ٻه ته ٻارهن- يا ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي
جهنگن ۾ جانورن جون قطارون، زمين تي ماڪوڙين ۽ جيتن جون قطارون مينهن جي ڦڙن جو متحد ٿي ڪڪرن مان نڪرڻ، پکين جو ولر ٿي، آسمان تي اڏامڻ ڪائناتي اتحاد جا مثال آهن. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:
وَڳــرُ ڪيو وَتَنِ، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکِيئَڙن، ماڙُهِنئان ميٺُ گهڻو،
(4-5، ڏهر)
اتحاد ۽ ايڪو، جانورن، جيتن ۽ پکين کان وٺي انسان تائين مڃائي ٿو. “زورآور جو ستين ويهين سؤ” جي مصداق هميشه طاقت ۽ زور جو پلئه ڀاري هوندو آهي. ايڪو، اتفاق ۽ جهجهن جي طاقت هر دور ۾ اڳري رهي ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا. “جهجهن جو کنيو ڇپر به کڄيو وڃي”. معنيٰ ته گهڻا ڄڻا گڏجي جبل جيڏيءَ ڳريءَ شيءِ کي به هٽائي سگهن ٿا. يعني هڪ کان ٻه ۽ ٻن کان ٻارهن سان ئي ايڪو ۽ اتحاد قائم ٿئي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن جيڪي به ڪاميابيون ماڻيون، سي اتفاق ۽ اتحاد سان ۽ دنيا جون سوين قومون به قومن جي گڏيل اتحاد سبب ڪامياب ۽ زور آور قوتون شمار ٿيون آهن. مسلمانن کي ته خاص حڪم آهي ته “جڏهن توهان ۾ نفاق ٿئي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ خدا سان رجوع ڪريو”.
جڏهن خدا هڪ آهي قرآن هڪ آهي ته پوءِ مسلمان فرقا فرقا ڇو آهن؟ اهي فرقه بنديون ۽ ذات پات جا فرق، اسان کي آهستي آهستي ڪمزور ڪري ڇڏيندا. اتحاد جي وسيلي سان مضبوط ٿيڻ ۾ به ترتيب جي ضرورت آهي. صرف جماعتون ٺاهڻ ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ حل ڪونهي. سچي نيت، محبت ۽ تنظيمي صلاحيتن سان ئي ترقيون ممڪن آهن.
“جيترو قاعدو تيترو فائدو” جي مصداق حد کان وڌيڪ ڪنهن به ڪم ۾ وڌي وڃڻ نه گهرجي. برابري ۽ وڏن جي عزت ۽ لحاظ سان گڏ ننڍن کي پيار ۽ شفقت ڏيڻ ۽ گڏ کڻي هلڻ سان ئي تنظيمون ڪامياب ٿينديون آهن. باقي جيڪڏهن هرڪو پاڻ کي، “تيس مارخان” پيو سمجهندو ته مضبوط تنظيمن کي به نقصان رسندو آهي.
ڪوشش ۽ قربانيءَ جون وصفون ئي سچن عاشقن کي بامقصد ۽ باعمل زندگي عطا ٿيون ڪن. اصل عاشقن جو شيوو وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ آهي.
مُحَبَّتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪَـرِ مَ سانگُ،
سُوريءَ سُپرينءَ جي، چَڙهه ته ٿينِين چانگُ،
عِشقُ آهي نانگُ، خبر کاڌَنِ کي پَوي.
(6-17، يمن ڪلياڻ)
جڏهن دنيا جون مختلف قومون، نسل، رنگ ۽ روپ جي امتياز کان عاري ٿي، هڪ هنڌ “ لَپبَّپيۡکَ ۩ لَپبَّپيۡکَ “ جي صدا تي گڏ ٿين ٿيون، تڏهن سندن مقصد مشترڪ هوندو آهي. اها مقصديت سڄيءَ دنيا جي مسلمانن جي قوَّت آهي، جنهن جي برڪت سان قومن جون زندگيون، زنده جاويد آهن.
خالق سان عشق، مخلوق جي عشق جو وسيلو هئڻ ڪري، جنهن کي به مخلوق سان عشق آهي اهوئي اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪندو. حقيقت ۾ ٻڌي ايتري ته اهم آهي جو خدا جي رسول روزي ۽ نماز کان به وڌيڪ ٻڌيءَ کي اهم ڄاڻايو آهي. ريگستان جي عربي قوم، محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۽ ٻه ته ٻارنهن تي عمل پيرا ٿي دنيا جي ڪافي ملڪن تي اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو، ڪئين فارسي، رومي، ترڪي، حبشي، سوڊاني، ايراني، ايشيائي ۽ نه ڄاڻ ڪيترا انسان سندن سڏ تي اسلام جي نور سان منور ٿيا.
اها ئي مسلمان قوم هاڻي فرقن ۾ تبديل ٿي ويئي آهي. ڪيترن شيطانن منجهن (Devied and Ruled) جي اصول هيٺ نفاق وجهي کين ويڙهائي اصل مقصد کان هٽائي ڇڏڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. کين گهڻيون لالچون ڏيئي، منجهن تعصب ۽ تڪرار جون پاڙون پختيون ڪري مذهب جي نالي تي خون جون نديون وهايون ويون آهن. سياست سان فقهن ۽ فرقن جون قطارون ٺاهي، اقتدار ۽ ڪرسيءَ جي حرص تحت اختلافن کي وڌايو ۽ ايمان کي وڪرو ڪيو ويو آهي. سطحي سوچن، ڪم علمي ۽ عملي ڪوتاهين سان اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي آهي ۽ ماڻهو خواهشن جا معبود ٿي نفاق جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن، جنهن سان مسلمان ملڪن جي سالميت خطري ۾ اچي وڃڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. انهيءَ ڪري هن اهم جذبي جي قوت کي سمجهڻ ۽ اتحاد ۽ اتفاق کي عام ڪرڻ تمام ضروري آهي. ٻڌي حق جي اها اذان آهي، جنهن سان باطل جي قوت خود ئي فنا ٿي وڃي ٿي. ڪو به دنيا جو نظام، ڪو به ميدان هجي چاهي، سياست، علم، مذهب يا معاشي و معاشرتي ترقي هجي ٻڌيءَ کانسواءِ ممڪن ناهي.
جيڪڏهن الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن تي عمل ڪبو ته گمراهي ڪوهون پري هوندي. ڀٽ ڌڻي اهڙن سچن جوڳين لاءِ جيڪي ڪل ڪائنات جي فائدي لاءِ ٿا سوچين. فرمائي ٿو.
جُزُ وِڃايو جوڳيين، ڪُلُ سين آهين ڪَمُ،
آسَڻُ جَنِ عَدَم، آئون نه جيئندِي اُنِ رِي.
(1-35، رامڪلي)