ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾زندگيءَ جا نوان نظريا

ويهين صديءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر/نثرنگار شيخ اياز مبارڪ علي، غلام حسين شيخ جي گهر ۾ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري، اڳيان هلي بي اي، ايل ايل بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪيائين. سندن شمار سکر جي مشهور وڪيلن ۾ ٿيو. شيخ اياز 1976ع ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ٿيو ۽ چار سالن جي مقرر مدي تائين رهيو. 1997ع تي دل جي تڪليف سبب ڪراچي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 28 ڊسمبر تي وفات ڪيائين. کين ڀٽ شاهه تي رکيو ويو آهي.
علمي ۽ ادبي طور شيخ اياز جون خدمتون سنڌي شاعري ۽ نثر لاءِ بي مثال آهن. سندن ڇپيل ڪتاب جو تعداد 50 کان مٿي آهي. (48 ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار “شيخ اياز- هڪ مطالعو” ۾ ڄاڻايا آهن، انهيءَ کان پوءِ به ڪجهه شايع ٿيا آهن.) اردو ڪتابن ۾ “رساله شاهه عبداللطيف”، “بوئي گل ناله دل”، “نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پَتي” سنڌي شاعريءَ ۾ “ڀؤنر ڀري آڪاس”، “ڪلهي پاتم ڪينرو”، جهڙ نيڻان نه لهي”، “سانجهي سمنڊ سپون”، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”، “ڪپر ٿو ڪُن ڪري”، “لڙيوسج لڪن ۾، “پتڻ ٿو پور ڪري”، “پن ڇڻ پڄاڻان” ۽ ٻيا آهن. نثر جي ڪتابن ۾ “سفيد وحشي”، “پنهل کان پوءِ”، “جڳ مڙيوئي سپنو”، “ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون”، “ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر” (4 حصا)، “ساهيوال جيل جي ڊائري” ۽ نثراڻي نظم ۾ “پتڻ ٿو پور ڪري”، “واٽون ڦلن ڇانيون”، “گهاٽ مٿان گهنگهور گهٿا ۾” ۽ “اُٿي اور الله سين” آهن.
“پاڪستان رائيٽرز گلڊ”، “هلالِ امتياز”، “ستاره امتياز” ۽ ٻين ڪيترن اعزازن ۽ تمغن سان نوازيل سنڌ ڌرتيءَ جي هن سگهاري شاعر جي شاعريءَ توڙي شخصيت تي مختلف رايا آهن. ڪڏهن کين “ٿنڪر، فلاسافر ۽ سياسي ڪارڪن” (1) سڏيو ويو ته ڪڏهن کين “فيض کان پوءِ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شاعر” (2) ڪوٺيو ويو. ته ڪنهن کين “يگانو، منفرد، خاموش، تيز فهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو ماڻهو” (3) چيو. مطلب ته اياز صاحب جي شاعريءَ، نثر ۽ شخصيت تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي، جنهن ۾ ذاتي طور طبع جي باري ۾ ڪجهه ماڻهن جا ناڪاري ريمارڪ پڻ ملن ٿا. بقول عبدالجبار جي ته “اياز جو وي.سي ٿيڻ (نوڪري ڪرڻ) هڪ طعنو بنجي پيو، جن ڍڪ منشي ٿيڻ قبول ڪيو ٿي، انهن به عجيب غريب طعنا ڏنا”. (4)
شيخ صاحب جي طبيعت جي باري ۾ جمال ابڙو صاحب لکي ٿو ته، “شيخ صاحب جو وقت تمام قيمتي هو ۽ هو اجائي گپ شپ ڪانه ڪندو هو ۽ نڪي پسند ڪندوهو. مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هئس ۽ هن کي به مون لاءِ ڪافي عزت هئي، انهيءَ کان وڌيڪ ڇا گهرجي، تقاضائون ۽ توقعات گهٽ رکجن ته تمام سٺو ٿئي ۽ تعلقات پروان چڙهن ٿا”. (5)
جمال ابڙو اهو به لکي ٿو ته، “شيخ اياز جا دوست تمام محدود هئا. مان پاڻ کي ان ۾ شامل نٿو سمجهان. محمد ابراهيم جويو ساڻن علمي سطح تي ويجهو هو. مٿن روبرو تنقيد ڪندو هو ۽ اختلاف به، ربانيءَ سان به ڪافي حجائتو هو”. (6)
ذاتي تنقيد يا تعريف کان بالاتر شيخ اياز صاحب هڪ قوم پرست ۽ انقلابي شاعر هو، جنهن جي شاعراڻه اسلوب ۾ جديد ۽ قديم فن جو ميلاپ آهي. سندس شاعريءَ جي تاثر، جدت ۽ نُدرت کان انڪار ناممڪن آهي. ساڳيءَ ريت نثري تحريرون پڻ تمام اثرائتيون آهن. سندس لکيل آخري ڪتاب “اُٿي اور الله سين” جي باري ۾ مختلف رايا آهن. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ مزاج جي تبديليءَ جو اثر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته نثري نظم جي حساب سان پڻ فني طور هيءُ ڪتاب تمام منفرد حيثيت وارو آهي.
اُٿي اور الله سين: مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1998ع ۾ شايع ڪيو. 268 صفحن جي هن دُعائيه ڪتاب ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته،
“هي دُعائون اسلامي دنيا جو پهريون مثال آهن، جيڪي نثري نظم ۾ لکيون ويون آهن. هي منهنجي اندر جو آواز آهن، جيڪي مان سنڌ جي نوجوانن اڳيان پيش ٿو ڪيان ته هو دورِ جديد کي نظر ۾ رکي، ان کي ويجها ٿي ڏسن”. (7)
مهاڳ جي آخر ۾ هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته “درويش جو تحفو ساوا پن آهي، بي نواهن کي ڇا ڪندو، اهي هن وٽ اڳ ئي آهن”.
حالانڪه 1962ع ۾ “ڀؤنر ڀري آڪاس”جي مقدمي ۾ لکيو اٿن ته “هيءُ ڪتاب نه برگ سبز آهي، نه تحفهءِ درويش ۽ نه ئي هي بينوا لاءِ آهي، هيءُ ڪوئل جي ڪوڪ آهي”. (8)
مطلب ته وقت سان گڏ انساني مزاج ۾ وڏو فرق اچي ٿو. شيخ صاحب جي شروع دور جي شاعري/نثر کان آخر تائين مختلف لاها چاڙها ڏسجن ٿا، جيڪي هر شاعر/نثرنگار جي تحريرن ۾ هوندا آهن، (پر “اُٿي اور الله سين” ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ آيل وڏي تبديليءَ تي ڪجهه بحث مختلف ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ انهيءَ جي باري ۾ تفصيل ۽ مون پنهنجي راءِ اياز صاحب جي چيل جملن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب “وکر سو وِهاءِ” ۾ ڏني آهي.)
“اُٿي اور الله سين” جو شروع جو حصو يارهين صفحي کان 30 صفحي تائين ٻن سٽن جي دُعائيه بيتن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ نثراڻي نظم جي نموني سان لکيل دُعائون آهن ۽ هر دُعا جي شروعات يارب! سان ڪيل آهي ۽ مختلف موضوعن جون هي دعائون ڄاڻائين ٿيون ته انساني حياتي قلزم اندر قطرو آهي، بلڪه انهيءَ کان به بي وقعت، هيءُ سڀ فتح، هٺ، غرور، دنياوي لذتن ۽ آسائشن لاءِ ورتل ڪوششون بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهن. ڏات ۽ ڏانءُ صرف ۽ صرف هڪ الله جي دين آهي. هنن دُعائن ۾ نادانين تي ندامتون آهن ته زندگيءَ جي اسرارن ۽ رازن کي پروڙڻ لاءِ علم سمجهه، ڏاهپ، رحمت ۽ حڪمت عطا ٿيڻ جا سوال آهن. رهنمايون ۽ رحمتون گهريل آهن، ته پوريءَ ڌرتيءَ تان جنگ و جدل ختم ٿيڻ جون منتون ڪيل آهن. ڪل عالم جي ڀلائيءَ سان گڏ ذاتي اصلاح لاءِ ٻاڏايل آهي.
اهي پراثر دعائون روبرو گفتگو يعني (Conversation) جي نموني تي آهن، جن ۾ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته قاري اياز صاحب سان گڏ ڌڻيءَ در سربسجود ۽ سندس التفات جو منتظر آهي. دنيا جي مشهور پيغمبرن، ولين، ليکڪن، شاعرن، ڏاهن ۽ دانشورن جي چوڻين/ قولن سان متفق ٿيندي، ليکڪ لبيڪ چئي انهن چوڻين کي نثراڻي نظم سان سجائي پيش ڪيو آهي. تاريخ جي فاتح، ڪردارن، رهبرن ۽ رهنمائن مان جن جا مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ، چارئي خليفا، حضرت امام حسن، امام حسين، امام جعفر صادق، امام احمد بن حنبل، جنيد بغدادي، خواجه حسن بصري، شيخ ابوالحسن علي هجويري، جلال الدين رومي، بيبي رابعه بصري، منصور حلاج، شيخ ابوعلي سينا، امير خسرو، ابن سينا، ابن رشد، سرمد، ابوريحان بيروني، امام رازي، ابونصر فارابي، محمد بن يحييٰ، محمد بن زڪريا، ارسطو، افلاطون، عمرخيام، غالب، سنڌ جي سرموڙ مفڪر، شاعرن شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين جي چوڻين کي ورجائي، ليکڪ انهن سان متفق ٿي، ڌڻيءَ در التجائون ڪيون آهن.
نثراڻي نظم ۾ موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب بلڪل الڳ ۽ اثرانگيز انداز جو آهي ته آهنگ ۽ ايڪانيت سبب به هيءَ هڪ اهم تصنيف آهي.
يارب!
منهنجي شاعريءَ کي اها خوشبو ڏي،
جو ان کي ڏسي دنيا جا سارا گل حيران ٿي وڃن،
يارب! منهنجا معبود! مان هر ڪنهن کي معاف ٿو ڪيان
جن مون کي غصو ڏياريو آهي،
۽ جن مون کي نقصان پهچايو آهي،
تون ڪنهن به انسان کي
منهنجي ڪري سزا نه ڏي
منهنجي پيار کي آفاقي بناءِ
منهنجي خون ۾ قابيل جي عنصر کي ختم ڪر
مون کي پنهنجو رحم وديعت ڪر
پنهنجي اخلاق جي بيک ڏي.
مان تنهنجو گناه گار بندو آهيان
تون خطاپوش به آهين
عطا بخش به آهين
مون کي معاف فرماءِ
۽ پنهنجي عطا کان محروم نه ڪر
يارب!....
مطلب ته اهڙين انيڪ دعائن سان ليکڪ جو مقصد فقط ۽ فقط هڪ نيڪ ۽ ڪامل انسان ٿيڻ جي تمنا آهي. نه هيءَ آتم ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي هي ڊائريءَ جا ورق آهن، پر ته به هن منفرد ۽ مختلف انداز جي تحرير ۾ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ذاتي خيالن، ويچارن ۽ زندگيءَ جي تجربن جي نثر ۽ نظم ۾
آتم ڪٿا آهي، جنهن کي شعوري طور نثري نظم ۾ جوڙي، هن صديءَ جي مهان شاعر/ اديب پنهنجي لاشعور کي اڳيان آندو آهي. هن پنهنجو اندر اهڙيءَ ريت اوتيو آهي، جو هڪ معصوم، بي ضرر، سچو، کرو ۽ پوريءَ دنيا سان مخلص اياز سامهون آيو آهي، جنهنجي هر لفظ، هر سِٽَ ۽ هر ورق ۾ “حياتِ جاودان” جو پيام آهي.

حوالا:
(1) حميده کهڙو ڊاڪٽر: “روزانه ڪاوش” 1998-1-29 بحواله “شيخ اياز: هڪ مطالعو” شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
(2) جميل الدين عالي: “روزانه ڪاوش” 1998-1-24 بحواله “شيخ اياز- هڪ مطالعو”شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
(3) ابڙو جمال: “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 85
(4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: “شيخ اياز- هڪ مطالعو”، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، 1999ع، ص- 37
(5) ابڙو جمال: “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 92
(6) ايضًا، ص- 81
(7) اياز شيخ: “اُٿي اور الله سين”، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور 1998ع (مقدمو)
(8) اياز شيخ: “ڀؤنر ڀري آڪاس”، رائيٽرس گلڊ ڪراچي، 1962ع (مقدمو)