جمهوريت: پاڪستان جي جمهوري نظام جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد جو جائزو
محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جي ڪهاڻي سر شاهنواز ڀٽو کان شروع ٿيئي ٿي. سندس ڏاڏو انگريز دؤر جو هڪ وڏو ڄاڻو ۽ مدبر شخص هو، جنهن “سنڌ مدرسة السلام” مان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي، محمد علي شيخ لکي ٿو ته:
“سر شاهنواز قائداعظم محمد علي جناح جو ويجهو دوست پڻ هو. 1913ع ۾ هن باقاعده سياست جي ابتدا ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي عام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1919ع ۾ ايڪٽيهن سالن جي عمر ۾ هو دهليءَ جي امپيريل ليجيسٽل ڪائونسل جي چونڊ ۾ منتخب ٿيو. پوءِ لاڙڪاڻي جي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. سنڌ صوبي جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري مسئلي کان وٺي پاڪستان جي آزاد ٿيڻ تائين سندس خدمتون لاجواب رهيون” (شيخ: 2007، 19)
ساڳيءَ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (بينظير صاحبه جو والد) ايشيا جو هڪ مڃيل سياستدان، پوريءَ دنيا جي مسئلن تي نظر رکندڙ پاڪستان جو هڪ ڪرشمه ساز ليڊر هو. هو هڪ ڏاهو ۽ سچيت سياسي رهنما هو. سندس ڄاڻ، ذهانت، حاضر جوابي، تقرير ۽تحرير جي شعله بياني ۽ انگريزي زبان تي عبور کي دنيا جي وڏين وڏين شخصيتن مڃتا ڏني آهي. آمريڪا جي ڪئليفورنيا ۽ آڪسفورڊ جي تعليم يافته هن جاگيردار سياستدان، مٿانهين طبقي سان تعلق رکندي به عام عوام جي ڏکن ۽ سورن کي دل سان سمجهيو. هن “روٽي ڪپڙا اور مڪان” جو فقط نعرو نه هنيو پر بي گهرن کي اجها اڏي ڏنا ته هارين نارين کي مالڪاڻه حق عطا ڪيا. ملڪ کي بهتر آئين ڏنو ۽ جمهوريت جي ڍانچي کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو. ڀٽو صاحب 1967ع ۾ مرڪزيت پسند “پاڪستان پيپلز پارٽي” جو بنياد رکيو ۽ جنهن جي اڳواڻي به چيئرمين جي حيثيت سان هُن پاڻ ڪئي. انساني حقن لاءِ جاکوڙيندي پنهنجي قوم کي هُن جمهوريت جي حقيقي مفهوم سان آشنا ڪيو. اقتدار جون واڳون ڏکئي دؤر ۾ سنڀاليندي به هن انهيءَ مشڪل وقت کي ڪاميابيءَ سان هلايو پر 4 اپريل 1979ع تي پاڪستان جي عوام سان گڏ، پوريءَ دنيا هڪ نه يقين ايندڙ خبر نشر ٿيندي ٻُڌي ته ڀٽو صاحب جي آواز کي هميشه لاءِ دٻائي، کيس شهيد ڪيو ويو. اهڙو آواز ختم ڪيو ويو جيڪو عوام جي طاقت هو ۽ پاڪستاني عوام جنهن جي طاقت هئي.
ديو مالائي ڪردار بڻيل ڀٽو خاندان جي نياڻيءَ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوري جدوجهد جا انيڪ بيان آهن. هُن پنهنجي سياسي اختلافن کي انڌن انتقامن ۾ بدلائڻ بدران جمهوري سرشتي کي ملڪ ۾ مضبوط بنائڻ کي ئي بهتر ڄاتو. اصولن ۽ نظرين کي اوليت ڏني. عوامي حقن جي بحالي، آئين جي پاسداري، ملڪ جي مضبوطي ۽ عوام کي سياسي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو بنائن سندس مشن هو. جنهن جي لاءِ هن قيد و بند جون صعوبتون سٺيون، پنهنجيءَ امڙ کي حال کان بي حال ٿيندي ڏٺو. ظلمن ۽ جبرن کي منهن ڏنائين ته بدلي ۾ کيس جوان ڀائرن جا لاش تحفي طور مليا. پنهنجي وَرَ جي 8 سال قيد جي سزا دوران رياستي ڏاڍ کي اڪيلي سر منهن ڏنائين سندس مضبوط ارادن ۾ ڪو به لوڏو ڪونه آيو. انهيءَ جاه و جلال جو سبب فقط اهو هو ته هوءَ بي ڊپي ۽ بي خوف اڳواڻ هئي، جنهن جي خاندان جي خون جا نشان ڪال ڪوٺڙين کان ڦاسي گهاٽن تائين، ڪراچيءَ جي ڪلفٽن جي روڊن کان راولپنڊيءَ جي رستن تائين عام ۽ خاص کي چٽا پسجڻ ۾ اچن پيا. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جيئان مضبوط اعصاب، نڊر فطرت ۽ سياسي سمجهه سان نوازيل هئي. اصولن جي جنگ کي اهميت ڏيندي هوءَ مصلحت پسنديءَ واريءَ سياست کان بالا تر رهي جيڪا خوبي سندس والد ۾ هئي جنهن کي عام طور بزدل ماڻهو جذباتي پڻو به سڏين ٿا. طارق اسماعيل هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“ڀٽو صاحب مصلحت پسند نه هئڻ ڪري خود کي خود ماري وڌو ۽ ان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ گهربو هو. حقيقت ۾ کيس ڪير به ماري نه سگهي ها جيڪڏهن هُو پنهنجو پاڻ دشمن نه ٿيئي ها. قوم کي هُن جي ضرورت هئي ۽ قومن جي تاريخ ۾ اهڙا گوهر نامدار پيدا ڪونه ٿيندا آهن. هو هن قوم جي لاءِ قدرت جو هڪ الاهي تحفو ۽ وڏي نعمت هو” (طارق: 2008، 19)
ڏٺو وڃي ته ادبي يا سياسي تنقيد نگار کڻي ڪجهه به چون پر حقيقت اها آهي ته جن جي لاءِ “سختي شهادت جي نسورو ئي ناز” آهي اهي دلين جا سوداگر ڪروڙين عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ آهن. سي حياتيءَ جي بچائڻ وارين ظاهري تدبيرن جي بجاءِ موت کي مات ڪندڙ رهيا آهن. وٽن شينهن واري هڪ ڏينهن جي جيئڻ جي حيثيت ظاهري سؤ سالن جي زندگيءَ کان بهتر هئي.
شهيد راڻيءَ جي جمهوري سفر تي هڪ نظر وجهڻ کان اڳ سندس شروعاتي سياسي تربيت کي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. هوءَ هڪ اعليٰ تعليم يافته، باهمت، باڪردار، بااخلاق ۽ باشعور خاتون هئي، سندس شخصي وصفن کيس سنڌ ۽ پاڪستان سان گڏ ايشيا جي سڃاڻپ بنائي ڇڏيو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين، سلڇڻي، مطالعي جي شوقين ۽ شانائتي سڀاءُ جي مالڪ هئي. ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ جي علمي دؤر کان ئي سياست ۾ پير پاتائين. آڪسفورڊ ۾ يونين جي پريزيڊنٽ هئڻ سان گڏ کيس ڪيترن ئي ادارن ۽ يونيورسٽين مان ايوارڊ ۽ شيلڊون مڃتا طور مليا. ڪئمبرج مان “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري ته انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڃتا طور، کيس گڏيل قومن طرفان انساني حقن جو ايوارڊ ڏنو ويو. ڀٽو صاحب سندس تربيت شاگرديءَ جي زماني کان ئي ڪرڻ شروع ڪئي هئي. پاڻ سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شرڪت لاءِ جڏهن ويو تڏهن محترمه کي هارورڊ مان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرايائين. اهڙيءَ ريت شمله معاهدي 1972ع کان وٺي مختلف آمريڪا ۽ يورپ جي دورن ۾ هو اڪثر کيس پاڻ سان گڏ رکندو هو. جڏهن هوءَ تعليم مڪمل ڪري جون 1977ع ۾ وطن واپس وري ته جلد ئي سندس ڏکن جا ڏينهن شروع ٿي ويا. جنرل ضياءُ ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ۽ ايئن ڀٽو صاحب جي گرفتاريءَ کان سياسي قتل تائين هن گهڻو ڀوڳيو. لنڊن ۾ جلاوطنيءَ دوران پنهنجي ساٿين ناهيد خان، بشير رياض، ياسمين ۽ ٻين سان گڏ هُن پنهنجي ساٿين جو هڪ اعتبار جوڳو ٽولو ٺاهي، پاڪستان جي آمراڻين حالتن خلاف جمهوري جدوجهد جي باقاعده شروعات ڪئي. جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن کي پاڪستان جي حالتن کان باخبر رکڻ اهم هو. هو سڀ ساٿي گڏجي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملڪي حالتن تي ويچاري خط پٽ لکي اهم ملڪن سان رابطي ۾ رهندا هئا.
آمريت جي خلاف هلايل هن تحريڪ کان پوءِ جڏهن کيس جلاوطنيءَ کان پوءِ پهريون دفعو ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ملي، تڏهن لکين ماڻهن جو جذباتي جلوس سندس آجيان لاءِ لاهور جي موچي گيٽ جي چوڌاري گڏ ٿي ويو، جو ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ هوءَ مينار پاڪستان تي پهتي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي عوامي لاڳاپي واري سفر کي جاري رکيو. 14 آگسٽ 1983ع تي ايم. آر. ڊي جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ جي شروعات پئي، انهيءَ زماني ۾ محترمه صاحبه نظربند هئي. پر هن انهيءَ تحريڪ جو ساٿ ڏنو. هن دؤر ۾ کيس وري هڪ وڏي ڏک کي منهن ڏيڻو پيو. سندس اڙٻنگ، اڏول ۽ دادلو ڀاءُ مير شاهنواز ڀٽو دوکي سان ماريو ويو. فرانس ۾ ڪانز جي سامونڊي ڪناري ڀاءُ جا آندل سنڌڙي انب کائيندي ۽ چرچا ڪندي کيس ڪا به خبر نه هئي ته هيءُ ڀاءُ کانئس ايترو جلدي وڇڙايو ويندو. جڏهن شاهنواز جو مڙهه کڻائي ڳڙهي خدابخش پهتي تڏهن کيس وري نظربند ڪيو ويو. محترمه جي سياسي سفر ۾ ڪيترائي سانحا ٿيا پر سندس عزم فولادي هو جو کيس اڳيان ئي اڳيان وڌڻ لاءِ همٿائيندو هو.
ڊسمبر 1987ع تي بينظير ڀٽو جي جناب آصف علي زرداريءَ سان ڪراچيءَ ۾ شادي ٿي. 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جي C-130 جهاز جي ڪريش ٿيڻ سان ملڪ جي صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ پنجٽيهه اعليٰ عملدار اجل جو شڪار ٿي ويا.،
21 سيپٽمبر 1988ع تي لياريءَ جي ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ننڍڙي “بلاول” جي جنم کان پوءِ هُن چونڊ مهم جو باقاعده آغاز ڪيو، کيس ڀرپور موٽ ملي. ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ، هن سورميءَ جو سرير سرڳ کان، آزاد جيون جا سنيها هن سهڻيءَ سر زمين جي واسين لاءِ کڻي آيو هجي. ملڪ چؤطرف “جيئي ڀٽو” جي نعرن سان گونجي رهيو هو.
ڊسمبر 1988ع تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي چونڊيل پهرين عورت وزيراعظم مقرر ٿي. ترت ئي هن ملڪي معيشيت جي مضبوطيءَ ۽ نئين جوڙجڪ لاءِ ڪوششون عمل ۾ آنديون. تعليم ۽ صحت جي بجيٽ کي ملڪي بجيٽ ۾ فوقيت ڏياري. هارين نارين ۽ پورهيتن جي سکن لاءِ سڌارا آندا، عورتن جي ڀلائيءَ جا قانون پاس ڪرايا. ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪ جو وقار بلند ڪيو. انيڪ ملڪن سان پاڪستان جا ناتا مضبوط ٿيا. آمريڪا جي قديم هال ۾ 7جون تي تقرير ڪندي چيائين ته:
“اسان اڄ آزاديءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اڄ اسان جمهوريت جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. آمريت کان سخت انتقام وٺڻ جمهوريت جو قيام آهي، ۽ ان لاءِ تاريخ جو فيصلو ئي صحيح ثابت ٿيندو.”
وري ملڪ جي حالتن ڦيرو کاڌو ۽ مقرر مدي پوري ڪرڻ کان اڳ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ صدر اسحاق خان هن چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪيو. نئين حڪومت مٿس وري پابنديون مڙهيون. مٿس جڙتو الزامن جي وارو وار ٿي ويئي ته به هُن ملڪ ۾ نين ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو پر سازشون ڪري آءِ جي آءِ کي ڪامياب ڪرائي کيس ملڪي سياست مان ڌڪي اقتدار ميان نواز شريف کي ڏنو ويو. بينظير ڀٽو هڪ سمجهدار سياستدان هئي. هن اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هڪ ڪامياب ڪردار ادا ڪري جمهوريت جي قدرن کي اونچو مقام ڏنو. سندس تاريخي لفظ هئا ته:
“مان نئين انتظاميه جي آجيان ٿي ڪريان ۽ ان کي مخالف ڌر طرفان تعاون جو يقين ٿي ڏياريان، ان شرط سان ته ان جون اختيار ڪيل حڪمت عمليون پاڪستان جي فائدي مطابق هونديون.” (شيخ: 2007، 238)
صدر غلام اسحاق خان ۽ نواز شريف جي اختلافن سبب انهيءَ حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ اهڙيءَ ريت پيپلز پارٽيءَ انهن چونڊن ۾ اڪثريتي ڪاميابي ماڻي ۽ هوءَ ٻيهر 1993ع ۾ وزيراعظم بڻي ۽ وري مَنَ سان ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي. هن دؤر ۾ پاڪستان جي مالي ۽ سماجي حالتن ۾ وڏي تبديلي هئي. محترمه کي ملڪ ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي. ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڄ هيو. ڳوٺن ۾ ڌاڙيل فيڪٽر ۽ شهرن ۾ بم ڌماڪن، منشيات ۽ گولين سان پروڻ ٿيل انساني جانن جي سانحن سندس ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. ملڪ کي وڏي ٻاهرين ناڻي جي، سولن شرطن سان حاصل ڪرڻ جي ضرورت هئي. هن وڏيءَ جدوجهد سان بين الاقوامي تعلقات نئين سر ٺاهيا ۽ اڃا ڪجهه ئي عرصو مَسَ گذريو ته هڪ وار وري قدرت سندس لاءِ آزمائش ۽ امتحان جو در کولي ڇڏيو. سندس حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هن جي موڀيءَ ڀاءُ کي پنهنجي ئي جنم ڀوميءَ جي روڊن ۽ رستن تي بيدرديءَ سان 20 سيپٽمبر1996ع تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. هوءَ پيرين اگهاڙي لڙڪ لاڙيندي مڊ ايسٽ جي ڪاريڊورز ۾ جوان ڀاءُ جي لاش تي بيٺي رهي. سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو کيڏ کيڏيو ويو. محترم شيخ صاحب “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” ۾ 263 صفحي تي لکيو آهي ته:
“صدر لغاري چيو جيڪڏهن فوج اچي منهنجي مٿي تي بندوق رکي ۽ چوي ته بينظير جي حڪومت ختم ڪر ۽ ڀلي ڌرتي اٿلي پوي ته به مان اهو ڪُڌو ڪم ڪڏهن نه ڪندس، هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي ۽ مان ٻروچ آهيان ۽ مان پنهنجي ڀيڻ سان ايڏو ڌوڪو ۽ ڏاڍ ڪري ڪونه سگهندس.”
ليکڪ موجب ته، “سندس اندر جي ٻولي ٻي هئي هن انهيءَ بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي جنهن کي هو پنهنجي ڀيڻ سڏيندو هو. هن اهو ڪم طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي ميڇ تي ڪيو هو. کيس اهو وجهه تڏهن مليو جڏهن سندس لاهنگ ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي جهنگ يا ڪنهن ٻيلي جي وچ ۾ نه، پر ڪراچيءَ جهڙي عظيم شهر ۾، ڌاڙيلن نه پر ملڪ جي پوليس شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي راز سان جو ڀرئي ترئي هن شهر ۾ ان قتل جو پار پتو اڄ تائين ناهي ملي سگهيو.” (شيخ: 2007ع، 263)
اهو واقعو ڪيئن ٿيو ۽ ان پٺيان ڪنهن جو هٿ هو؟ اهي حقيقتون اڄ تائين چٽيون ٿي سامهون نه آيون آهن پر دراصل اهو سڄو کيل سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ کيڏيو ويو. سندس ئي پارٽيءَ جي ميمبر ۽صدر فاروق لغاريءَ بدنظمي ۽ انتشار جا الزام هڻي 5 نومبر تي هن جي چونڊيل حڪومت جو خاتمو آندو. ان کان پوءِ ٻيهر مخالفتون ۽ احتساب شروع ٿي ويا. نين چونڊن ۾ ميان نواز شريف کي آندو ويو ۽ ان کي تمام گهڻا اختيار ڏنا ويا. پر اڳيان هلي هُن ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ سبب 12 آڪٽوبر 1999ع تي فوج ملڪ جو انتظام سنڀاليو، جيڪو هڪ ڊگهو عرصو رهيو ته به محترمه جي مقبوليت ۾ تِرَ جيتري به ڪَمي ڪانه ٿي. کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ڪوششون به ٿيون. جيئن ته محترمه سان ڪروڙن جي عوام گڏ هئي. انهيءَ ڪري هن جمهوريت جي جيئندان لاءِ پنهنجي حياتيءَ کي لاحق خطرن کان مڪمل واقفيت هوندي به ڪَنَ ٽار ڪئي.
18 آڪٽوبر 2007ع تي سندس آجياڻي جلوس تي وڏو حملو ٿيو هوءَ اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن واپس وري هئي، کيس “ويٺن تان واري ٿي وري” جي اصول جي ڄاڻ هئي. ۽ محترمه کي شايد اها به پَڪَ هئي ته وٽس وقت ٿورو آهي، وقت جي قدر ۽ قيمت کان واقف هئڻ ڪري هن وٽ هڪ هڪ پل ملهائتو هو. تڏهن ئي جمهوريت جي سرواڻ ۽ لکين دلين جي ترجمان هن بي ڊپيءَ ۽ بي خوف اڳواڻ فرمايو ته:
“منهنجا هم وطن ساٿيو! موت جي ڌمڪين جي باوجود مان آمريت آڏو سر نه جهڪائينديس ۽ ان خلاف جدوجهد جي قيادت ڪنديس. منهنجو ۽ توهان جو ملڪ خطري ۾ آهي. مان پنهنجي ملڪ جي عظيم عوام کي اڪيلو نٿي ڇڏڻ چاهيان، ڇو نه منهنجي جان هلي وڃي.”
واقعي اهي لفظ سندس آخري لفظ هئا. 27 ڊسمبر 2007ع تي پنجاب جي اهم شهر راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ پاڪستان جي جمهوري سفر جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ دستي بمن ۽ گولين سان هڪ عورت تي حملو ڪيو ويو. ميڊيا معرفت هن نه اعتبار جوڳيءَ خبر تي پوري ملڪ ۾ ڪهرام مچي ويو ايئن لڳو ڄڻ هندوستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو هجي، ڄڻ ڪا ڪاري قيامت آئي هجي. اهڙي شهادت سنڌ جي هن سورميءَ جي حصي ۾ نصيب ٿي، جنهن پوريءَ دنيا کي سڪتي ۾وجهي ڇڏيو. سندس شهادت جو سور سهڻ کان مٿي هو. هر هڪ ماڻهو، هر هنڌ، گهٽين ۽ گسن ۾ روئيندي ۽ ٻاڪاريندي ڏٺو ويو. سورنهن ڪروڙ عوام جي اُمنگن جو ڏيئو پَلَ ۾ اُجهامي ويو.
هوءَ اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندي، ڪروڙين پاڪستانين جي دلين ۾ پنهنجي ڪارڪنن جي جوش ۽ خروش ۾، پنهنجي لکيل تحريرن ۽ تقريرن ۾، پاڪستان ۾ قائم ٿيل جمهوريت جي جدوجهد ۾، سندس نالو هميشه روشن رهندو. جنهن جيئندان جا سڀ رستا فقط ۽ فقط قربانين تي مشتمل هجن، اها آدرشي حياتي ئي “مقصد حيات” جي تعبير هوندي آهي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڪارائتي موت ڏي هلڻ واري “حيات جاودان” جي مشن ۾ جاني قرباني ڏيئي، پاڪستان سان گڏ پوريءَ دنيا جي جمهوريت جي تاريخ ۾ مڃتا ماڻي آهي.
حوالا:
1- شيخ محمد علي: “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع، ص-19
2- طارق اسماعيل: “ڀٽو بچ جاتي اگر” طاهر سنز اردو بازار لاهور، 2008ع، ص-192
3- شيخ محمد علي: “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع، ص-238
4- ساڳيو حوالو ص-263