سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي
سنڌ ڌرتي قديم سڌريل تهذيب جا اهڃاڻ پيش ڪندڙ آهي، موهن جو دڙو، آمريءَ جو دڙو، هڙپا، ڪاهوءَ جو دڙو، رني ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڦٽل نشان اهو ثابت ٿا ڪن ته سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو پڙهيل لکيل هئا ۽ سندن تهذيب سڌريل ۽ شهري هئي. تهذيبي سڃاڻپ ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي، اٿ ويهه، اوڍڻ پهرڻ، اڏيل گهرن، کاڌ خوراڪ، وندر ورنهن ۽ ٻولين وسيلي هوندي آهي. مطلب ته روايتي هنرمندي، سماجي دستور، ريتون رسمون، ڏڻ ڏهاڙا ۽ آرٽ ئي آهن جي ڪنهن قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا. “موهن جو دڙو” سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي ڄاڻائيندڙ هڪ اهم آثار آهي پنج هزار ورهين کان به وڌيڪ عرصي جو هيءُ عظيم اهڃاڻ سنڌو ماٿري جو شان ۽ مانُ آهي، جنهن تي سنڌي قوم کي فخر آهي. موهن جو دڙو مان مليل ٻڌ ڌرم جي آثارن، پٿرن ۽ مٽيءَ مان ٺاهيل مورتين، اجرڪ جي چٽساليءَ جو وڳو يا چادر پهريل بوتو يا ناچڻيءَ جي مورتي جنهن کي عاج جا چوڙا پاتل، ان کان سواءِ ڪئين مهرون، دلا، مٽ، ماٽيون، ديڳڙا، ڪنڀارڪي ڪم جا چٽسالي ٿيل ٿانو، ڇريون، زيور ۽ ٻيا سامان هن شهر جي رهاڪن جي سڌريل حياتيءَ جو بيان ڄاڻائين ٿا ۽ اها خبر ڏين ٿا ته، اهي سنڌ واسي محنتي، پڙهيل، ڳڙهيل ۽ آرٽ جي فن جا ماهر هئا. سندن هنرمندي، شهري اڏاوت مان ملي ٿي، جنهن جا اهڃاڻ باقاعدي اڄ به موجود آهن. سندن ڪمرن جي اڏاوت لاءِ ٺهيل نالين جا سسٽم، ان پيهڻ جا جنڊ، سٽ ڪتڻ جا آڏاڻا، ۽ بيا ڪيترا سامان آهن جن مان سندن هنرمندي، ڪاريگري، پورهئي جو جذبو ۽ عملي محنت ظاهر آهي.
سنڌو ماٿري جا اهي رهواسي صاف سٿرا، شاهوڪار، فلاحي ۽ منظم سماج جا اڏيندڙ هئا. جن باقاعدي رٿابنديءَ سان هن شهر کي اڏيو. هيءُ شهر ڇو تباهه ٿيو يا ٻيا اهڙا آثار پڻ ڇو ختم ٿيا آهن؟ انهيءَ جا ڪي حتمي سبب ته نٿا ملن، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪي پراڻا ڦٽل پر تهذيب يافته آثار تباهه ٿيل مليا آهن ته انهن جي خاتمي ۾ قدرتي آفتن يعني ٻوڏ، طوفان، يا درياهه جو رخ مڙڻ باعث لڙهڻ، يا ڪا خطرناڪ وبا ٿي هجي، جنهن تي اهو آباد ملڪ اجڙيو هجي ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن وڏيءَ ملڪي قوت انهيءَ سڻڀي هنڌ کي ڳڙڪائڻ لاءِ ان مٿي حملو ڪيو هجي جنهن سبب اها تهذيب تباهه ٿي آهي.
موهن جي دڙي جي سنڌو ماٿر جي تهذيب اوچتي 1922ع ۾ ظاهر ٿي جڏهن راڪلداس بئنر جي قديم آثارن واري کاتي جو سپرنٽينڊنٽ بهاولپور ۽ بيڪانير مان ٿيندو مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل ٻيٽ ڳولهيندو، سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي دڙي جي آس پاس کيس ڳوٺ جي عام ماڻهن ڪي ٺڪر جي ٿانون يا ٻين لڌل شين جا ٽڪرا ڏنا، جنهن مان کيس اندازو ٿيو ته هتي ڪا قديم ترين تهذيب مدفون آهي. بئنرجي اُتي کوٽائي ڪرائي، کيس چڱيون اهم شيون مليون، جيڪي هُن آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر سرجان مارشل کي موڪليون جنهن انهن جا فوٽوز مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايا ۽ پوريءَ دنيا جو ڌيان ڇڪرايو. ان کان پوءِ ئي وڌيڪ کوٽائي شروع ٿي. هن 1922ع ۾ ئي هڪ هزار مزورن سان اهو ڪم شروع ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي هن قديم ورثي جي آگاهي ڏني. هن وقت تائين اندازاً 33 ايڪڙ زمين جي کوٽائي ٿي آهي. حڪومت دڙي کي وڌيڪ ايراضي الاٽ ڪئي آهي پر اڃا تائين ڪوبه وڌيڪ خاطر خواه ڪم نه ٿيو آهي. درحقيقت اسان جي ملڪ ۾ ايترا مسئلا هٿراڌو پيدا ڪيا وڃن ٿا جو اصل ڪم تان ڌيان هٽايو وڃي ٿو، هن معدني ملڪ ۾ ڪيترائي ذخيرا ڪوئلي، گئس ۽ ٻين اهم شين جا آهن جيڪڏهن انهن کي صحيح نموني کوٽائي استعمال ڪيو وڃي ته ڪَرَ پاڪستان پنهنجي بجليءَ جي پيداوار ۾ تمام سهڻائيءَ سان خود ڪفيل ٿي وڃي. ساڳيءَ ريت هن ملڪ تي رب پاڪ جون وڏيون مهربانيون آهن جيڪڏهن هن زمين کي صحيح استعمال ڪيو وڃي ته زراعت ۾ اسان نه فقط پاڻ ڀرا ٿيون پر ٻاهرين ملڪ جو ناڻو به ڪمائي سگهون ٿا. ساڳيءَ ريت آرڪيالاجيءَ جي کاتي ۽ حڪومت جي صحيح تعاون سان هن پراجيڪٽ کي توڙي ٻين تهذيبي ورثن کي نه فقط سنڀاليو وڃي پر انهيءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪم کي اهميت ڏئي دنيا کي ڄاڻايو وڃي ته اسين ڪيتري اعليٰ تمدن جا مالڪ آهيون. پر اسان بدقسمتيءَ سان موهن جي دڙي توڻي ٻين قديم آثارن تي ڪي سهوليتون ئي نه پيدا ڪري سگهيا آهيون جو ٻين ملڪن جو عوام توڻي پاڪستاني ماڻهو انهن اهم تاريخي ورثن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن.
موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي اُڪريل لفظن کي پڙهڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ اڄ به ڪم ٿي رهيو آهي. واشنگٽن يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪيل نئين تحقيق مطابق ته “سنڌو سڀيتا جي انڊس اسڪرپٽس ۾ اهڙيون شمارياتي خصوصيتون آهن جيڪي فطري ٻولين سان ٺهڪندڙ آهن” ڏٺو وڃي ته هنن آثارن کي جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ۽ وڏي سهڪار سان کوٽايو وڃي ته سنڌو سڀيتا جي ٻوليءَ جي ڄاڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ اهو هن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ ممڪن پڻ آهي.
اسان قديم تهذيب ۽ تمدن جا وارث آهيون پر اڄ به پنهنجي هن ورثي کي بچائڻ لاءِ پريشان آهيون جو وسيلا گهٽ آهن ۽ حڪومت جي مدد جي وڏي ضرورت آهي. ٻاهرين ملڪن جي سهڪار ۽ وڏي ناڻي جي مدد سان اهو پراجيڪٽ عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو ته جيئن ڌرتيءَ جي قدامت جي صحيح ڄاڻ پوي. موجوده وقت به هزارين سالن جي اجرڪ جو ڪپڙو شانَ ۽ مانَ سان استعمال ٿئي ٿو ۽ هنري ڪم جيئن جنڊيءَ جو، ڪاٺ جو واڍڪو، لوهارڪو، مٽيءَ جو ڪنڀارڪو ۽ ٻيا ڪيترائي هنر آهن جن کي زنده رکڻ جون ڪوششون جاري ۽ ساري آهن. اڄ به سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي، موٺڙو، لونگي، ۽ ٻيا ثقافتي ويس وساريا نه ويا آهن. اڄ به سهرا، لوليون، ڳيچ، ڳاتا وڃن ٿا ۽ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جون ڪوششون قائم ڪيون وڃن پيون.
سنڌو سڀيتا جي ثقافت جو پرچار ڪو هڪ ڏينهن يا هڪ هفتو ملهائڻ سان وڌي ويجهي نٿو سگهي. ها انهيءَ سان اسان ٻين کي ياد ضرور ڪرائي سگهون ٿا ته اسان وٽ ثقافت زنده آهي، پر جيتري اسان جي تهذيب قديم آهي ۽ جيترو سنڌي ماڻهو ذهين، باشعور ۽ باصلاحيت آهن ايترو انهن جي لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ماضيءَ تي غور ڪن ۽ انهيءَ جي بچاءُ لاءِ عملي اپاءُ عمل ۾ آڻين. اهو فرض اسان جي سول سوسائٽي، بيورو ڪريسي، حڪومت ۽ اديبن، عالمن، شاعرن، شاگردن ۽ استادن، فنڪارن، ڪاريگرن ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي شعبي جي ماهرن معرفت ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي، ناممڪن تڏهن آهي، جڏهن اسان وٽ ناڪاري سوچ آهي. اسان کي وڏيءَ همت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي قومي ورثن، هنرن، هنرمندن، علم ۽ ادب جي حفاظت لاءِ اڳيان اچڻو پوندو.
مٿي اڳ ۾ ڄاڻائي آئي آهيان ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو قديم تهذيبن جي دؤر جي تهذيب رکندڙ آهن. هن ترقي يافته تهذيب مان مليل شين مٿي جيڪي لکت جون نشانيون موجود آهن سي باوجود ڪوشش جي اڃا تائين پڙهجي نه سگهيون آهن پر ان ڏس ۾ اهو ضرور سمجهيو ويو آهي ته “اها هڪ مڪمل ٻولي آهي.” جنهن کي سميري تامل، ڏکڻ هندوستان جي دراوڙي ٻولي (جيڪا انڊو يورپين ٻولين جي خاندان جي سڀ کان پراڻي ميمبر ٻولي آهي)، انهن سڀني ٻولين جي حوالي سان موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق جاري آهي. انشاء الله جڏهن ان جا ڪي واضح نتيجا سامهون آيا ته هن ڏس ۾ ٻيون پڻ کوجنائون عمل ۾ اينديون جن سان تهذيبي قدامت تي وڌيڪ روشني پئجي سگهندي.