سنڌ جا صوفي شاعر/ سنڌي ادب ۾ تصوف جو عنصر
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي شريعت جو پابند، بي تعصب صوفي، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ هو. تصوف جا مول متا سندن رسالي ۾ جا بجا موتين جيان پکڙيل نظر اچن ٿا. هو شريعت جي حڪمن جي بجا آوري صاف دلي سان ڪرڻ کي پسند ڪندي چوي ٿو:
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر ٿي اچ ته، سودو ٿييئي سڦرو.
طريقت جي راهه ۾ طالب کي پنهنجو پاڻ کي تج ڪري، نفس ماري پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻو آهي. تنهن لاءِ ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته:
پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب،
پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.
شاهه لطيف اويسي طريقي جو پوئلڳ هو. هن صوفيءَ بزرگ جو راڳ سان دلي ربط هو ۽ ان کي پنهنجي جيءَ جو جياپو ڄاڻايو اٿن. سندس شعر ۾ الهامي شاعريءَ جون خوبيون آهن. هو پرينءَ کي ئي حق جو جلوو ٿو ڄاڻي.
سهسين سج اڀرن، چوراسي چنڊن،
يا الله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.
حضرت شاهه عبداللطيف کان اڳ سندن تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم به ساڳئي، مسلڪ جو هو سندن سنڌي بيت “بيان العارفين في تنبيهه الغافلين” ڪتاب ۾ آيل آهن. اهو ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. شاهه ڪريم جو هر هڪ بيت ايئن ٿو لڳي ڄڻ ساڳي ٻولي شاهه سائينءَ واري آهي پر جيئن ته سندن بيت ٿوري تعداد ۾ آهن، پر فڪر ۽ خيال ساڳيو آهي. چوي ٿو ته:
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.
منهنجو سڄڻ/ محبوب اکين کان فقط هڪ پل به جيڪڏهن ڌار ٿيئي ته ڄڻ سڄي ڄمار نه ڏٺم. شاهه لطيف ته انسان کي هڪ لمحو به غافل ٿيڻ کان روڪيندي چوي ٿو ته:
هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار،
اُڀا اڱڻا پار، پس پنهنجا سپرين.
اهي اکيون دل جون اکيون آهن جن جي غفلت صوفيءَ جي نظر ۾ مقصد تان هٽائي ٿي.
قاضي قادن سنڌ جي اهم صوفي شاعر پڻ ڪتابي علم جي بجاءِ اندر اجارڻ تي زور ڏنو آهي. فرمائي ٿو ته:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.
قاضي صاحب جو ڪلام تصوف جي سنڌي شاعريءَ ۾ بنياد قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڻ شاهه ڪريم کان اڳ جو شاعر هو. سندس ڪلام پهرين “شاهه ڪريم جي ملفوظات” ۾ ستن بيتن جي صورت ۾ موجود هو. پوءِ هيرو ٺڪر کي هندوستان جي هرياڻه ڳوٺ مان چڱو شعر مليو جو روشني پبليڪيشن قاضي قادن جو ڪلام جي عنوان سان شايع ڪرايو آهي. قاضي قادن جو سڄو ڪلام تصوف ۽ وحدانيت جي اپٽار آهي.
حضرت خواجه محمد زمان سنڌ جي ناميارن صوفي بزرگن مان نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. بدين ضلعي ۾ لنواري سندس ڳوٺ آهي. سندن حياتيءَ جو گهڻو احوال “مرغوب احباب” ڪتاب ۾ آيل آهي. خواجه زمان جي سڄي حياتي الله جي عبادت ۽ ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف جون ساڻن ملاقاتون ٿيون، پاڻ کانئن متاثر هئا ۽ سندن شان ۾ ڪي بيت به چيائون. جن ۾ هڪ بيت خاص مشهور آهي ته:
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي، ڪري نه سگهان ڪا ڳالهڙي.
خواجه زمان جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهي پر تمام پراثر آهي. هن صوفي بزرگ وٽ تصوف جو معيار فقط ئي فقط دل جي صفائي آهي. خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ نمونو آهن. هنن بيتن ۾ روحاني ۽ معنوي طور عشق الاهيءَ جا ٽمٽار خزانا موجود آهن.
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
مطلب ته صوفي هن دنيا ۾ تڏهن ئي صوفي شمار ٿيندو، جڏهن سندس دل محبوب ڏي راغب هوندي. هُو مڪمل محبوب جي منشا مطابق حياتي گهاريندڙ ۽ سندس لاءِ ئي تڙپندڙ ۽ دنيا کي قيد سمجهندڙ هوندو. پوءِ حياتيءَ ۾ ئي پرينءَ کي پسندو. اڳيان فرمائي ٿو ته:
پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام،
دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.
جيڪي حق جي جلوي جو ذائقو هڪ دفعو چکي ٿا وٺن انهن لاءِ ته پوءِ هيءَ حياتي قيد آهي. هُو ته محبوب جي پچار سان آرامي آهن ۽ ان وٽ وڃڻ لاءِ ئي آتا آهن، کين موت کان ڪو به خوف ڪونهي، بلڪه موت ته محبوب سان ملڻ جو وسيلو آهي. هُو ان جي هر دم پڇا ڪندڙ آهن. خواجه زمان جو هڪ هڪ بيت سچي عشق جو آلاپ آهي.
نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏور،
وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺو اڻ ڏيٺ ۾.
دنيا ۾ رهندي، هن قيد ۾ وقت ڪاٽيندي محبوب ويجهو ناهي. پر جي دل ان ڏي مڪمل مائل آهي ته نظرن کان پري به ناهي پر ٻنهي صورتن ۾ آئون پريشان آهيان، ڇو جو، ڄڻ ڏٺم پر نه ڏسڻ جيئن، يعني سڪ پوري نه ٿي ۽ تشنگي قائم آهي.
هتي تصوف جا ڪيترائي درجا هڪ ئي بيت ۾ سمايل آهن. صوفين وٽ جيڪي منزلون آهن انهن جا درجا مقرر آهن. عبادتن، رياضتن ۽ مجاهدن کان پوءِ جڏهن درويش ڪنهن منزل تي پهچن ٿا تڏهن سندن لاءِ ڇپر (جبل) ڇاڙڪي (ٻه پرهه) آهي. بس هيءُ جهان ڇڏڻ ۽ هُو جهان به گهوري ڇڏڻ لاءِ آتا آهن، جي کين فقط ۽ فقط پلڪ پريان ساڻ سري. تصوف جو رستو سنڌ جي صوفي بزرگن، سهڻائيءَ سان سنڌ واسين کي سمجهايو ۽ هتي جي ماحول مطابق سندن ئي درس و تدريس ۽ صحبتن مان اهي سلسلا قائم رهيا. قاضي قادن، شاهه ڪريم، مخدوم نوح، شاهه لطف الله قادري، شاهه لطيف، شاهه عنايت نصرپوري، خواجه محمد زمان، شاهه عنايت شهيد، سچل سرمست، حمل فقير ۽ ٻيا آهن جن سڀني جو تفصيل سان ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻ سان مضمون طويل ٿي ويندو. چند اهم شاعرن جي شاعريءَ ۽ فڪر تي ڪجهه روشن وجهجي ٿي. مٿي مختصراً قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ خواجه محمد زمان جي بيتن کي پيش ڪيو اٿم. هن سلسلي جو هڪ اهم صوفي بزرگ شاعر شاهه لطف الله قادري آهي، هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند پايه شاعر هو. سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ سندس نالو اهم آهي. شاهه لطف الله جو سڄو ڪلام عارفاڻي فڪر جي لحاظ کان تصوف جو خزانو آهي. معنوي نڪات ۽ رمز سان ڀرپور آهي. شاهه لطف الله جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ آهي، جنهن کي رسالي جي صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سهيڙي تحقيق ۽ تصحيح ڪري شايع ڪرايو. شاهه لطف الله جو ڪلام شاهه ڪريم ۽ مئين عنايت جي وچ واري دؤر جو آهي ۽ شاهه لطيف جو جنم کانئن پوءِ جو آهي، پاڻ سندن شاعريءَ کان متاثر پڻ آهي. شاهه لطف الله فرمائي ٿو ته:
عقل اوت اوڇو ٿيو، ڪاجا ڏسي پت،
پسيو پر پرينءَ جي، منجهيو وڃي مت،
نه ڪو ڳاچ نه ڳت، حيرت هنيو سڀ ڪو.
تصوف تي فارسيءَ ۾ سندن ٻه مشهور ڪتاب “تحفة المساڪين” ۽ “منهاج المعرفه” آهن. سندس ڪلام ۾ پڻ صوفين جو ساڳيو اسلوب قائم آهي، جنهن ۾ پرين کي سمجهڻ ۽ پسڻ لاءِ ظاهري عقل جي ڪا به اهميت ڪانهي. فقط اندر جي اوجر کپي.
شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروع واري دؤر جو شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه ڪريم ۽ لطف الله قادريءَ کان پوءِ مئين شاهه عنايت جو ڪلام تعداد ۾ وڌيڪ آهي، جو 469 بيتن ۽ 42 واين تي مشتمل آهي. هن نصرپوري بزرگ جو احوال “تحفة الڪرام” ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ ڏنو آهي. شاهه عنايت پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. پاڻ “عنات” تخلص طور ڪم آندو اٿن. شاهه عنايت جي شاعري مڪمل رسالي جي صورت ۾ آهي. سُرن ۾ رسالي جوڙڻ جو رواج شاهه عنايت وڌو، جنهن کي پوءِ لطيف عروج تي پهچايو. شاهه عنايت رضويءَ جي شهرت کي شاهه ڀٽائيءَ جي هم عنصر هجڻ سان نقصان پهتو، هُو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن دؤر ۾ هجي ها ته شاعريءَ جو امام سڏجي ها. سندس ڪيترا بيت شاهه جي رسالي جي بيتن ۾ ملي جلي ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ڏس ۾ وڏي تحقيق ۽ تصحيح کان پوءِ سندن رسالو ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. سندس ڪلام تصوف سان ٽمٽار آهي. حسن، عشق، فراق، هجر ۽ وصال جي بيانن سان گڏ سندس تخيل، فڪر ۽ طرز بيان اعليٰ درجي جو آهي. سُر ڪلياڻ ۾ شاهه عنايت الست جي اقرار بابت چوي ٿو ته:
الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،
رڙهي رهبر رسيا، سي سُل مون نبي يار،
مُلڪين فلڪين پڌرا، آگي ڪيا اظهار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سي ’عنات‘ چئي.
هن صوفي شاعر جي بيتن ۾ معنويت جي فلسفي جي اوچي اپٽار آهي. سهڻيءَ جي واتان چورائي ٿو ته:
گهڙڻ منهنجي وس، مڙڻ هٿ ٻين جي،
ساهڙ سڪندين جي، مڇڻ پوءِ عڪس،
تن جو باب نه بس، پرين جنهن جو پارَ ۾.
صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع ۾ پيدا ٿيو، 1718ع ۾ وفات ڪيائين، هو تصوف جو ڄاڻو پر انقلابي شاعر هو. ظلم جي خلاف سينه سپر ڪري بيٺو. غريبن جو دوست ۽ جاگيردارن جو دشمن هو، انهيءَ ڪري گهري سازش سٽي کين حڪومتي گورنر جي چرچ تي شهيد ڪرايو ويو. شاهه عنايت جي شهادت وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 28 سال هئي. صوفي شاهه عنايت جو ڪلام هٿ نه آيو آهي پر ڪي بيت اهڙا آهن جن کي محققن شاهه عنايت شهيد سان منسوب ڪيو آهي، جن ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:
هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آئون لهنديس،
اُتي نهارينديس، جيڏيون پنهنجي جت کي.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي هڪ وڏو بزرگ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن دين جي رستي ۾ جهاد ڪيو. سندس ڪارنامو مهاديو جي مڙهيءَ کي ڊاهڻ وارو آهي، جنهن مقابلي ۾ پاڻ 1778ع ۾ شهيد ٿيو. هو پهرين ظاهر پرست عالم هو، مخدوم خواجه محمد زمان جي صحبت کيس رنڱي ڇڏيو. فقهي جي ماهر هن شاعر جا سنڌي بيت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت آهن.
پڄاڻان پرين، هنيون ڪڄاڙو کاءِ،
ڪلهي پايو ڪينرو، ڳڻن پريان جاڳاءِ.
سندس گهڻي شاعري “ڪبت” جي صورت جي آهي. سندس وحدانيت جي ڪلام مان هيٺيون بيت پيش ڪجي ٿو.
لالھَ الاالله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ آن سندي، عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌاران تنهن سري، ان ري نه سري ڪوءِ.
ان کان سواءِ سندن هيءُ بيت پڻ مشهور آهي.
عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
سچل سرمست تصوف جي شاعريءَ جو هڪ اهم نالو آهي. ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي “سچل”، جي نالي سان سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سندس وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. سچل فاروقي ننڍيءَ عمر ۾ يتيم ٿي ويو هو. پنهنجي مرشد عبدالحق جي اثر هيٺ تربيت ورتائين. سچل سرمست فن ۽ فڪر ۽ عشق جي بلنديءَ واري شاعري ڪئي. سندس سڄو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. سچل جي ڪلام ۾ درد جو درياءُ سمايل آهي، ته تصوف جي رواني به آهي. عام طور تصوف لاءِ ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته تصوف رهبانيت سيکاري ٿو، بي عملي ۽ زندگيءَ کان فراريت سيکاري ٿو. ظلم ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائي حق کسڻ جي بجاءِ، تقدير پرستي ۽ ظلم کي رب جي رضا سمجهي ان تي راضي رهڻ جي تعليم ٿو ڏئي، پر جي درازان جي هن صوفي بزرگ جي ڏنل تعليم کي سندس شاعريءَ جي ڳوڙهي مطالعي سان سمجهيو وڃي، ته خبر پوندي ته تصوف تي اهڙا اعتراض انهن ڪيا جن سنڌ جي صوفي بزرگن جي شاعريءَ جو ڳوڙهو مطالعو نه ڪيو آهي. سچل جو هر شعر، هر مصرعو، هر اکر احتجاج آهي. هُو “انا الحق” جو نعرو بلند و بالا نموني سان هڻي ٿو. وٽس لِڪَ لباس ڪانهي، تڏهن ته مٿس ڪفر جون فتوائون لڳيون پر هو بي خوديءَ ۾ پيو شعر چوندو هو، اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس ۽ مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس، سندس زبان ۾ بيتن جو سمنڊ پيو پلٽبو هو.
1- جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان،
2- نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار،
3- الله الله ڇوڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ.
4- هِتِ هُتِ آهي صورت منهنجي ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهيان.
5- پاڻ پنهون آهيان، ڙي ڀينر ڀلي ناهيان.
6- صورت سڀ سبحان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
7- عاشق ڏسڻ آيو، محبوب گل سنياسي.
8- آهيان آئون اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيون.
9- سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
10- مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
مطلب ته سچل سائينءَ جي شاعري تصوف جو خزانو ۽ عشق جو آلاپ آهي. جيڪي راز شاهه سائينءَ ڍڪي چيا، سچل انهيءَ تان ڍڪ لاهي کولي پيش ڪيا. عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي تڏهن چوي ٿو ته:
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ وَر سمجهي ڪو “سچو” چوي.
سچل سائينءَ جو فارسي ڪلام گهڻو آهي. فارسي شاعريءَ ۾ تصوف جي شاعريءَ جا خزانا آهن. مولانا رومي، شيخ عطار، شمس الدين تبريزي ۽ ٻين جي ڪلام جو مٿن اثر هو. پاڻ حسين بن منصور الحلاج کان گهڻو متاثر هو. تڏهن ته چيائين ته: “قاضي ساڙ ڪتابان ڪون”سندس نظريي “انا الحق” کي هٿي ڏنائين، سچل موجب ته حقيقي عشق تائين پهچڻ ۽ ان منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ هر طرف محبوب کيس سامهون آهي ۽ هو پاڻ طالب آهي ته پاڻ ئي مطلوب. وٽس عشق وڏي وٿ آهي. هن درد ۽ سوز جا سڀ رنگ اختيار ڪيا آهن. هو وجداني ڪيفيت ۽ مخصوص جرائتمندانه انداز ۾ شاعري ڪري ويو جا سنڌي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اثر، ٻولي ۽ موضوعن جي حوالي سان وٽس گوناگونيت ته آهي پر تصوف جي تنوار اُتم آهي.
عاشق ڏسڻ آيو، محبوب گل سنياسي،
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.
حمل فقير سنڌ جو مشهور شاعر 1810ع ۾ خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هُو مشهور عوامي ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سڪرنڊ ۾ سندس مدرسو هو پاڻ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل حياتي گذاريائين. وحدت جي ديواني، توحيد جي شمع جي پرواني، حمل کي الاهي عشق جو سوز حاصل هو. نعتون تمام بهترين چيائين ته سندس ٻي شاعريءَ ۾ پڻ عشق جو اثر گهڻو آهي. هن درويش جو ڪلام سوزو گداز جو اعليٰ نمونو آهي. سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائين، ”ڪليات حمل”جي نالي سان سندس سنڌي ڪلام کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ مان تحقيق سان سهيڙي شايع ڪرايو.
سِڪَ مڙيئي سور، سُور به سِر جيا سِڪ مون،
صبر سِڪَ وِڃايو، ماٺ نه اچي مُور،
دانهُون درد فراق جُون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏُور،
’حمل‘ هي ڪلور، جو ساڄن سڻي ڪينڪي.
يا هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه،
سانڍڻ سِڪَ سڄڻ جي، مشڪل آهه محال،
اندر ۾ اُڌما ڏيئي، ويسند ناهي هڪ وال،
حمل هيءُ احوال، ڪنهن پر پهچي پرينءَ کي.
حمل جي سڪ سوائي آهي هو سڄڻ سوا هڪ پل به گهارڻ نٿو چاهي، اهو ئي عشق جو اعليٰ درجو آهي ۽ اهو ئي صوفياڻو فڪر آهي. اسان جا ٻيا پڻ انيڪ شاعر ٿي گذريا آهن جي حڪومتي نظام جي پيداوار نه بلڪه پنهنجي تر جا، پنهنجي سماج جا، سدا بهار ۽ انوکا شخص هئا. مست الست فقير هئا، جن جي پنهنجي ڪائنات هوندي به هو دنيا کان بي خبر نه هئا. سنڌ سر زمين جي سورن ۽ سياسي لاهين چاڙهن جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هئا. هنن بري تي بڇ جا سبق ڏنا، پنهنجي نهٺيءَ عوام کي اڳيان وڌڻ جا گس ڏنا. ڪڏهن تصوف جي اوٽ ۾ ته ڪڏهن برملا بغاوت ڪندي کليو اظهار ڪيائون، پر گهڻي ڀاڱي هنن صوفي بزرگن جو مول متو محبت، اخوت، رواداري ۽ پنهنجائپ سان دليون کٽڻ جو هو. ميون عيسو هالائي، احسان فقير، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، ميان صاحبڏنو فاروقي، تمر فقير، روحل فقير، مراد فقير، نانڪ يوسف، سامي، خوش خير محمد، خليفو نبي بخش، صوفي صادق فقير، قادر بخش بيدل، مصري شاهه، رکيل فقير ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن جن جي شاعريءَ ۾ تصوف جا رنگ ملن ٿا ۽ هو سنڌ جي صوفياڻي ۽ فڪري وحدت جا پيروڪار آهن. هن سنڌ سونهاريءَ صوفين جي سر زمين تي سندن فڪر جا روشن رُخ هميشه روشن رهندا.