سنڌي ادب ۾ سنڌي سماج جي هر دؤر جي تاريخ سمايل آهي
ادب جي اوسر ٻوليءَ وسيلي ٿئي ٿي. ٻولي انساني اظهار جو ذريعو هئڻ سان گڏ ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو پڻ آهي. جا سماجي گروهن جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان وڌي ۽ ويجهي ٿي. لکڻ جو فن ٻوليءَ سان ئي لاڳاپيل آهي، ٻولي ئي آهي جنهن جي ذريعي ڪو شاعر يا اديب پنهنجي تحرير ۾ حُسن پيدا ڪري ٿو. ۽ ان ۾ هوُ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو جڏهن ٻوليءَ جي سهڻي استعمال سان گڏ اهو ليکڪ پنهنجي سماج سان ڪميٽيڊ هجي، ڇو جو ٻوليءَ جي جيتري قومي، علمي اهميت آهي ايتري ئي سماجي ۽ ادبي اهميت آهي، سماجن جي وڌڻ ويجهڻ، سڌرڻ ۽ سنورجڻ ۾ ادب جو وڏو هٿ آهي. ادب جي تخليق سان سماج ۾ وڏي هاڪاري تبديلي ايندي آهي “ادب” عربي ٻوليءَ جي لفظ “مادبة” مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ مهمان نوازي آهي. جا سهڻي اخلاق جو حصو آهي. اڳتي هلي ادب جو لفظ تهذيب ۽ اخلاق جي معنيٰ سان گڏ ٻوليءَ ۾ شائستگي، فضيلت، فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ سادگيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو. سنڌي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن سان گڏ سنڌي سماج جي هر دؤر جو عڪس چٽو موجود آهي. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
جيڪين ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين،
گهر وَرَن سان هوند، گهڻين گهوري ڇڏيا.
سنڌي ادب ۾ سنڌي قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي صدين جي تاريخ سمايل آهي. جا سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم ۾ چڱيءَ پر پسي سگهجي ٿي. دنيا جي هر ادب جيان سنڌي ادب پڻ نثر ۽ نظم ۾ ورهايل آهي. نظم يعني شاعريءَ جا شروعاتي اهڃاڻ، سومرن جي دؤر جي ڳيچن، ڳاهن ۽ گنانن معرفت ملن ٿا. بيت جي صنف پڻ دوهي، سورٺي ۽ سورٺي دوهي جي صورت ۾ ملي ٿي. سنڌي بيت کي شاهه ڪريم، قاضي قاضن، خواجه محمد زمان، شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت، سچل سائين، بيدل، بيڪس، کان موجوده دؤر تائين جي ڪيترن شاعرن جيئن، بيوس، اياز، تنوير عباسي، شمشمير الحيدري، استاد بخاري، گدائي، احمد ملاح، ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻين ڪيترن لکيو، پر جيڪا هن صنف کي ترقي نصيب ٿي، اها ڪلهوڙن جي دؤر جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي معرفت ٿي. بيت، گيت، وائي، ڪافي، غزل، دوها، قطعا، چوسٽا، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم، هائيڪا، ترائيل، ٽه سٽا، سانيٽ، سنگيت، ڊراما ۽ ٻيون صنفون خاص طور لوڪ ادب جون سينگار، مدح، مناجات، معجزا، مناقبا، لوڪ گيت وغيره سنڌي ادب جي نظمي حصي جو شان آهن. ساڳيءَ ريت نثر جي حصي ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، سفرناما، ڪهاڻيون، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويوز، تقريرون، ساروڻيون، خط ۽ ڊائريون آهن جن ۾ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن.
سنڌي نثر ۾ تاريخ، تنقيد، تحقيق، لسانيات، لطيفيات، لغت ۽ ٻين موضوعن تي پڻ ڪافي ڪم ٿيو آهي جنهن ۾ وڏو مقدار معياري ڪتابن جو شامل آهي.
سچو اديب يا شاعر پنهنجي دور جو ترجمان هجي ٿو. سندس قلم جي گرفت پنهنجي سماج جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هوندي آهي. اسان جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن مختلف دؤرن جي حوالي سان، سنڌ جي حالتن ۾ جيڪي نياءُ انياءُ ٿيندي ڏٺا وڏي واڪي بيان ڪيا، هُو نه هٻڪيا نه ڊڄيا. کين مختلف مارشلائي دؤرن ۾ دٻائڻ ۽ چپ ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئريشن ڪينسل ڪيا ويا. سندن ڪتاب ضبط ڪيا ويا. هُو وڏي مالي نقصان ۽ نظربندين بعد پڻ وڏي حوصلي سان پنهنجي مؤقف ۽ اصولن تي اٽل رهيا. اهڙن ليکڪن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا دين محمد وفائي، ڄيٺمل پرسرام، فتح محمد سيوهاڻي، سراج ميمڻ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز، امر جليل، نجم عباسي، طارق اشرف، عبدالواحد آريسر، ابراهيم منشي، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا جن جيل وڃڻ قبول ڪيو پر حق جي آواز کي بلند ڪرڻ کان ڪونه مُڙيا. سڀ کان پهرين ته سنڌي سماج جي حالتن جي عين بين تصوير “شاهه جو رسالو” شمار ڪنداسين. هن عظيم شاعر پنهنجي فن ذريعي هن قوم کي نه فقط حال پر ماضيءَ جي ڄاڻ ڏني ته مستقبل جي آگاهي عطا ڪيائين. سندس قومي، انقلابي، صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل آفاقي شاعري وطن دوستي، انسان دوستي، ۽ محبت جو محرڪ آهي.
انهيءَ کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ جي جديد شاعرن جي سرتاج شيخ اياز جي شاعريءَ کي پروڙينداسين ته سندس هر بيت، هر غزل، هر نظم، هر وائي، هر گيت، سنڌ جو آواز آهي. سنڌي سماج جي مسئلن کي ڳايو اٿس ته قوميت جي احساس ۾ قوم کي رنڱيو اٿس. گڏ محبت ۽ مجاز جا رومانوي گيت پڻ هن سڻايا آهن. سنڌ سان واسطو رکندڙ هر هڪ شيءِ کي اُتم ڄاڻايو اٿائين، تڏهن ته چيائين ته:
1- او ڌرتي ماءُ تنهنجي کهه، منهنجون اکيون،
2- ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ،
3- سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾.
مطلب ته اياز جي سڄي شاعري قومي انقلاب جو آواز آهي، هن سنڌ جي مسئلن کي سمجهيو ۽ سنڌي قوم جو آواز ٿي بيٺو. سماج جون غير برابريءَ واريون اقتصادي حالتون، طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏينديون آهن ۽ اديب انهن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪندو آهي. ظالمن جي مخالفت ۽ مظلومن جي مدد جديد علم ۽ ادب جو عام رجحان آهي. شيخ اياز پاڪستان ۽ هندوستان جو ورهاڱو ڏٺو، ته سنڌ جي وسيلن تي اسلام جي نالي تي قبضا ٿيندي ڏٺائين، 4 مارچ، ٺوڙهي ڦاٽڪ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا جي سنڌ جي حقن جي لاءِ اصولي جنگ هئا، انهن جو هُو عيني شاهد هو. هن ڏکين وقتن کي سنڌ تي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي دِلي جذبن جو اظهار ان ريت ڪيائين جو سندس شاعري امر ٿي ويئي. ساڳيءَ ريت استاد بخاري، تنوير عباسي، امداد حسيني، غفار تبسم ۽ ٻيا ڪيترا اسان جا شاعر آهن جن هن ڌرتيءَ جي سکن ۽ ڏکن، محرومين ۽ محبتن، ترقيءَ ۽ تنزليءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. سندن وقتائتو آواز جهر جهنگ ۾ مشهور ٿي ويو.
ڪيترائي سنڌي ناٽڪ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان پيش ٿيا آهن جن ۾ سنڌ جي حالتن جي عڪاسي نظر اچي ٿي، پر ميڊيا تي پيش ٿيندڙ هن نثري صنف ۾ ڪٿي ڪٿي مبالغه آرائي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو ڊرامو ڪمرشلائيز ٿيندڙ آهي. سنڌي ادب جون ڪيتريون ڪهاڻيون ڏسنداسين ته انهن ۾ سنڌي قوم جي سوچن، وهمن، وسوسن، ڏکن، سکن، ريتن رسمن ۽ خيالن جا عڪس ملندا. لوڪ ڪهاڻيون سنڌي قوم جي شجاعت، محبت، سياڻپ، سمجهه، بلند خيالي ۽ ذهني لاڙي جي ڄاڻ ڏين ٿيون. جن مان نه فقط عشق ۽ اُلفت جا داستان ملن ٿا پر گڏوگڏ سنڌي لغت جي وسعت جي به ڄاڻ ملي ٿي. انهن ۾ ڪيترائي ادبي ۽ اخلاقي نقطا ڄاڻايل آهن سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون هڪ اڻ ملهه خزانو آهن. جي سنڌ جي سچائيءَ ۽ صداقت واريءَ حياتيءَ جي ترجماني ڪن ٿا. جيئن مثال طور:
ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.
هڪ مڪمل ادبي ۽ آسودي زبان ۾ پهاڪا هئڻ لازمي امر آهي. مطلب ته لوڪ ادب سماجي حقيقتن کي وائکو ٿو ڪري ۽ عوام جي جذبن، احساسن ۽ امنگن جي واضح تصوير آهي. سنڌي لوڪ ادب جا عنوان تمام وسيع آهن، جن جو مثال دنيا جي علم ۽ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ڏور ڏٺ ڳولڻ، آهن ڪم سپورن جا،
هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وڌ دراها،
سينگار سياڻپ ٿو گهري، ڪي هجن ڳولاوا،
معجزا نبين جا ٿيا، ڪرامتون اولياء.
مطلب ته ادب ۾ لوڪ ادب ماڻڪ موتيءَ مثل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش چواڻيءَ ته: “ اهي پٺيءَ اگهاڙا، پيرن پيادا، جڏهن سادن خيالن جي بلنديءَ ۾ صاف سينن مان املهه ماڻڪ هاريندا، تڏهن سڀ دنگ رهجي ويندا.”
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
اسان جا اهي سگهڙ، سگهڙائپ جي فن جون روايتون پنهنجن سينن ۾ کڻي مدفون ٿي ويا آهن، پر وري به سندن پونئيرن وٽ ڪي قدر اثاثو آهي جو موجوده وقت پڻ ڪجهه پڙاڏا ٻڌجن پيا.
پهرين سنڌي اخبار “معين الاسلام” 1861ع هئي جنهن کان پوءِ هيستائين انيڪ اخبارون نڪتيون آهن، جن ۾ الوحيد، ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان، صداقت، سوڀ ۽ ٻيون آهن، جن ۾ وقت به وقت مختلف مضمونن ۽ ادارين معرفت سنڌ جي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايو ويندو آهي. مضمون ۽ڪالم اخبارن جي جان آهن ۽ اخبارن ۽ رسالن معرفت ڪيترا ناول، سفرناما، آتم ڪهاڻيون قسط وار شايع ٿيون آهن ته اهي ڪتاب الڳ پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. سنڌي ادب ۾ زينت، سانگهڙ، پڙاڏو سوئي سڏ، همه اوست، موئن جو دڙو ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ناول ڇپيا آهن جن سنڌ جي تاريخي دؤرن کي شاندار نموني پيش ڪيو آهي ته سماجي حياتيءَ جي عين بين تصوير ڏني آهي. ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا جيئن، سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آب حيات، نسيم کرل جون ڪهاڻيون، علي بابا جون ڪهاڻيون، ڪيڏارو، دل جي دنيا، تاريخ جو ڪفن ۽ ٻيا ڪتاب آهن جن جي لکندڙن پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي سنڌي ادب کي هڪ مستقل صورت عطا ڪئي آهي. سنڌي سفرنامو ورهاڱي کان پوءِ باقاعدي لکجڻ ۾ آيو ۽ خوب لکيو ويو. الطاف شيخ کان ماهتاب محبوب، فهميده حسين ۽ ٻين تائين شاندار سفرناما لکيا ويا آهن جن ۾ اڪثر ٻاهرين دنيا جي سنڌ جي حالتن سان ڀيٽ پڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. مطلب ته لکندڙن سنڌ کي وساريو نه آهي. بهترين آتم ڪهاڻيون ۽ سوانح عمريون، جيل ڊائريون ۽ ٻيا ڪتاب سنڌي ادب جو شانُ آهن. جن مان اهم ايوارڊ يافته ڪتابن کي اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته اسان جي قوم جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن جا ويچار سڄيءَ دنيا تائين پهچن. حاصل مطلب ته سنڌي ادب سنڌي سماج جي حالتن جي مڪمل تصوير آهي ۽ هلندڙ وقت ۾ به نوان لکندڙ وزنائتو لکي رهيا آهن ۽ هيءُ سفر جاري ۽ ساري آهي.