱي کان پوءِ مضمون نويسيءَ جي ترقي:
ورھاڱي کان پوءِ ھن نثري صنف ڪينئن ترقيءَ جون منزلون ماڻيون. ڪافي موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا، پر ڇپيل مجموعن جو تعداد البت گھٽ رھيو، اھي جيڪڏھن ڪتابي صورت ۾ آندا وڃن ته نه صرف ھن ادبي صنف جو بھترين مواد ڪٺو ٿي وڃي بلڪ شاگردن ۽ محققن کي تحقيقي ڪم ۾ به سٺي مدد ملي. ورھاڱي کان پوءِ مضمونن جي موضوعن ۾ تمام گھڻي وسعت آئي تعليمي سوانحي، تاريخي، مذھبي ۽ معلوماتي مضمونن کان سواءِ، سياست، سير و سياحت، ۽ سائنس جھڙن موضوعن تي به سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا ويا ۽ ٻيا به ڪيترائي متفرقھ عنوان زير موضوع رھيا آھن. ورھاڱي کان پوءِ جن اخبارن ۽ رسالن سنڌي مضمونن ۽ مقالن کي ترقي ڏياري انھن ۾ عبرت. ھلال پاڪستان ڪراچي، سنڌ نيوز، آفتاب، مھراڻ، ڪاوش، صداقت، پيغام، عبرت مئگزين، پارس، ڪينجھر، آرسي، نئون نياپو، سنڌ سجاڳ، سھڻي، سوجھرو، اديون، سگھڙين سٿ، سنڌي ادب، ۽ خاص طور نئين زندگي، ٽھ ماھي مھراڻ ۽ ٻيا ڪجهه تحقيقي جنرل اچي وڃن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ڪافي مضمونن ۽ مقالن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آھي، پر ڪجهه ڪتابن جو جائزو طوالت سبب نه اچي سگھيو آھي، جيڪي به مضمون جي صنف ۾ اھم ڪتاب آھن، جيئن “ڪچ ڪوڏيون”، عطا حسين شاھه موسوي، “ڪک ھيٺان لک، ڪريم ڏنو راجپر، “رند ۽ پنڌ”، پير علي محمد شاھه راشدي، “نقش عمل” محمد اسماعيل عرساڻي، “مضامين خليل” ابراھيم خليل، “مقالات قاسمي” علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي، ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب آھن. سنڌي ادب جي مقالاتي ادب ۾ اعليٰ علمي معيار جون محققانھ ٿيسز ۽ ايم اي فائنل جا لکيل مونوگراف تمام اھم آھن. مشھور ليکڪن جن جي اثرائتين لکڻين سنڌي نثر جي تحقيقي ميدان کي سيراب ڪيو ۽ گڏوگڏ مضمون نويسيءَ کي ھٿي ڏياري انھن ۾ لطف لله بدوي، مولائي شيدائي، علامھ آءِ.آءِ. قاضي، داڪٽر دائود پوٽو، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد شاھواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر اياز قادري، عطا حسين شاھه موسوي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب لله مرزا، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطا محمد حامي، ڪلياڻ آڏواڻي، شمس الدين بلبل، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، ڪريم ڏنو راجپر، محمد بخش مجنون، سائين جي.ايم. سيد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر ھدايت پريم، ڊاڪٽر قاضي خادم، امداد حسيني، عبدالقيوم صائب، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، بدر ابڙو۽ ٻيا ليکڪ ڳڻائي سگھجن ٿا.
عورت ليکڪائن ۾ جن شخصيتن سنڌي مضمون نويسي ۽ مقالا نويسيءَ جو مان مٿانھون ڪيو. انھن ۾ خانم خديجھ دائود پوٽو، خيرالنسا جعفري، ڊاڪٽر درشھوار سيد، نورالھديٰ شاھ، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، زبيده ميتلو، رشيده راڄپر، مھتاب محبوب، ڊاڪٽر قمرجھان مرزا، ڊاڪٽر ثريا سوز، ڊاڪٽر نور افروز خواجھ، ڊاڪٽر فھميده حسين، آپا شمس عباسي، حسن بانو سومرو، فيروزه سمون، عطيھ دائود، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر تھمينھ مفتي، ڊاڪٽر ام ڪلثوم، ۽ ٻيا نالااچي وڃن ٿا. سنڌي صحافت سنڌي نثر ۾ مضمون نويسي ۽ مقالا نويسيءَ کي ترقي ڏيارڻ ۾ ھميشھ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي بھترين مقالا و مضمون صحافتي ساٿ سان سنڌي ادب جو حصو بنيا آھن.

مقالو ڇا آھي؟
تحقيقي انداز ۽ فني ڇنڊڇاڻ سان، نثر ۾ لکيل ليک، کي مقالو چئبو آھي. جيئن عام طور تي مضمون ليکڪ جو، ڪنھن به خارجي موضوع تي، اظھار راءِ آھي، ته مقالو پنھنجي موضوع جو اصولي ۽ عملي تجزيو آھي. جنھن ۾ فني ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک سان گڏوگڏ تحقيق ۽ تنقيد جو حق ادا ٿيندو آھي. اھا تنقيد غير جانبدار، علمي ۽ تحقيقي ھئڻ گھرجي، تحقيق جو پيمانو مستند ۽ اعليٰ ھئڻ سان علمي ۽ ادبي معيار اوچو ٿيندو آھي. مقالي جي ٻولي گھڻي پر تڪلف ھئڻ سان مقالو خشڪ ۽ دقيق ٿي ويندو آھي. مقالي جو اھم مقصد تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ھوندو آھي. جنھن ۾ مضبوط دليلن سان موقف جي چٽائي اھميت رکي ٿي.

مضمون ۽ مقالي ۾ فرق:
مضمون ۽ مقالي ۾ بنيادي طور ڪافي فرق آھي مقالي ۾ منطقي استدلال ۽ سائينٽيفڪ طريقي سان موضوع کي ثابت ڪري پيش ڪبو آھي، جن ڪتابن جا حوالا ورتا ويندا آھن، انھنجي حاشيھ آرائي ڪئي ويندي آھي، يا ڪتاب جي آخر ۾ يا فٽ نوٽ ۾ اھي حوالا يا ريفرنسز ڄاڻايا ويندا آھن. مقالو ڌيان ۽ چڪاس سان ڪيل اھا تحقيق آھي، جنھن مان معيار جي بلنديءَ سان گڏ محقق جي علمي استعداد پڻ جھلڪندي آھي. انھيءَ جي برعڪس مضمون ۾ ليکڪ جو شخصي عڪس واضح ڏسڻ ۾ ايندو آھي، ۽ مضمون سندس ذاتي اظھار خيال ھئڻ سبب ذاتي ڄاڻ ۽ مشاھدي جي قوت تي منحصر ھوندو آھي. انگريزي ليکڪ مانٽين پنھنجين مضمونن جي تحريرن کي سندس پنھنجي چترڪاري سڏيو آھي “اھڙيءَ ريت منگھارام ملڪاڻي صاحب جن به ساڳين ئي لفظن ۾ مضمون جي صنف کي بيان ڪيو آھي. لکن ٿا تھ”ناٽڪ ۽ ناول زندگيءَ جو آئينو آھن، شعر ۽ مضمون شخصيت جو آئينو آھن، جيئن ناول يا ناٽڪ ادب جون غير شخصي ۽ خار جي (Objective) شاخون آھن. ته نظم ۽مضمون شخصي يا داخلي (Subjective) شاخ آھن. (صھ 183).
مضمون جي موضوعن جي لحاظ کان ڏسبو ته منجھس تمام گھڻي وسعت آھي. باقي طوالت کان جيڪڏھن جانچبو ته وڌ ۾ وڌ ويھه ياٽيھه صفحا ڊيگھه ھئڻ گھرجي، شروع دؤر جو ديوان ڪوڙيمل جو “پڪو پھھ” (جيڪو زناني تعليم جي فائدي جي باري ۾ ھو) ھڪ ڊگھو مضمون شمار ٿئي ٿو. مضمون ۾ سنجيدگيءَ جو عنصر غالب ھئڻ ضروري نه آھي، ليکڪ لاءِ صرف پنھنجي سرسري راءِ آسان نموني سان ڏيئي، مقصد سمجھائڻ مؤثر طريقو آھي، منجھس طنز ومزاح جو دخل پڻ ٿي سگھي ٿو. مضمون جو انداز بيان و انداز فڪر۽ موضوع سان مطابقت ئي اھم نقطا آھن، جڏھن ته مقالي ۾ علمي و ادبي بحث، ٺوس و دقيق ڳوڙھا نقطا ۽ جامع معلومات اھميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ جي شيريني رواني رنگيني، پختگي ۽ عام فھم ھئڻ ضروري آھي. مضمون نگار جي سمجھه و ادراڪ، مضمون جي موضوع جي وضاحت ۽ Presention ئي مضمون جي علمي و ادبي اھميت کي اجاگر ڪن ٿا. مقالو يعني (Research Article) وزنائتن دليلن سان تحقيق جو ڀنڊار آھي ته مضمون شخصي راءِ جو سرسري اظھار آھي.
مقالي ۽ مضمون جي فرق کي واضح ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جن لکن ٿا تھ”ادب ۾ تخصيص ٿيڻ کان پوءِ مضمون، تحقيقي مقالي کان ھن ريت ڌار ليکيو ويو، جو ھن ۾ تحقيقي ۽ علمي انداز اختيار ڪرڻ بدران فقط عام دلچسپيءَ جا، موضوع آندا ويا، مثال طور علم حيوانات جو ماھر “ڪونج” بابت ڪو ليک لکي ٿو ۽ان ۾ پکيءَ جي خاندان بابت مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيئي، ان بابت معلومات گڏ ڪري، ته اھو ليک تحقيقي مقالو ليکيوويندو، ان جي برعڪس، ڪونج تي ادبي انداز مان لکي ته اھو مضمون شمار ٿيندو” .
بعض اوقات مقالي ۾ آيل معلومات مدلل ته ھوندي آھي، پر مددي ڪتابن جي باقاعده تفصيل نه ھوندي آھي، تنھن ھوندي به اھو ليک پنھنجي ڪارائتي معلومات ۽ علمي انداز سبب مقالاتي ادب جو حصو شمار ٿيندو آھي.

مضمون ۽ مقالي جي علمي و ادبي اھميت:
دنياوي ادب ۾ به مضمون ۽ مقالي جي صنف کي ھميشھ اھميت رھي آھي، سنڌي علم و ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ شروعاتي وقت کان مضمون نويسيءَ کي خاص مقام حاصل رھيو آھي. ورھاڱي کان اڳ به ڪافي مضمونن جا مجموعا ڇپيا ۽ ڪيترائي مضمون، اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا ۽ ڪجهه مقالا پڻ لکيا ويا.
مضمون نويسيءَ يا مقالا نگاري لاءِ جديد تحقيق مطابق ضروري آھي ته ترتيب مطابق کيس ٽن حصن ۾ ورھائي لکيو وڃي، جنھن ۾ پھرين موضوع جو تعارف ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجھايو وڃي، ته ٽئي حصي ۾ سڄيءَ ڄاڻ جو نچوڙ پيش ڪيو وڃي. جيڪي به ليک سوچيل سمجھيل رٿا تحت ترتيب ڏنا ويندا آھن. اھي ڪارائتا ۽ پر اثر ليکيا ويندا آھن. جڏھن سنڌي سڄاڻ عالمن لکيل علم و ادب کي محققانھ انداز سان پرکڻ شروع ڪيو تڏھن تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ادب جو حصو بنيا. 1875ع ۾ “ميزان الشعر” سيد فاضل شاھه لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تجزياتي انداز سان شاھه جي ڪلام تي تنقيدي نظر وجھي، “مقدمئھ لطيفي” جھڙو اھم مقدمو تصنيف ڪيو. جنھن جي جواب ۾ محمد بخش واصف تنقيدي ۽ تحقيقي انداز سان “شرح لطيفي” لکيو. انھيءَ کان سواءِ ڪاڪي ڀيرومل جو “لطيفي سير” لالچند جو “سونھارو سچل”، “شاھاڻو شاھ” مرزا قليچ بيگ جو “علم و ادب”، “احوال شاھه عبداللطيف”، “انشاءَ سنڌي”، سانگيءَ جو “لطائف لطيفي” لطف لله بدويءَ جو “تذڪره لطيفي” (ھن ۾ شاعري جي فن ۽ شاعرانھ قوتن جي تفصيلي بيان سان گڏ مختلف شاعرن جي سوانح ۽ شاعريءَ جو احوال آھي) دين محمد وفائي، جو “لطف الطيف” علامھ آءِ آءِ قاضي جو شاھھ، لطيف ۽ ان جو فن” انھيءَ کان سواءِ “تنقيد نگاري” احسان بدوي، “شاھه سچل سامي” محمد ابراھيم جويو “ ڪنزالطيف” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “ادبي تنقيد جا اصول”، مراد علي مرزا “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج”، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، “سنڌ جي تاريخ” (ٻھ ڀاڱا) مولوي نور محمد نظاماڻي “ علم السان ۽ سنڌي زبان”، پروفيسر علي نواز جتوئي، “لساني جاگرافي”، “سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد” ڊاڪٽر غلام علي الانا، “اترادي ٻولي”، ڊاڪٽر ھدايت پريم، “ادب ۽ تنقيد” شيخ محمد ابراھيم خليل “بيت، سٽا ۽ اوسر” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، “ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ”، ڊاڪٽر فھميده حسين “سنڌي ڊراما جي ارتقائي تاريخ”، مير محمد نظاماڻي ۽ ٻيا انيڪ تحقيقي ڪتاب سنڌي نثر ۾ لکيا ويا آھن. ڪيتريون ئي ٿيسز ۽ مونو گراف يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جي طرفان منظور ٿي ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ “سنڌي ناٽڪ جي تاريخ” ڊاڪٽر محمد يوسف، “سنڌي غزل جي اوسر” (ھيءَ ضخيم ٿيسز ٻن حصن تي مشتمل آھي، ) ڊاڪٽر اياز قادري “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، “سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ”، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگھيو “خيرپور جي ميرن جو علم و ادب ۾ حصو” ڊاڪٽر عطا محمد حامي، “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ”، ڊاڪٽر غلام علي الانا، “سنڌي مرثيھ نويسي” غلام رسول بلوچ، افسانو آزاديءَ کان اڳ، رانجھن خان ميمڻ “سنڌي گيت، .تاج جويو”، افسانھ نويسيءَ جي اوسر” ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ٻيا تحقيقي ڪتاب شامل آھي. انھيءَ کان سواءِ به اسان جا ڪيترائي محقق تحقيقي ڪم ۾ سرگرم عمل آھن، جن جون ڪاوشون سنڌي علم و ادب لاءِ ھڪ عظيم سرمايو آھن. سنڌي علم و ادب ۾ ادبي تاريخن جو مقام تحقيقي ڪتابن ۾ ھميشھ اوچو رھيو آھي، سنڌي بولي ۽ ادب جي تاريخن ۾ ڪاڪي ڀيرومل، خانبھادر محمد صديق ميمڻ، منگھارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، داڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جا لکيل ڪتاب اھم آھن. ھيءَ سڀ ادب ۽ ٻوليءَ جون تاريخون سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي موضوعن جو بيان آھن گڏ شاعرن ۽ نثر نويسن جي سوانح ۽ علمي و ادبي خدمتن تي روشني وجھندڙ ھنن تحقيقي ڪتابن ۾ تحقيق سان گڏ تنقيدي تجزيو پڻ شامل آھي. اھي ڪتاب، مقالا تي ادب جو اھم حصو آھن.

مضمون نويسي ۽ مقالا نگاريءَ جي ترقي:
مضمون نويسي ۽ مقالي جي صنف بتدريج ترقيءَ ڏي گامزن آھي، سنڌي علم ادب ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مضمون مختلف موضوعن تي لکيا ويا آھن. جن ۾ تعليمي، سوانحي، تاريخي مذھبي، معلوماتي مضمونن سميت قوميت، سياست، سير و سياحت، ادب ۽ ٻيا گھڻا متفرقھ عنوان زير موضوع رھيا آھن. اھڙي ريت ثقافتي مضمون ثقافت جو، سياسي مضمون سياست جو، تاريخي مضمون تاريخ جو، ادبي مضمون ادب جو، ھڪ اڻ ٽٽ حصو بنيا آھن، وقت جي وڇوٽيءَ سان اھي سڀ ليک خوبخود تاريخ جو ھڪ باب ٿي ويندا آھن. جيئن مثال طور غلام محمد گراميءَ جو مشھور مقالو “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ ان جا رجحانات” شمشير الحيدريءَ جو “سنڌي شاعريءَ جو اڀياس” ۽ “سنڌي آزاد نظم جي اوسر، تنوير عباسيءَ جو مقالو “جديد سنڌي شاعري”، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو “سنڌي ۽ ھندي شاعريءَ جو لاڳاپو”، ڊاڪٽر دائود پوٽي جو “سنڌي شاعر ۽ سندس شعر”. عبدالجبار جوڻيجو جن جا “سنڌ ۾ ھندي شاعري”، “شاھه جي رسالي ۾ آيل ڌارئين ڪلام جي تحقيق”، “ڪبت نثر آھي يا نظم” غلام علي الانا جو “سومرن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري” پيرزادي انور جو “ڀٽائي جي ترقي پسندي”، علي نواز جتوئي جو “ڀٽ ڌڻي جو ڀيد ڀاري” ۽ ٻيا انيڪ مقالا شاعري جي تاريخ ۾ اھم جڳھه والارين ٿا ۽ شاعريءَ جي تاريخ جو ھڪ اڻ ٽٽ حصو آھن. سنڌي مقالي جي صنف کي ترقي ڏيارڻ ۽ تحقيق جي پئماني جو معيار بلند ڪرڻ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جو تعاون پڻ خاص حيثيت رکي ٿو. جن ۾ M.A فائنل ۾ مونوگراف جي اختيار کان علاوه پي.ايڇ.ڊي جون تحقيقي ٿيسز پڻ خاص درجو رکن ٿيون جيڪي سڄاڻ عالمن جي رھنمائيءَ ۽نگراني ۾ تڪميل جي مرحلن مان گذرن ٿيون، انھيءَ کان سواءِ مختلف تحقيقي جرنل جيئن، “نئين زندگي”، “سھ ماھي مھراڻ” ۽ “ڪينجھر”، “سنڌي ادب”، “ڪلاچي”، وغيره ۾ به ڪيترائي تحقيقي ليک ڇپبا رھندا آھن.
مضمون ۽ مقالي جي ترقيءَ ۾ مختلف ڪانفرنسون ۽ ادبي سئمينار اھميت رکن ٿا. 1975ع ۽ 1988ع جون بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون ۽ مختلف گڏجاڻين ۽ علمي و ادبي محفلن ۾ پڙھيل مضمون ۽ مقالا ھن صنف جي ترقيءَ ۾ معاون ثابت ٿيا آھن. تازو ھينئر ھندوستان ۽ سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ٿيون آھن جنھن ۾ ڪافي اديبن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي آھي، ھندوستان ۾ سنڌي ادب جي تحقيق تي ڪافي ڪم ٿيو آھي. جنھن ۾ خاص طور لطيفيات، لسانيات، ۽ لوڪ ادب جو ڪم قابل ذڪر آھي. انھن محققن ۾ ڊاڪٽر ارجن “شاد” ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ھري موٽواڻي، وشنو ڀاٽيا، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جھانگياڻي، ڊاڪٽر پرس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موھن لال شرما، ڪماري رڪمڻي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.
موجوده دؤر ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ سنڌي علم و ادب جي مختلف موضوعن تي تمام تحقيقي ڇنڊڇاڻ سان بھترين مقالا لکيا وڃن ٿا. جن مان ڪجهه مجموعن جو ھن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آھي، ته ڪجهه جو مختصرا ذڪر ڪيو ويو آھي. مضمون جي صنف بظاھر سکي آھي، پر تحقيق مشڪل پڻ آھي، مضمون ھڪ صفحي جو ھجي يا ويھن يا ٽيھن صفحن جو پر منجھس لکيل مواد ئي فنڪار جي فنڪارانھ حيثيت ظاھر ڪري ٿو، مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنياوي ادب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ مضمون جي لکڻ جي طريقي، طوالت، قسمن ۽ علم ادب ۾ حيثيت ۽ ٻين ڪيترن رخن کي بيان ڪيو ويو آھي، مضمونن جي قسمن ۾ شخصي، بيانيھ، تنقيدي، ادارتي، اخلاقي و اصلاحي، سائسني، سياسي و سماجي ۽ تاريخي مضمون ھوندا آھن.
سنڌي علم و ادب ۾ مٿين سڀني موضوعن تي مضمون لکيا ويا آھن، شخصي يعني سوانح نگاريءَ تي تمام گھڻا مضمونن جا مجموعا آھن. ورھاڱي کان اڳ ئي سوانحي مضمونن Biographical Essays جو رواج شروع ٿي ويو ھو.
خاڪا نگاريءَ تي به ڪجهه ڪتاب لکيا ويا آھن. مضمونن ۽ مقالن جي ترقيءَ ۾ سھڻا و موزون موضوعات به اھم آھن، جيئن ته ادب ھلندڙ وقت جي ڌارا سان گڏ ھلندو آھي انھيءَ لحاظ کان سنڌي علم و ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ جيڪڏھن مضمون نويسيءَ جي صنف کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته موضوعن ۾ تمام سٺي تبديلي نظر ايندي، شروع دؤر جي مضمون نويسيءَ ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا ۽ عام ننڍيون ننڍيون حڪايتون به شامل ھيون پر وقت جي وڇوٽيءَ سان ۽ بين الاقوامي ادب جي اڀياس سان سنڌي مضمون نويسي به ترقيءَ ڏي مائل ٿي. مضمون جي ٽيڪنڪ ۾ سڌارا آيا آھن ته موضوعن ۾ به وڏي تبديلي آئي آھي. انھيءَ تي ڊاڪٽر نواز علي شوق “ھٻڪار” ۾ لکن ٿا تھ: “مضمون ٽيڪنڪ ۽ مواد جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ھمھ گير آھي، جنھن ۾ مختلف احساسات ۽ نطريات کنڊريا پيا ھوندا آھن. ان ۾ ڪيترائي معنيٰ ۽ مقصد جا ماڻڪ لڪل ھوندا آھن. (صفحو 14).
جيئن ته ليکڪ جا احساسات ۽ نظريات مضمون تي حاوي آھن ته اھڙي ريت زمان، ۽ ماحول جي تبديلي به ليکڪن جي نظرين تي اثر انداز ٿيندي آھي، انھيءَ سان موضوعن ۾ به وسعت ايندي آھي.


مضمون ادبي طور ھڪ خاص حيثيت رکندڙ صنف آھي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اھا اھميت ڄاڻائيندي لکن ٿا تھ: “مضمون نويسي نثري ادب ۾ ھڪ اھم صنف آھي، اھميت جي لحاظ کان مضمون (Essay) افساني (Short Story)، مقالي (Research Article) يا ڪنھن به نثري صنف کان گھٽ ناھي پر اڪثر ٻولين ۾ مضمونن جي ذخيرو گھٽ آھي. سنڌي زبان ۾ تحقيقي مقالا گھڻا لکيا ويا آھن ۽ مضمون گھٽ، تڏھن به جيڪي صاحبِ طرز مضمون نگار آھن، سي نشانبر آھن” .
سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ بيشڪ ڪجهه تبديلي آئي آھي ۽ ورھاڱي کان پوءِ مقالو وڌيڪ لکجڻ ۾ آيو آھي، پر ھروڀرو ايئن به ڪونھي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪڏھن لکيل مضمونن کي يڪجا ڪري ڇپايو وڃي ته ھوند گھڻائي ڪتاب مرتب ٿي وڃن، پر ھن وقت مضمونن جي ڇپيل مجموعن جو تعداد مقالي جي صنف جي نسبتا البت گھٽ آھي. اسانوٽ مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ تي به ھميشه کان توجه رھي آھي. شروع دؤر جي ھندو ۽ مسلمان اديبن به سنڌيءَ ۾ عربي فارسي، ھندي ۽ سنسڪرت جا غير ضروري لفظ استعمال نه ڪيا آھن بلڪھ صرف اھي لفظ استعمال ٿيل آھن، جيڪي انھيءَ وقت رائج ھئا. (سواءِ چند ليکڪن جي) ھلندڙ دؤر ۾ به مضمون نويسيءَ ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جو استعمال ڪجهه حد تائين آھي پر جيڪڏھن انھن جا متبادل سنڌي لفظ گڏوگڏ ڏنا وڃن ته اھو ٻوليءَ جي ترقيءَ و ترويج لاءِ به ضروري آھي ۽ گڏوگڏ ھر طبقي جي قاريءَ لاءِ پڻ مفيد آھي. اوائلي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل اھو نثر نويس ھو، جنھن فارسي لفظن کان سنڌي نثر کي ازاد ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ سليس سنڌي نثر سان مضمونن جي صنف کي ڪامياب ڪيو، سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جي مسئلن جي عڪاسي ھئي “آفتاب” سکر “الحق” سکر ۽ “معاون” ڪراچي سندس مشھور اخبارون ھيون. بلبل جا فلسفيانھ مضمون سنڌ ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا. دين محمد وفائي جي اخبار “الوحيد” محمد ھاشم مخلص جي “مسلمان” حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو رسالو (الجامع) ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جن “عبرت” تحت ڪيترائي مضمون سنڌي نثر جي جھوليءَ ۾ وڌا. ھي شروع دؤر جا مضمون، مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. جن جا موضوع گھڻي قدر سياسي، مذھبي، قومي ۽ اخلاقي آھن. محمد عثمان ڏيپلائي 500 کان وڌيڪ مضمون لکيا جن ۾ خاص طور انھيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي تنقيدي ۽ تعريفي جائزي تي مشتمل مضمون اھم آھن. جن ڪتابن تي تبصرا ۽ جائزا ڏنائون انھن ۾ “جھان آرا”، “آفتاب ادب”، “بلو کوکر”، “گل ڦل”، “راسيلاس”، “سنڌ جو سفر”، “سنڌي ٻولي جي تاريخ”، “سون ورنيون دليون”، “شرم ٻوٽي”، “ھدايت الانشاء”، “خورشيد”، “عشق نه آھي راند” آھن.
سنڌي نثر جي مضمونن ۽ مقالن جي خالي تفصيل جيڪڏھن ڏبي ته گھڻائي جلد مرتب ٿي ويندا. ھتي مختصرا ڪجهه مشھور مضمونن، مقالن ۽ انھن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿي. شروع دؤر جي مضمونن ۾ “پڪو پھھ”، “سانوڻي”، “سنڌ ۽ ھند جا ھنر”، “ٿر جو سئر”، “سارنگ سانوڻ لايا”، “سامي ۽ دلپت”، “ڪامل رھنما”، “سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار”، “سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيوٽا”، “سفر يا سير ڪرڻ”، “مياڻي جي جنگ”، “سنڌي نثر جي اوسر”، “سنڌي ساھت جي اڄوڪي حالت”، “حڪومت جي ڪماليت ۽ زواليت”، “گنجي ٽڪر جو سير”، “سنڌ جي ادبي تاريخ”، “علم ادب ۽ زبان”، “شاعر جي ضرورت” ۽ ٻيا انيڪ مضمون ۽ مقالا ادب جي سونھن بنيا اوائلي دؤر جي مضمونن جي ڪتابن ۾ عموما مشھور و معروف لکتن کي مرتب ڪري ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج عام ٿيو، پوءِ ڪجهه مضمونن جا مجموعا ھڪ ئي ليکڪ جا لکيل به شايع ٿيا. مضمون جي ڪجهه ڪتابن جي تفصيل ھيٺ ڏجي ٿي.
مقالات الحڪمت (ترجمو ٿيل مضمونن جو مجموعو) 1877ع ۾ شايع ٿيو. پھريون سنڌي طبعزاد مضمونن جو مجموعو (جنھن ۾ جوت، سرسوتي، اخبار تعليم ۽ پرڀات جا مضمون شامل ھئا). “چونڊ سنڌي نظم و نثر” جي عنوان سان 1907ع ۾ ڇپيو. انھيءَ کان پوءِ گلدستو 1922ع، گلزار نثر 1929ع. (ھي مجموعوڪاڪي ڀيرومل ترتيب ڏنو ھو. ھن ۾ چاليھه مضمون و مقالا مذھبي اخلاقي تعليمي ۽ سوانحي آھن ۽ آخر ۾ مضمون نويسيءَ جي باري ۾ ھدايتون پڻ ڏنل آھن). “جو ھر نثر” 1931ع منگھارام واسواڻي، ادبي تحفھ 1932ع (مرتب) محمد صديق ميمڻ، سنڌي نظم ۽ نثر 1940ع (مرتب): علامھ دائود پوٽو. “ويچار” 1944ع لال سنگھه آجواڻي، ادبي گلشن (ٽي ڀاڱا) 1945ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، “انتخاب نثر”، “چونڊ نظم ۽ نثر”، غلام محمد شاھواڻي “چونڊ سنڌي نثر نظم” آغا تاج محمد خان، “گلزار نثر نظم” (ٻھ ڀاڱا)، محمد صديق مسافر “ثمر حيات” 1948ع، پروفيسر عطا محمد حامي “گل ڦل” ٻھ ڀاڱا 1935ع ۽ 1936ع پر مانند ميوارام، “ڳوٺاڻي چھر” 1929ع “انار دانھ” 1940ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، “پنگتي انقلاب” 1939ع ديوان واڌو مل گنگارام، “چڻگون” 1940ع، تيرٿ وسنت، “ورق” 1940ع گوبند ڀاٽيھ، “ادبي آئينو” (انعام يافتھ مجموعو) 1941ع ڪشنچند عزيز، “سير ڪوھستان” 1942ع الھبچايو يار محمد سمون، “ڪلاڪار جي دنيا” 1947ع، پروفيسر خوشي رام، “ڪچ ڪوڏيون” 1950ع عطا حسين شاھه موسوي، “سنڌي سٻاجھڙا” 1956ع اسماعيل عرساڻي، ڪک ھيٺيان لک” 1962ع ڪريم ڏنو راڄپر، ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب ڇپيا آھن.