ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جو فڪر هڪ نظر

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو نصرپوري بزرگ، عالم ۽ شاعر شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف جو هم عصر شاعر سڏجي ٿو. جڏهن شاهه لطيف شاعري شروع ڪئي، ان وقت شاهه عنايت جي عمر پنجاهه سال هئي، سندن فن ۽ فڪر جو لطيفي فن تي اثر آهي. شاهه عنايت رسالي کي سرن سان ترتيب ڏيئي جوڙڻ جو رواج وڌو جو کانئن پوءِ ڀٽائيءَ اوج تي آندو. شاهه عبداللطيف جي ولادت 1102هه/1689ع ۾ ٿي، کانئن اڳ جيڪي شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان اهميت جوڳو آهي ۽ انهن جا ڪجهه بيت شاهه لطيف جي گنج ۾ پڻ ملن ٿا. اهي ميون عيسو هالائي، ميون عنايت نصرپوري ۽ احسان فقير لانگاهه هالائي آهن. انهن بزرگ شاعرن جو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي وڃڻ ڄاڻائي ٿو ته هو آڳاٽا ۽ شاهه صاحب جا وڏا همعصر آهن. ميين شاهه عنايت (1120-1125هه) ڌاري وفات ڪئي. اندازي مطابق شاهه لطيف جي عمر انهيءَ وقت 24 سال هئي. ميين عنايت جا پنجاهه کان مٿي بيت شاهه لطيف جي رسالي جي پراڻن نسخن ۾ اچي ويا. انهيءَ مان اهو به گمان ڪري سگهجي ٿو ته سندن بيتن ۽ لطيفي بيتن ۾ ڪافي حد تائين هڪجهڙائي آهي. فن ۽ فڪر جو تخيل، لفظن جي اُڻت، بيتن جو گهاڙيٽو، ڪجهه هنڌن تي ساڳيو ملي ٿو، جنهن سبب ڪري اهي سهيڙيندڙن کي لطيفي بيت معلوم ٿيا آهن. جي پوءِ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ سان الڳ ڪيا ويا آهن. ميين شاهه عنايت جو ڪلام اعليٰ معيار جو آهي، سندس رسالو شروعاتي رسالن مان هڪ آهي جنهن ۾ 22 سُر موجود آهن. جي ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سري راڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو آهن. جن مان چند کان سواءِ ٻيا شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهن. کانئن اڳ شاهه لطيف جو تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر موجود هو جن جي ڪلام ۽ فڪر جو اثر پڻ ميين عنايت جي ڪلام تي آهي ۽ شاهه لطيف به اها ساڳي واٽ ورتي پر پنهنجو هڪ الڳ اسلوب پڻ آندو، جنهن کين شاعرن جو سرتاج بڻايو. جا شاهوڪاري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آهي سا ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ نه ملندي. هتي موضوع جي حوالي سان شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جي بيتن جي هڪجهڙائي، فن ۽ فڪر ۽ ساڳئي نقطئه نظر جي ڀيٽ لاءِ چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.

شاهه عنايت:
رنڍا جن سين روڙيا، محبت پائي مَنَ ۾،
شاهه لطيف:
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن.

شاهه عنايت:
تتيءَ ڪوسيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
اٿ سسئي ٻڌ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آهه،
ڪانهي ان اوندهه، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
شاهه لطيف:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اوندهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

شاهه عنايت:
اڻ چوندن ڪِيم چو، چوندن چيو وسار،
اٺيئي پهر ’عنات‘ چئي، پر اها ئي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿيين.

شاهه لطيف:
اَڻ چوندنِ مَ چَئوُ، چُوندِن چَيو وسار،
اٺ ئي پهر ادب سين، پَرِ اها ئي پار،
پايو منهن مُونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مُفتي مَنجهه ويهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿيين.

(8-23 يمن ڪلياڻ)
شاهه عنايت:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي پار،
شاهه لطيف:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي ڪي پار.

شاهه عنايت:
گلبدن جون گوجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون،
انهم پر ’عنات‘ چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجريءَ گڏيو.

شاهه لطيف:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها! هو هميش،
پسيو سونهن سيد چي، نينهن اچن ٿا نيش،
لالن جي لبيس، اَتَڻَ اَکَرُ نَه اُڄهي.

(سر مومل راڻو، 3-1)
مٿين بيت ۾ مومل جي مجاز، حسن ۽ ناز، هار ۽ سينگار جو ٻنهي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي.
شاهه عنايت سان شاهه لطيف جون ملاقاتون ۽ صحبتون هيون، پاڻ کانئن متاثر هو ۽ سندن بيت جهونگاريندو هو. شاهه عنايت نه فقط شاعراڻي ذوق کي اوچو مقام عطا ڪيو پر شاعراڻي سنگت جو پڻ بنياد وڌو. شاهه صاحب کي هن بزرگ ۽ درويش لاءِ وڏي محبت هئي، پاڻ هن جهانديده شاعر جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائون. سندن فڪر ۽ تخيل به ساڳيو آهي. شاهه عنايت پنهنجو تخلص “عنات” استعمال ڪيو آهي. کين شاهه جي همعصر هئڻ سبب اها مشهوري نه ملي سگهي جا ملڻ کپندي هئي ته به سندن نالو سنڌي شاعريءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ڏس ۾ وڏي تحقيق ڪئي ۽ شاهه عنايت جي ڪلام کي سهيڙي شايع ڪرايو. ڊاڪٽر بلوچ موجب ته “هو ننڍي لاڪون راڳ ٻڌڻ جو به شوقين هو” راڳ ۽ ساز سندن شاعريءَ کي اوج ڏنو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس ڪلام “ميون شاهه عنايت جو ڪلام” جي عنوان سان ڇپايو آهي. مقدمي ۾ صفحي نمبر 90 تي لکيو آهي ته: “مئين شاهه عنايت قالب گهڙيا، ته ڀٽائي صاحب اهي سوڌي سنواري ڀريا، مئين شاهه عنايت ديوارون کنيون ته ڀٽائيءَ عمارتون اڏيون، ۽ مئين شاهه صورتون ايجاد ڪيون ته ڀٽائي صاحب اهي روح ڦوڪي جاڳايون. ميون شاهه عنايت ڄڻ ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بڻجي آيو.”
مئين عنايت جي ڪلام ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ آهن. جن جو معيار اعليٰ آهي. سندس ڪلام ۾ توحيد، تصوف، اخلاق، نيم تاريخي داستانن ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا عڪس موجود آهن. وٽس موضوعن جي وسعت آهي. ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عنايت شاهوڪار شاعر آهي. سندس شاعري پنهنجي دور تي به اثر انگيز هئي ته کانئن پوءِ جي شاعرن تي به اهو اثر رهيو جن ۾ شاهه لطيف جي حوالي سان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب جي ڪلام تي پنهنجي دور جي هن بزرگ شاعر جي فن ۽ فڪر جو اثر واضح آهي.