ڪلهوڙن جو دور سُنهري دور
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
اها سندن دعا هئي جو ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ سنڌ جون سرحدون وسيع ٿيون. هي دور سنڌي ادب جو ترقيءَ سان مالامال ۽ سونهري دور ڪوٺيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ڪيترائي عالم ۽ شاعر هئا جن سنڌي علم ۽ ادب جو نالو روشن ڪيو.
مذهبي ادب:
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي: وڏو عالم ٿي گذريو آهي، هن عربي رسم الخط ۾ ڪجهه اضافا ڪري سنڌي رسم الخط ٺاهي، جنهن کي “ابوالحسن جي سنڌي” چوندا آهن. هيءَ پهرين سنڌي رسم الخط هئي. مخدوم صاحب جو “مقدمة الصلوات” نماز جي باري ۾ منظوم ڪتاب آهي. جيڪو هن دور جو اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو.
چوٿون رڪوع سجدي ۾ ڪرڻ ويرم ڪا،
قدر تسبيح هيڪڙي، توڙي ٽي ڀيرا.
مخدوم ضياءُالدين: مشهور عالم هو. هن بزرگ به الف اشباع جي مطابق ڪتاب لکيا آهن، سي به اسلام جي تعليم تي مشتمل آهن. وضو ۽ نماز جي مسئلن تي لکيو اٿن. سندس ڪتابن کي “مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي” سڏيو وڃي ٿو. سندن شعر اسلامي تعليم تي مشتمل آهي.
پهريون پهر فرض ٿو ٿئي بعد بلاغت،
ايءُ ڪلمو آهي نبي، اُتي جو صاحب آهي شفاعت.
هن دور ۾ ڪئين عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن سان سنڌي ادب جرڪيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع – 1761ع): مشهور عالم هو. پاڻ مذهبي ڪتاب نظمي ويس ۾ لکيا اٿس. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيائين. “زاد الفقير، “ “قوت العاشقين، “ “فرائض السلام” مشهور ڪتاب آهن. هن دور جي عالمن ۾ مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، قاضي عبدالڪريم، ميوعيسو ۽ مخدوم عبدالله، مخدوم سليمان، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي مشهور آهن.
مخدوم عبدالرحيم گروهڙي: جن جي شھادت 1778ع ۾ ٿي. پاڻ الف اشباع جي نموني سان ڪئين بيت چيائين. سندن شاعري صوفيانه ۽ مذهبي آهي، پر سندن ڪجهه نثري مقولا ملن ٿا.
1- ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار،
2- ٻه پهاڄون پرچاءِ، ٺلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ،
3- رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي.
مخدوم عبدالرحيم گروهڙي گهڻو ڪري “ڪبت” جي صورت جي شاعري ڪئي، سندن وحدانيت تي ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.
لا الله الا الله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ آن سندي عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌران تنهن سري، ان ريءَ نه سري ڪوءِ.
شاهه عنايت رضوي: نصرپوري بزرگ وڏو عالم ۽ بهترين شاعر لکيو وڃي ٿو. شاهه لطيف جو همعصر چئي سگهجي ٿو. جڏهن شاهه سائين شاعري شروع ڪئي، ان وقت شاهه عنايت وڏي عمر جو هو. شاهه ڀٽائيءَ ۽ شاهه عنايت جي شعر ۾ هڪجهڙائي پڻ آهي. رسالي کي سرن سان ترتيب ڏئي جوڙڻ جو رواج شاهه عنايت کانپوءِ پيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: شاهه سائين جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. ڪلهوڙن جو دور کي سونهري دور سڏجڻ جو اهم سبب هن دور ۾ شاهه جو ڪلام آهي، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي ۽ اڄ تائين هن شاعريءَ جهڙو اعلي فڪر سنڌ جي ڪنهن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ نه ئي فن جي لحاظ کان ٻيو ڪوبه شاعر هيستائين پيدا ٿيو آهي. شاهه جو رسالو سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ مشعل راهه ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان آهي، نج سنڌي ٻولي، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو اعليٰ شاهڪار آهي. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جي شاعري، تصوف جي اپٽار، اخلاقي نصيحتون ۽ ڪئين زندگيءَ جا سچا قدر سندس ڪلام ۾ سمايل آهن.
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ تون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو توکي لڳي.
خواجه محمد زمان (لنواريءَ وارو): سنڌي بيت جو عظيم شاعر هو. شاهه ڀٽائي کي ساڻن تمام گهڻي عقيدت هئي. خواجه زمان جي شاعريءَ جو موضوع تصوف آهي. خواجه زمان جا بيت فڪر جي گهرائيءَ ۽ نج سنڌيءَ جي ڪري وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهن.
نڪي اوڏو اک، کي نڪي نظران ڏور،
وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺو اڻ ڏيٺ ۾.
پلپل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي،
ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.
صوفين صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،
تڏهن تَنِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
مٿين شاعرن کانسواءِ روحل فقير، جلال کٽي، صاحبڏنو فاروقي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي شاعري هن دور ۾ ملي ٿي. ڪلهوڙن جي دور ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جي فن ترقي ڪئي. شاهه لطيف جي وائيءَ جو نمونو هن ريت آهي. سر سارنگ جي داستان پهرين جي هيءَ وائي آهي.
منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آه اميد الله ۾،
سجدي پئي سپرينءَ، زاريون زور ڪريندو،
اُمت ڪارڻ احمد اُت، پرمل پاڪ پنندو،
صورڌڪاءُ ٿيندو، اکيون سڀ سج ڪڍندو،
ميڙو ٿيندو مومنين، اُت محمد مير ملهندو،
نفسا نفسي سڀڪو ڪري، داتا در ڊوڙندو،
مهت ڏيندس مولو، اُت بديون بخشائيندو.
مولود، مداح، مناجات ۽ معجزا:
مخدوم عبدلرؤف ڀٽي ڪلهوڙن جي دور ۾ مولودن جي حوالي سان اهم شاعر سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ جمن چارڻ جي مداح مشهور آهي ۽ سرفراز ڪلهوڙو مداح جي مشهور شاعرن مان آهي.
آهيان ڏڏ غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،
ڀلا ڄام! هن غلام، سندا سوال سڻج تون.
(ميان سرفراز ڪلهوڙو)
هن دور ۾ معجزا پڻ ملن ٿا. روحل فقير ۽ صاحبڏنو فاروقي ڪلهوڙن جي دور جا اهم صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. تمر فقير ۽ مدن ڀڳت جو ڪلام پڻ ملي ٿو.
محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدران ڪيميا جو.
(مدن ڀڳت)
ڪلهوڙن جي دور ۾ غزل جي شاعري پڻ شروع ٿي جنهن ۾ مرزا تقي، حافظ تقي، ميان ڇتن ۽ نور محمد خسته جا نالا ذڪر جوڳا آهن.
تحقيقي جائزو:
(1) ڪلهوڙن جي دور جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هيءُ دور وقت جي لحاظ کان صرف چوهٺ سال هو پر ادب جي لحاظ کان مالا مال دور چئي سگهون ٿا.
(2) سنڌي شاعريءَ کي عروج مليو.
(3) مشهور شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جي شاعريءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کي وسعت ملي.
(4) ڪلهوڙن جي دور ۾ بيت ۾ واڌ ٿي ۽ منجهس هندي صنف سينگار جو اضافو ٿيو. سينگار جي صنف کي اڳيان سگهڙن عروج تي آندو.
(5) “مقدمة الصلواة” ابو الحسن جو مذهبي نظم جو شاهڪار آهي.
(6) “ابوالحسن جي سنڌي صورتخطي”، تيار ٿي جنهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ ٺيٺ سنڌي لفظن لاءِ نيون صورتون اختيار ڪيون ويون.
(7) وائيءَ جي صنف وجود ۾ آئي. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي ويئي.
(8) طويل نظم جو بنياد پيو.
(9) لوڪ شاعريءَ جون ڪافي صنفون مولود، مدح، مناقبا معجزا مشهور ٿيا.
(10) سنڌي عروضي شاعري غزل جو بنياد پيو.
(11) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي بيتن ۾ سنڌي نثر جو نمونو ملي ٿو.
(12) شاعريءَ ۾ رسالي جوڙڻ جو ۽ سرن جي نالن رکڻ جو رواج پيو.
(13) عبدالخالق، محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وارن مذهبي نقطا سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا. مڪمل سنڌي ڪتابن لکڻ جو رواج پيو.
(14) واقعاتي ۽ رزميه شاعري پڻ ملي ٿي.