شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي تحرير جي آئيني ۾
مرزا صاحب بمبئي يونيورسٽي مان بي اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ ايل ايل بي ڪيائين، کين عربي، فارسي، سنڌي، انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين تي عبور حاصل هو. نوڪريءَ جي لحاظ کان پاڻ مختيارڪار ٿي سنڌ ۾ مختلف جڳهين تي رهيو ۽ ان کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي 1910ع ۾ پينشن ورتائون. ڪامورڪي زندگي ۾ پاڻ ڪيترائي اسڪول ۽ مڪتب کولايائون ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪيترائي انصاف وارا اهم ڪم ڪيائون. سندن حلقهءِ احباب تمام وسيع هو ۽ مشهور شخصيتن ۽ معززين سان سندن اٿڻ ويهڻ هو، جن جو ذڪر سندن سوانح عمري “سائو پن يا ڪارو پنو” ۾ لکيل آهي. مرزا صاحب فخر ۽ غرور کان پاسو ڪندڙ، حليم، طبع ۽ نيڪ سوچ رکندڙ شخص هئا. کين پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي فخر نه هو. سواءِ علم و ادب جي خدمت جي ۽ انهيءَ ۾ ئي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. پاڻ گهڻو لکندڙ پڙهندڙ عالم هئا. کين خدا غضب جو حافظو ڏنو هو. خود پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي باري ۾ پنهنجي سوانح ۾ لکيو اٿن ته “اکين سان ڏسي، دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو آهيان.”
مرزا صاحب جن وٽ بهترين ترين ڪتابن جو ناياب ذخيرو عمدي ڪتب خاني جي صورت ۾ موجود هو. تڏهن به انڪساري کان چون ٿا ته:
ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.
(صفحو 141، سائو پن يا ڪارو پنو)
سنڌي ادب جي نثر توڙي نظم جي ڀاڱي ۾ جيڪڏهن مرزا قليچ بيگ جن جي خدمتن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هيءُ بزرگ علم و ادب جي فن ۾ يڪتا هو. هتي سندن نثر نويسيءَ جي خدمتن تي روشني وڌي وڃي ٿي. سندن لکيل تحريرون نثر نويسيءَ جو اعليٰ مثال آهن. مرزا صاحب جن سلاست جا سائين هئا. پاڻ سنڌي ادب کي اعليٰ ترجمو ٿيل ۽ طبعزاد ناول، ناٽڪ، مضمون و مقالا ڏنا اٿن. قصا ۽ ڪهاڻيون هجن يا فلسفو، لطيفيات هجي يا لغت سندن طرز تحرير نج سنڌي ۽ عام فهم ٻوليءَ سان سينگاريل آهي. سنڌي مضمون نويسيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ سندن وڏو هٿ آهي. وٽن نثر جي دلڪشي، رواني ۽ ٻوليءَ جي وسعت آهي، پهاڪن، چوڻين ۽ شعرن جي استعمال سندن مضمونن کي اعليٰ مقام عطا ڪيو آهي.
سندن لکيل شعرن جو تعداد ٻاويهه هزار کان به وڌيڪ آهي، . ڪل چار سؤ کن ڪتاب هر موضوع تي لکيائون، جيئن فلسفو، حڪمت، ناٽڪ، ناول، مضمون، مذهب، تعليم وغيره.
مرزا صاحب جن ننڍپڻ کان ئي شعر چوندا هئا ۽ سڄي عمر لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائون. ريٽائرمينٽ کان پوءِ واري وقت ۾ سندن لکڻ پڙهڻ عروج تي هو. گڏوگڏ سندن خيال آخري عمر ۾ زماني جي بي ثباتيءَ ۽خدا جي قدرت نسبت تمام اثر انگيز ٿي ويا هئا. موت کي هڪ اٽل حقيقت سمجهي ان جو انتظار ڪيائون. نفس مطمئنه طور پنهنجي قبر حياتيءَ ۾ ئي ٺهرائي ڇڏي هئائون، ۽ موت جي ياد ۾ پنهنجي محاسبي سان گڏ رحمت خداونديءَ کان مايوس نه آهن لکن ٿا ته:
واريءَ کان به وڌ، گناه جو ڪيا هئا مون،
آواز ٿيو غيبي، ته غم نه کاءُ قليچ،
لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ٿا ڪريون.
(صفحو 134، سائو پن يا ڪارو پنو)
مرزا صاحب جن سنڌي علم و ادب ۾ جهجها ڪتاب لکيا، هتي سندن ڪتابن جو مڪمل تفصيل ڏيڻ جي بجاءِ ڪجهه مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
انگريزي ۾ لکيل ڪتاب:
سنڌ جي تاريخ (2 جلد) شاهه ڀٽائيءَ جو احوال، مرزا خسرو بيگ جي سوانح عمري، علم عروض فارسي، ڪيميائي سعادت.
سنڌي ڪتاب:
خصائص القرآن، سيرت النبي، راهه نجات، تهذيب الاخلاق، مقالات الحڪمت، تحقيق المالڪين، عالم ارواح، ڪرامات الااولياء، اخلاق المعصومين، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي شعر جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، قديم سنڌ، چچ نامو سنڌي، ثابت علي شاهه جو احوال، تقريرون ۽ تحريرون، جوانيءَ جو اڪسير، اخلاق النساءِ، صحت النساء، هدايت النسوان وغيره.
ناٽڪ، ناول ۽ قصي جي صنف ۾ زينت، دلا رام، عجيب طلسم، وامق ۽ عذرا، خورشيد، نورجهان، شيخ چلي، شڪنتلا، بڪاولي، نيم طبيب ۽ نيم ملان، حرڪت مان برڪت وغيره لکيائون.
لطيفيات ۾ لکيل ڪتابن ۾ “شاهه ڀٽائيءَ جو احوال”، “مومل راڻي جي شرح” ۽ رسالي جي ڪن ٻين سرن جي شرح به شامل آهي. پاڻ “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏنائون ۽ “لغات الطيفي” لکيائون.
مرزا صاحب جن مترجم جي حيثيت سان ڪافي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جيڪي مختلف موضوعن تي هئا، جيئن توريت يا “قديم عهدنامو” “انجيل يا نئون عهدنامو” گليور جوسئر ۽ سفر، “رابنسن ڪروسو” “ٽي گهر”، “گلزار ۽ گلنار”، “جمشيد ۽ حميده”، “شاهه ايليا”، “نيڪي ۽ بدي”، “حسنا ۽ دلدار”، “گلن جي ٽوڪري”، “فيروز دل افروز”، “باغ ۽ باغباني”، “تهذيب الاخلاق”، “مقالات الحڪمت، انڪوائري آفيسر، .غلاميءَ مٿان چاڙهو” وغيره.
شاعريءَ ۾ سندس ڪتابن ۾ .ديوان قليچ”، “موتين جي دٻلي” (ٻه ڀاڱا) “چندن هار” (ٻه ڀاڱا) “املهه ماڻڪ” (ٻه ڀاڱا)، مشهور آهن. مرزا صاحب قادر الڪلام شاعر هو. غزل جي صنف کي سانگيءَ ۽ قليچ گهڻي ترقي ڏيرائي.
مرزا قليچ بيگ جا سنڌي نثر ۾ لکيل ڪتاب جيڪڏهن جانچبا ته معلوم ٿيندو ته پهريون سنڌي افسانو “شريف بيگم” پهريون سنڌي طبعزاد ناول “دلارام” ۽ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) “مقالات الحڪمت” پاڻ لکيائون. انگريزيءَ جي مشهور ڪتابن کي خاص طور شيڪسپيئر جي ناولن ۽ ڊرامن کي سليس سنڌيءَ ۾ آڻڻ سندن ئي ڪارنامو هو. سندن دؤر ۾ هندو اديبن ۽ عالمن جي گهڻائي هئي، ان ڪري ڪجهه ليکڪن جي تحريرن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال به شامل هو پر مرزا صاحب واحد سنڌي عالم هو، جنهن ان وقت سنڌي ٻوليءَ کي خالص ۽ نج سنڌيءَ جي حيثيت سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندن طبعزاد يا ترجمو ٿيل ڪتاب نج سنڌي ٻوليءَ جا شاهڪار آهن. انهيءَ ڪري کين “سنڌي نثر جو ابو” سڏيندا آهن.
ناولن ۾ مرزا صاحب جي ناول “زينت” کي هڪ خاص درجو حاصل آهي. هيءُ ناول سنڌي سماج جي سچي عڪاسي ڪندڙ هڪ طبعزاد ناول آهي. ناول “زينت” نه صرف موضوع جي لحاظ کان پر فني طور به هڪ اعليٰ پايي جو ناول آهي. هن ناول کي سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ناول هئڻ جو درجو حاصل آهي (هيءُ ناول قسطوار ناٽڪ جي صورت ۾ ٻه دفعا پاڪستان ٽيليويزن تان پيش ٿي چڪو آهي) 1890ع جي گهريلو ماحول ۽ معاشري کي پيش ڪندڙ ناول زينت انهيءَ دؤر جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو بيان پڻ آهي. هن ڪلاسيڪل ناول ۾ نه صرف سنڌي عوام سان انگريزن جو رويو ۽ سنڌين جون سوچون ۽ ويچار پيش ٿيل آهن پر اڄ کان تقريبن سوا سؤ سال اڳ لکيل زينت ۾ سهڻي نموني حقيقت نگاريءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي چوڻ مطابق ته “هن ناول جا ڪردار مستقل مزاج، برجستا ۽ ارادي جا پڪا ۽ محب وطن آهن. انگريزن جي لالچن سببان ڏنل نوڪريءَ کي غلامي ٿا سمجهن.”
ناول “زينت” فن، فڪر، موضوع، گفتگو، طرز تحرير، فطرت نگاري، سيرت نگاري ۽ ڪردار نگاري جي لحاظ کان اهم ناول آهي. جنهن ۾ مرزا صاحب جي زندگيءَ جو عڪس پڻ شامل آهي.
مرزا صاحب جن انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي ڄاڻ سبب دنياوي علم و ادب مان چڱيءَ طرح فيض ياب هئا. انهيءَ سبب ڪري سندن لکتن جو معيار اوچو رهيو. نثر نويسيءَ جي معيار ۽ خط و ڪتابت جي فن کي سمجهائڻ لاءِ سندن ڪتاب “انشاء سنڌي” هڪ بي نظير ڪتاب آهي.
مرزاقليچ بيگ سنڌي ادب جي پهرين شخصيت آهن، جن سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي صنف کي دنياوي ادب جي معرفت متعارف ڪرايو. سندن ترجمو ٿيل مضمونن جا ڪتاب “مقالات الحڪمت” ۽ “تهذيب الاخلاق” گهڻا مشهور آهن. “تهذيب الاخلاق” ۽ “مقالات الحڪمت” انساني جذبن، سوچن، امنگن، خيالن ۽ ويچارن جي نمائندگي ڪن ٿا. هنن ڪتابن جا موضوع انساني اخلاقي اڀياس جي گرد گهمن ٿا. جن ۾ نيڪي، احسانمندي، فرض شناسي، خدا شناسي، خود خيالي، مغروري، لالچ، بي جا اسراف، علميت، ضعيفائي، ڏک سک ۽ ٻين موضوعن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان سواءِ پاڻ “فرائض الانسان” ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نون موضوعن تي طبعزاد يا ترجمي جي حيثيت ۾ مضمون ڏنا اٿن. سندن تحريرن جو مجموعو “تقريرون ۽ تحريرون” سنڌي ادبي بورڊ وارن 1970ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ سندن تحريرون مختلف موضوعن جو احاطو ڪن ٿيون، جيئن “سنڌي شعر” شعر جو شرف ۽ شان، “اسلامي تعليم نامو” “صوفين جي ديوانگي ۽ مجذوبي حالت”، “اسلام جا ٽيهتر فرقا”، “جسماني ورزش”، “عالمگير مذهب” “انسان جا محافظ”، “موت کان پوءِ حياتي”، “اسلام ۾ علم جي ڳولا” وغيره اچي وڃن ٿا. هنن تحريرن ۾ ڪجهه مختلف ادبي ميڙن ۾ ڪيل تقريرون پڻ شامل آهن.
“احوال شاهه عبداللطيف” مرزا صاحب جن پهرين انگريزيءَ ۾ 1887ع ۾ پوءِ 1897ع ۾ سنڌيءَ ۾ لکيو، هن ڪتاب جو بنيادي مواد بيشڪ سانگيءَ جي ڪتاب “لطائف لطيفيءَ” تي آڌاريل آهي پر هن ڪتاب ۾ تحقيق ۽ تنقيد سان لکيل شاعري ۽ شعر جي فن تي ليک اهم آهن. ڏهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڇهه باب شاهه سائين جن جي سوانح جو بيان آهن ۽ باقي بابن ۾ شعر جي خاصيت، شعر جو قسم ۽ شعر جي ماهيت وغيره ڏنل آهن.
مرزا صاحب جي لکيل ڪتاب “علم ادب” 1913ع جا ليک ادب جي مکيه خاصيتن کي بيان ڪن ٿا. مطلب ته مرزا صاحب جن ڪيترن اهم موضوعن تي بهترين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. جن مان ڪجهه ڇپيل آهن ته ڪجهه مواد اڃا تائين اڻ ڇپيل حالت ۾ آهي. سندن لکڻ جي رفتار کي ڪير به رسي نه سگهيو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪتابن جي کوٽ کي دل سان محسوس ڪندي بي حساب ترجمو ۽ طبعزاد ڪتاب لکيائون. عربي، فارسي، اردو، بنگالي ۽ انگريزيءَ مان ناياب ۽ نادر ڪتابن جا ترجما سليس سنڌي ۾ ڪيائون. سندن ذوق ۽ شوق جو اهو عالم هو جو آخري عمر ۾ سراسري هر سال 10 ڪتاب لکيائون. اڄ ڏينهن تائين سنڌي علم و ادب ۾ ڪو به ليکڪ مرزا صاحب جن جيترا ڪتاب لکي نه سگهيو آهي.
مرزا صاحب کي ذاتي طور حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا ڪتاب پسند هئا. کين عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. پاڻ فارسيءَ ۾ شاعري ۽ نثر لکيائون. سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي زوال تي کين گهڻو ڏک هو، جنهن جو ذڪر سندن سوانح ۾ پڻ آهي. پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ “سائو پن ڪارو پنو” ۾ اهو اظهار ڪندي لکيو اٿن:
“فارسي ۽ عربيءَ جي زواليت ڏسي به ارمان کائيندو آهيان ۽ ناني ۽ بابي جي اڳوڻي صحبت ياد ڪري روئندو آهيان، ٻيا ته خير، پر خود عزيزن ۽ اولادن مان به ڪو پوري فارسي نٿو ڄاڻي، خبر ناهي ته منهنجي هيترن عمدن فارسي ڪتابن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟” (صه-131)
مرزا صاحب جن نه فقط لکڻ کي ترجيح ڏني پر پاڻ مطالعي کي به گهڻو پسند ڪندڙ هئا ۽ دنيا جي ڪيترن اهم موضوعن جي ناياب ڪتابن کي پڙهيائون. ساڳيءَ ئي آتم ڪهاڻيءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن ته:
“چڱن ڪتابن پڙهڻ سان علمي مايو وڌي ٿو ۽ چڱن ڪتابن لکڻ سان ٻين ماڻهن کي فائدو رسائڻ جو وجهه ملي ٿو اها به هڪڙي خيرات ۽ زڪواة آهي.” (ص-123) اهو به چيائون ته:
سنگتي رک ڪتاب ڌارا ڪونه،
جو ڪري ماٺ تو سان ڳالهائي،
ڪهڙي به حالت به تنهنجي هوئي پر هُو،
نه ڪڏهن رنج ٿيئي نه رنجائي.
اهو سندن لکڻ پڙهڻ جو شوق ايترو ته عظيم هيو جو آخري عمر تائين به ان کي جاري رکيائين، جڏهن ٽيهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پينشن ورتائين تڏهن سندن عمر 55 سال هئي پر گوشئه نشينيءَ ۽ خلوت کي ترجيح ڏيندي گهڻو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندا هئا. انهيءَ ۾ ئي کين فرحت حاصل ٿيندي هئي سندن موجب ته:
ڪنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه، لڌو تنهن ڪي ڪين،
گوشو خلوت جو ڏٺو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين.
(ص-65)
حاصل مطلب ته مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو هڪ تمام وڏو نانءُ ٿي گذريو آهي. سندن شاعري توڙي نثر اعليٰ درجي جا آهن. خاص طور نثر ۾ سندن ڪتابن جو انگ گهڻو آهي. سنڌي ادب جي ڪافي صنفن ۾ سندن ڪم پهرين ملي ٿو. جيئن ناٽڪ، ناول، مضمون، آتم ڪهاڻي، ڊائري، لطيفيات ۽ ٻيا آهن. سندن ادبي خدمتون سنڌي ادب جي اُفق تي هميشه چمڪنديون رهنديون.