سَنگُ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي
هن وِشال جيون کي گهارڻ ۾ ماڻهوءَ تي ڪئين لاهيون چاڙهيون اچن ٿيون. هو نئن به هن حيوان ناطق يعني انسان کي پنهنجي دل جو حال اورڻ لاءِ ڪنهن پر خلوص، وفادار ۽ همدرد ساٿيءَ جي ضرورت رهي ٿي، جنهن جي ڪلهي تي مٿو رکي هو پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ۽ ڏک سک اوري سگهي. انساني فطرت مطابق، سندس مٽي محبت جي جذبي مان ڳوهيل آهي ان ڪري هو چاهي ٿو ته ساڻس محبت ڪئي وڃي ۽ هو پاڻ به ڪنهن سان محبت ڪري. دوستيءَ جو رشتو انهيءَ محبت جو هڪ روپ آهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم مزاج، هم خيال ۽ هم ڪردار سان دوستي ڪندو آهي، دوستي پائيدار به تڏهن ٿيندي آهي جڏهن منجهس هم خيالي ۽ وفاداري مشروط هجي. هي هڪ روحاني رشتو آهي جيڪو دنيا جي وجود ۾ اچڻ سان ئي قائم ٿيو آهي. گهڻن سان دوستي دوستي نه آهي بلڪه ميل ميلاپ ۽ خوش مزاجيءَ جو هڪ حصو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو کاڄ آهي انهيءَ ڪري ميل ميلاپ ۽ اچ وڃون ته قائم هونديون آهن پر دوستي فقط ڪجهه خاص شخصن سان ئي هوندي آهي.
شاهه ڀٽائيءَ، دوستيءَ جي معيار کي هن ريت واضح ڪيو آهي، فرمائين ٿا ته:
دِلِ جو دِلبَرُ هيڪڙو، گهڻا تان نه ڪِجَنِ،
دِلِ ڀي ڏِجي هِڪَ کي، توڙي سَوَ سِڪَنِ،
سي چِلوِلا چئجن، جي دَرَ دَرَ لائين دوسِتي.
(3-7، بروو سنڌي)
هاڻي ڏسجي ته دوستيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ريت سنگ تاري ٿو ۽ ڪسنگ ٻوڙي ٿو؟ سٺو سنگتي ڪير ٿو سڏائي؟ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنگت يا دوستيءَ جي باري ۾ ڏاهن ۽ سياڻن ڪافي چوڻيون ۽ پهاڪا تمام ڪارائتا بيان ڪيا آهن. جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ رهنمائي ٿئي ٿي ته ڪهڙن سان سنگت رکڻ گهرجي؟ اها به حقيقت آهي ته سنگت جو اثر ماڻهوءَ تي تمام گهڻو ٿيندو آهي. چوندا آهن ته “گدري کي ڏسي گدرو رنگ پڪڙيندو آهي”. يا “جهڙو سنگ تهڙو رنگ”، وانگر چڱي يا بري دوستيءَ جا اثر ماڻهوءَ تي ضرور ٿيندا آهن.
سٺو ۽ شانائتو دوست، اهو آهي جيڪو پنهنجي جيس مان هجي، يعني صحبت ڪجي، پنهنجي جيس سان دوستي گهڻو ڪري هم عمري، هم مزاجي، هم اخلاقي ته هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهو دوکو به کائي وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو جي من جي ۽ ڪاٺيءَ جي اندر جي خاوند کي خبر بعض اوقات ماڻهن تي ايڏا ته بصر جي کلن وانگر تهه چڙهيل هوندا آهن جو کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي اهي. شاهه سائين اهڙن لاءِ فرمائي ٿو ته:
صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.
ڪڏهن ڪڏهن سنگت جي ساٿ کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ماڻهو مصلحتاً برائيءَ تي دوستن کي ڪجهه نه چوندا آهن. کڻي جو هو ساڻن برين عادتن ۾ شامل نه به هجن پر ظاهر آهي ماڻهو پنهنجي ساٿ ۽ سنگت سان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ “هيريي جي هير ته ٽنگ ڀڳي به نه لهندي” آهي بيشڪ کڻي چئجي ته “يار جي ياريءَ سان ڪم سندس فعلن سان ڪهڙو ڪم” پر ائين نه آهي. ڪسنگتيءَ جو هر فعل نقصانڪار ئي هوندو آهي ۽ ڪُسنگتين جي سنگت هميشه ٻوڙيندي آهي.
ڄَٽُ سندي دوستي، ڪَکَنِ سندي باهه،
اول ڪري سوجهرو، پوءِ ڪري اوندهه.
نادان، نه سمجهندڙ ۽ هوڏي دوست کان ته دانا دشمن ڀلو، جنهن جي دشمنيءَ ۾ پڻ ڪارائتي تنبيهه ۽ سندس عقل ۽ سمجهه سبب ڪي لاڀ ملي ٿو. هن بيت موجب ته:
بيوقوفُ بازار ۾ دوست نه کڻج ساڻ،
پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ لهي سار سنگت جي.
سو ڪوڙو، بيوقوف ۽ نادان دوست ته انهي سج وانگر آهي، جيڪو اڀرندي نه تانءُ ڪندو سو لهندي ڪهڙي ڪندو. اهڙي مان ڪڏهن به هڙ حاصل ناهي ٿيندو. بهتر آهي ته کانئس پاسو ڪجي.
هيءَ زندگي هڪ سج ٻه پاڇا آهي، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ وقت سدائين ساڳيو نه آهي، دوست اهو جيڪو مهل ملهائي، چوندا آهن ڪم پوي ته ڪل پوي بي وفا دوست جو مثال ائين آهي جيئن ڍنڍ جو پکي ڪڏهن هن ڪپ تي ڪڏهن هن ڪپ تي شاهه ڪريم سچن ۽ ڪوڙن دوستن جي فرق کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
ورسا سُڃي ويڙهه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڙ هئين.
سنگتي معنيٰ ساهه ڏيڻ وارو هي اعتبار جو هڪ عظيم رشتو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اڄڪلهه عام طور ماڻهو جلدي هڪٻئي مان تنگ ٿي ٿا وڃن. جنهن جو وڏو سبب ماده پرستيءَ جو وڌندڙ رجحان آهي. نوان محبتي مليا ته پراڻا قرب وارا هڪدم دل تان لهي ويا، سو “اکين لڳا لونگ جعفر ويا وسري” ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي اسان ڪنهن تي اعتبار ڪري کيس مان ڏيئي مٿانهون ڪندا آهيون، اهو ئي اسان جي رستي جي رڪاوٽ بنبو آهي، تڏهن ڏک ٿيندو آهي ته اهڙي بي وڙي انسان سان وڙ ڇو ڪيوسين. مٿس اثر ئي ڪونه ٿيو. هو احسانمند ٿيڻ جي بجاءِ الٽو گلي پئجي ويو. اهو ائين ٿيو ڄڻ “چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا”.
اهڙو فقط اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي جڏهن هڪ دوست ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچي وري اقتدار تان لهي ويندو آهي ۽ کانئس ننڍيءَ حيثيت وارا دوست ڪم لٿي کانپوءِ کيس سڃاڻندا به ڪونهي. ان ڪري ئي سياڻن جو چوڻ آهي ته دوستي اهڙو رشتو آهي، “جيڪو لڳي ته لک ٽٽي ته ٽڪو نه لهي”.