ويهين صديءَ ڇاڇا ڏنو/ ايڪهين صديءَ جون تقاضائون
نشانبر امن – عالم جو نشان ڪريون،
هٽايون ايٽمي آڙاهه، ڌرتيءَ تان،
جهنم گم ڪريون، جنت عيان ڪريون.
(استاد بخاري)
اسان کي پنهنجن وڏن ويهين صديءَ جي دؤر ۾ داخل ڪيو ۽ اسين ايندڙ نسل کي جديد ۽ چمڪندڙ دؤر ۾ داخل ڪنداسين، هر ايندڙ وقت نيون روشنيون ۽ نيون امنگون کڻي ايندو آهي. اها حقيقت آهي ته هر نئين وقت جا قدر ۽ اوليتون الڳ الڳ هوندا آهن. اڄ پوريءَ دنيا جي آبادي 7 ارب کان به مٿي پهچي چڪي آهي، جيڪا سئو سال اڳ صرف 2 ارب هئي، ڏٺو وڃي ته هن هيڏي آباديءَ جي وڏي انگ جي جياپي (Survival) لاءِ سائنس جي حڪمت عمليءَ ئي ترقي آندي آهي.
اڳيان سنسار ايڪيهين اچي ٿي پيئي،
ڏسون ٿا ڪامپيوٽر تي هلي ٿي پيئي،
دڳن تي نرڳ، سرڳ آهن، سجايا ويا،
عجب آهي پچي ٿي، ته به نچي ٿي پيئي.
(استاد بخاري)
بيشڪ هن ترقي يافته دؤر ۾ ڪجهه گراوٽون آهن. سکن سان گڏ ڪجهه ڏک به آهن پر مجموعي طور زندگي آسان ۽ سهل آهي، موجوده دؤر ۾ رهڻ کانپوءِ اسين بجليءَ جي بغير زندگي گهارڻ جو تصور نٿا ڪري سگهون. اڄ ترقيءَ کان تفريح تائين، سائنس جي ترقي ئي زندگيءَ جو روشن رخ آهي. گهريلو آسائشن کان وٺي، زراعت، صنعت، تعليم ۽ ملڪ جي هر شعبي ۾ جيڪا به ترقي ٿي آهي سا بجليءَ جي سبب ئي ٿي آهي ۽ توانائي موجوده دؤر ۾ اڳيان وڌڻ جي لاءِ هڪ اهم سيڙهي آهي. اها سائنس جي اڳيان وڌڻ جي رفتار هلندڙ صديءَ ۾ اڃان به وڌندي رهندي. جيڪي ماڻهو معراج جي واقعي تي شڪ ڪندا آهن انهن جي منهن ٽوڙ جواب لاءِ اڄ جا مواصلاتي ذريعا ئي سهڻو جواب آهن.
اڄ جي انسان سمنڊن جي پاتال ۾ وڃي زمين جي اسرارن کي ڦولهيو آهي ته خلا ۾ پهچي ڪائنات جي رازن کي پروڙيو آهي. چنڊ تي قدم رکندي ته سندس عظمت مسلم مڃي ويئي آهي. انساني محنت، سمجهه ۽ عظمت جي اڳيان ملائڪ حيران ۽ شيطان پريشان آهن. غارن جي زماني جو وهمي ۽ وسوسي جو شڪار انسان اڄ سائنس جي حيرت ناڪ ڪاميابين جو سرواڻ آهي. سندس شان ۾ ڪينئين تحسين جوڳا اعتراف موجود آهن.
انسان کي هجي چنڊ جي تسخير مبارڪ،
۽ اشرفِ مخلوق جي توقير مبارڪ،
هي چنڊ نه آ نور، نئون کنڊڪو آ،
تاريخ کي تحقيق جي تنوير مبارڪ.
(استاد بخاري)
انساني عظمت جو اعتراف ته رب پاڪ شروع ڏينهن کان ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي پسنديده ترين احسن مخلوق ڄاڻايو آهي. پر خود حضرت انسان کي پنهنجي قوت، طاقت، سمجهه، عقل ۽ ڄاڻ جو ادراڪ وقت گذرڻ سان ٿيو آهي، جڏهن جڏهن هن ڪامياب تجربا ڪيا تڏهن تڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس منزل اڃان به گهڻو اڳيان آهي.
هي ڪنهن جو خلائن ۾ کُتو آهه عَلم،
هي ڪنهن جا ادب ساڻ چميا چنڊَ قدم،
هي اشرفِ مخلوق ۽ هي اَحسنِ تقويم،
انسان آ، انسان جي عظمت جو قسم.
(استاد بخاري)
موجوده دؤر سائنس جي ايجادن ۽ نئين ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي. ڪالهه جيڪي ناممڪن هو اڄ اهو ممڪن آهي ۽ ايندڙ وقت انهيءَ کان به حيرت انگيز هوندو. ڪارل مارڪس موجب “جڏهن جڏهن ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديلي اچي ٿي تڏهن تڏهن انسان جي تهذيب ۽ علم ۾ ڦيرو اچي ٿو.” ڪالن رسيل سائنسدان جديد ٽيڪنالاجيءَ جو حامي هوندي به انهيءَ جي خوفناڪ هولناڪيءَ کان خوفزده هئڻ سبب چوي ٿو ته “ٽيڪنالاجي تيستائين عمدو ذريعو آهي. جيستائين اها انسان جي ڀلي ۽ بهبود لاءِ ڪتب اچي ٿو.”
هن جادوئي ترقيءَ مان جڏهن بي حساب سک آهن ته ڪجهه پريشانيون به متوقع آهن. نئين صديءَ جي ڪرشمن جو بنياد سائنسي علمن جي ترقيءَ تي آهي پر چوندا آهن ته هر شيءِ جي گهڻائي نقصانڪار به ٿي سگهي ٿي. جيستائين ان کي ضابطي ۾ نه رکيو وڃي.
هلندڙ صدي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي، جنهن ۾ انسان ذات، جهالت، غريبي، براين ۽ بک جي خلاف جڏهن سينو سپر ڪري بيٺو آهي. تڏهن هن اهڙا بم به برپا ڪيا آهن جيڪي انسان ذات کي مڪمل طور ختم ڪري سگهن ٿا. سپر پاور ٿيڻ جو جنون هر ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ۽ هر ملڪ پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ جي ڪمن تي رکيل بجيٽ کان به گهڻي وڌيڪ بجيٽ ائٽمي توانائيءَ تي صرف ٿو ڪري. انهيءَ ڪري انسان ذات جي اڪثريت، مالي، جسماني ۽ ذهني طور ڏکين حالتن مان لنگهي رهي آهي. هر ملڪ پنهنجي ائٽمي طاقت کي وڌائڻ جي شوق ۾ ملڪي اندروني حالتن کان منهن موڙي اڳيان وڌڻ ۾ رڌل آهي.
هيءَ نفسانفسي، هي اقتدار ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ بيشڪ وقت جي ضرورت آهي. ليڪن هن صديءَ ۾ سائنسي ترقيءَ سان گڏ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن جن ۾ انساني بنيادي حقن کي اهميت ڏيڻ تمام ضروري آهي. اسين پُر اميد آهيون ته ايندڙ وقت يقيناً انهيءَ کان به وڌيڪ ڪامياب و ڪامران هوندو، جنهن ۾ نئون نسل سماج جي بيهڪ ۾ پيدا ٿيل افراتفري، گهٽ ٻوسٽ ۽ ڏاڍائيءَ خلاف پوريءَ دنيا کي ندا ڏيندو. مواصلاتي ذريعن جي ترقيءَ سبب اڄ پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ظلم کي بين الاقوامي ميڊيا جي معرفت پڌرو ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيل بي انصافيون ۽ ظلم وائکا ٿي رهيا آهن ۽ مٿن احتجاج ٿي رهيو آهي. ظالم کي شرمنده ۽ نادم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. مظلومن جي واهر ڪندي. ظالمن جي لاءِ سزائون پيون تجويز ڪيون وڃن. ميڊيا جي خوف ۽ دٻاءُ سبب هاڻي ظلمن کي لڪائڻ محال آهي. هاڻي عام ۽ بي پهچ ماڻهو به مختلف تنظيمن جي معرفت انٽرنيشنل امن جي ادارن تائين پهچ رکن ٿا. انهيءَ جديد طريقي سان هيڻي کي همت ملي آهي.
ويهين صديءَ انسان کي خوشحالي، سڪون ۽ ڄاڻ سان گڏ صحت ڏيئي مهلڪ مرضن مان نجات ڏني. هن صديءَ تاريخ ۾ ترقي يافته دؤر جي حيثيت سان سڏائڻ جي لائق آهي، جنهن ٽيليفون، ٽيلي ويزن، وائر ليس، ڪمپيوٽر، فيڪس ۽ ٻيون انيڪ سائنسي ايجادون ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته هيءُ جدوجهد ۽ ترقيءَ جو دؤر هو.
هاڻي هلندڙ ايڪيهين صدي نوان رستا روشن ڪندي ۽ ايندڙ وقت انهيءَ کان به گهڻيون خوشيون و خوشحاليون کڻي ايندو ۽ نئون نسل نوان سفر طئي ڪري پنهنجن سپنن جي ساڀيان پائيندو. ايڪويهين صديءَ جي اهم تقاضا اها آهي ته اسان جا ترقيءَ ڏي وڌندڙ قدم انساني اخلاقي قدرن جي معيار مطابق هجن جنهن ۾ سڀ کان گهڻو ڀلو انسان ذات جي سکن، سهنجن ۽ حقن جي حفاظت جو هئڻ گهرجي، ائين نه ٿئي ته هن برقي سائنسي ترقيءَ ۾ اسان وقتي سُک ته حاصل ڪيون پر ماڻهپي جي معيار تان ڪري وڃون، تعليم، صحت ۽ انساني حقن جي حفاظت قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ بين الاقوامي ڀائيچارو ايندڙ وقت جي تقاضا آهي.