ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

زبان قوم جو آئيندو آهي. يا جنهن زبان ۾ ماءُ ڏني لولي سا زنده رهندي

ڪا به، ٻولي انساني خيالن، سوچن ۽ جذبن جي زبان، هئڻ سان گڏ ثقافت، واپار، تعليم ۽ روزگار جو اهم ذريعو هوندي آهي. انسان جو پوريءَ دنيا جي انسانن، چرندن، پرندن ۽ جانورن سان سٻنڌ، ٻوليءَ سان سلهاڙيل آهي. هر ٻولي پنهنجي پنهنجي ملڪ، علائقي يا تر جي نمائندگي ڪندڙ هجي ٿي. جنهن سان انهيءَ جڳهه جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جو مطالعو معنيٰ ان قوم، ان ملڪ، ان ملڪ جي ماڻهن، معاشري، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو مطالعو آهي. دنيا ۾ تقريباً ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ انهن جا ڪيترائي لهجا آهن. لساني ماهرن موجب ته انهن ٻولين ڳالهائيندڙن جي لهجن مان سندن علائقي جي سڃاڻپ ٿيندي آهي يعني ته فلاڻو ماڻهو فلاڻي علائقي سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ سان ان علائقي جي، انهيءَ ملڪ جي ثقافت جي به خبر پوي ٿي. مطلب ته زبان قوم جو آئيندو آهي. ڪنهن به قوم جو زنده رهڻ ۽ شناخت انهيءَ قوم جي ٻوليءَ جي زنده هئڻ تي دارو مدار رکي ٿي.
دنيا ۾ الائي ڪيتريون ٻوليون هر سال ختم ٿي وينديون آهن يا ٻين لفظن ۾ انهن ٻولين جو موت ٿي ويندو آهي. انهيءَ جو سبب انهيءَ ٻوليءَ کي نه واپرائڻ آهي ۽ انهيءَ ٻوليءَ جا اصل وارث غلام ٿي وڃڻ يا قدرتي آفتن جي اثر هيٺ ان هنڌ جو زوال اچڻ آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن پر جيستائين ڪنهن ٻوليءَ کي ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، ۽ وڻج واپار ۽ ٻين تمدني ذريعن ۾ استعمال ڪرڻ موجود هجي ٿو. تيستائين انهيءَ ٻوليءَ جوآئيندو مضبوط هجي ٿو. دنيا جي هر زبان انهيءَ زبان جي ڳالهائيندڙن يعني قوم جو آئيندو آهي. جيستائين انهيءَ قوم جون نسلون انهيءَ ٻوليءَ کي جيارينديون پيون، تيستائين اها ٻولي قائم ۽ دائم رهندي.
سنڌي ٻولي هڪ بڻائتي ۽ قديم شاندار ماضي رکندڙ سدا حيات ٻولي آهي، پر افسوس هن ٻوليءَ سان پاڪستان ٺهڻ بعد گهڻائي ڪلور ٿيا آهن. پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ سڀ کان وڌيڪ علمي ۽ ادبي خزانو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي پر ڏينهون ڏينهن هن مٺڙي ٻوليءَ جي پڙهندڙن ۾ نوجوان نسل جو ڳاڻيٽو گهٽجي رهيو آهي. جڏهن ته آباديءَ جي لحاظ کان سنڌ جي آباديءَ ۾ سٺو اضافو ٿيو آهي پر سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ وارن ۾ ڪمي اچي رهي آهي. هن پياري مادري ٻوليءَ ۾ اهو ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا اڄ اسان جو حال به هندستان جهڙو ٿيڻ وڃي رهيوآهي. جتي سنڌي ٻولي آئيني حيثيت هوندي به لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ گهٽجي رهي آهي ۽ ڪي محدود پراڻا ليکڪ ۽ شاعر بچيا آهن جي اُتي سنڌيءَ کي جيارڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ڇا اسان وٽ به ان ريت ٿيندو جو جنهن ٻوليءَ ۾ ماءُ لولي ڏني آهي، اها زنده ئي نه رهندي؟ اهو سوچڻ ۽ غور فڪر جو هنڌ آهي، اسان ڪهڙا اُپاءُ وٺون جو سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت مضبوط ٿيئي؟
سڀ کان پهريان ته اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا سنڌي ٻولي سنڌ صوبي ۾ تعليمي طور مڪمل رائج آهي يا نه؟ ٻيو ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن پيا؟ جيستائين سنڌ صوبي جو هر هڪ سنڌي، سنڌي ٻولي پڙهي لکي نه سگهندو ۽ علمي طور هن ٻوليءَ جي صحيح ڄاڻ نه رکندو تيستائين اها صحيح نموني پکڙجي نه سگهندي. دنيا جي هر ٻار جو بنيادي لساني حق آهي ته کيس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي. گڏيل قومن جي چارٽر ۾ اهو ڄاڻايل به آهي. هاڻي سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ڏسنداسين ته وڏو سنڌي طبقو ڳوٺن ۾ رهندڙ آهي جو بنيادي پرائمري تعليم کان به محروم آهي. روز ڪيترائي اسڪول کوليا وڃن ٿا، ڪيترائي ٻاهرين ملڪن کان به فنڊ ورتا وڃن ٿا ۽ سنڌ حڪومت پڻ تعليم جي مَدَ ۾ بجيٽ کي وڌايو آهي، پر پرائمري اسڪولن جو حال پورو سارو آهي.ا سڪولن ۾ ٻارن جي تعليم تي توجهه ڪانهي. گهوسٽ اسڪول ۽ ماستر ماسترياڻيون اڄ به موجود آهن. شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. خاص طور ڪراچيءَ جي گهڻن اسڪولن ۾ جتي ڪيترائي سنڌي ٻار موجود آهن ۽ نه ئي ڳالهائي ٿي وڃي. شهري سنڌي ٻار اسڪولن ۾ انگريزي ۽ اردو ٿا ڳالهائين ۽ پڙهن، اڪثر گهرن ۾ پڻ والدين ٻارن سان انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٿا ڳالهائين ته جيئن کين اسڪول ۾ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ دشواري نه ٿيئي ۽ ڳوٺن جي اسڪولن ۾ تعليم ئي معياري ڪونهي ته ٻولي ڪٿان جيئندي. هاڻي اچون ڪاليجن تي ته انهن جو حال پڻ ساڳيو آهي. ڪيترن ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا استاد ئي گهٽ آهن. ۽ خاص طور يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ شاگردن تي پهرين سال ۾ اردو سليس ۽ ٻئي سال ۾ سنڌي ڪمپلسري رکي وئي آهي. جڏهن ته اردو ميڊيم ٻارن کي ٻيئي سال اردو ڪمپلسري يعني “گلزار اردو” پڙهائي وڃي ٿي. ساڳيءَ ريت نائين ۽ ڏهين ۾ به آهي. سنڌي ميڊيم ٻار نائين ۾ سنڌي ۽ ڏهين ۾ اردو سليس کڻن ٿا. چار سالن ۾ سنڌي شاگرد فقط ٻه سال سنڌي پڙهن ٿا ۽ اڳيان اهي جڏهن پنهنجي ڪنهن ڪيريئر ۾ چونڊجڻ کان پوءِ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ تياري ڪن ٿا تڏهن چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ سنڌيءَ جو نصاب سندن مٿي مٿان لنگهي ٿو وڃي. نائين ۽ ٻارهين ۾ پڙهيل سنڌيءَ کان پوءِ هو ايم اي ليول جي سنڌي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس ۾ ڪيئن ڏئي سگهندا. معنيٰ ته اسان غلط تعليمي نصاب جي طريقيڪار سان پنهنجي شاگردن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۽ لکڻ جا رستا روڪي ڇڏيا آهن. بي اي جو سنڌي نصاب تمام مختصر آهي. باقي يونيورسٽين کي ڏسنداسين ته اهو به عجيب نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. سڀني يونيورسٽين ۾ جتي جتي سنڌي شعبا موجود آهن. اتي گهڻي ڀاڱي استادن جي پاڻ ۾ مقابلي واري فضا قائم آهي. جيڪا انهن يونيورسٽين جي ٻين شعبن ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. سنڌي استادن جي ذاتي عناد ۽ رنجشن ۾ اڪثر شاگردن جو پڙهائيءَ کان ئي روح کٽو ٿي وڃي پيو، ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون به مڪمل ڪري نه سگهندا آهن. ڪا به صحيح گائيڊ لائين نٿي ڏني وڃي. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جا گَسَ بند ٿيل آهن. سنڌي ٻوليءَ کي اسان غير مادري زبان وارن لاءِ سيڪنڊ لئنگويج طور سيکارڻ لاءِ ڪيترا به طريقا اختيار ڪيون پر پهرين اسان کي پنهنجي سنڌي ٻارن جي اندر ۾ سنڌيءَ کي اوتڻو پوندو. جيجل ماءُ جي ٻوليءَ جي لاءِ محبت پيدا ڪرڻي پوندي. اها تڏهن ٿيندي جڏهن ٻار ننڍي لاڪون ان کي پڙهندو، لکندو، سمجهندو ۽ منجهس ٻوليءَ جي لاءِ فطري محبت جو جذبو پروان چڙهندو ۽ سندس آسپاس اها پنهنجي وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان موجود هوندي. چند گذارشون آهن جن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ قائم دائم رهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
1- سڀ کان پهرين ته موجوده وقت پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ٻين گهر جي عورتن کي اها ترغيب ڏني وڃي ته هو پنهنجي اولاد سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، ۽ ٻوليءَ جي عظمت ۽ اهميت پاڻ به سمجهن ۽ اولاد کي به سمجهائين. ٻارن کي ننڊ ۾ سمهارڻ مهل کين سنڌي ٻوليءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائين ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ دعائون ۽ لوليون ڏين. گهر ۾ سنڌي اخبارون ۽ رسالا گهرائي انهن کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪن، جيڪڏهن اسڪولن ۾ صحيح طور نٿي پڙهائي وڃي ته ذاتي ڪوششون وٺي به ٻارن کي سنڌي ٻولي سيکاري وڃي جيئن ٻار اسان جو آئيندو آهي تيئن ئي ٻولي به اسان جو آئيندو آهي. ٻنهي جي واڌ ويجهه تي گڏ گڏ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
2- خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ واري مسئلي کي سنڌ حڪومت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ هر گهٽيءَ ۽ پاڙي ۾ کُليل انگريزي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پاڙهڻ يقيني بڻايو وڃي.
3- گورنمينٽ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي نصاب کي پڙهڻ لاءِ دلچسپ ۽ آسان بنائجي.
4- غير مادري زبان وارن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ دلچسپ انداز ۾ ٻولي سکيا طريقي سان پڙهايو وڃي ته جيئن سندن شوق وڌي. آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽن ذريعي پڻ ان ڪم کي هٿي ڏجي.
5- ٻولين کي پڙهائڻ لاءِ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن. سنڌي استادن کي اهڙي سکيا ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ ماهرن ذريعي ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ ساخت سمجهائي وڃي ۽ ٻولي سکيا پروگرامن ۾ ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ عملي طور پابنديءَ سان ڪوششون ڪيون وڃن.
6- سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ ان کي رابطي جي ذريعي ۾ عام جام آڻجي جيئن آفيسن جي لکپڙهه ۽ خط و ڪتابت، شهرن ۾ لڳل سائين بورڊ (جن ۾ اڪثر هِجِي جون غلطيون هونديون آهن) اخبارن، رسالن ۽ نصابي ڪتابن (خاص طور سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾) غلطين تي ڌيان ڌريو وڃي ته معياري ڪتاب شاگردن ۽ پڙهندڙن تائين پهچن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪيو وڃي. ايف بي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل غلطين تي توجهه ڇڪرائي وڃي. عام جڳهين شادين مرادين، غمين، مشاعرن، ادبي محفلن ۽ سيمينارن ۾ سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اردو ۽ انگريزيءَ بدران نج سنڌي لفظن جي واهپي کي وڌائين ته جيئن ڪيترائي لفظ جيڪي ختم ٿي رهيا آهن اهي قائم رهن.
7- يونيورسٽين جي استادن کي گذارش آهي ته سنڌي شاگردن کي سنڌيءَ ۾ ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ همٿائين ۽ سندن جوڳي مدد ڪن. باقي هر ڪو شاگرد پاڻ وڃي ڪري اهو سوچيندا ته پوءِ توهان جو تجربو ۽ پيغمبري پيشو ڪيڏانهن ويو؟
8- علمي ۽ادبي سنڌي ڪتابن جي پٺڀرائي ٿيڻ گهرجي. انهن جي لکجڻ، ڇپجڻ ۽ وڪجڻ جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ هئڻ ضروري آهي. جو ٻولي ۽ ادب جو پاڻ ۾ وڏو سٻنڌ آهي. ٻنهي جو سماج جي ترقيءَ ۾ هٿ آهي.
سنڌي قوم هڪ ذهين ۽ سمجهدار قوم آهي جنهن ۾ ترقي حاصل ڪرڻ جي جستجو پڻ آهي، اسان جا ڪيترائي جوان ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي قوم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ته سنڌ اندر پڻ ڪوششون ٿين پيون هيءُ هڪ اهم قومي مسئلو آهي جنهن ۾ سستي ڪرڻ وڏو گناهه آهي. ساڃاهه وندن، اديبن، عالمن، مفڪرن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽ والدين کي هن ٻوليءَ جي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ اُپائڻ تي عمل ڪرڻ گهرجي.