سچل جي شاعريءَ ۾ سرمستي/ شاعريءَ جون خوبيون
سچل جو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. جيڪي حقيقتون کانئن اڳ شاهه ڪريم، مينين عنايت ۽ شاهه ڀٽائيءَ ڍڪي بيان ڪيون آهن، سي سچل سائين کولي ظاهر ڪيون آهن، شاهه صاحب عاشقن کي راز لڪائڻ جي تلقين ڪئي آهي.
نينهن نهائين کان سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
سچل ماٺ کي پسند نٿو ڪري عشق جي اڻ تڻ کيس ظاهر ڪرڻ تي ٿي اڪسائي.
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر.
انهيءَ وائيءَ ور سمجهي ڪو “سچو” چوي.
شاهه سائين مذهب ۽ شريعت اڳيان ڪجهه نٿو ڪڇي، صرف ايترو ظاهر ٿو ڪري ته خالي عبادتن مان ڪجهه ڪونه حاصل ٿيندو، دل مان ڪٽ کي ڪڍي ڌوئي پاڪ ڪجي ته معرفت حاصل ٿيئي پر ان ۾ نماز ۽ روزي تي تنقيد ڪونهي.
نمازون روزا ايءُ پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
۽ سچل کليو صاف ۽ برملا چوي ٿو ته،
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
شيخيءَ پيريءَ بزرگيءَ بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا عمل وارا عشق کي.
(سچل)
سچل جي شاعري واضح ۽ دل کي چڀندڙ آهي، عشق جي آلاپن ۾ سچل سرمست پنهنجي سڄي قادر الڪلامي جو زور صرف ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي رسالي ۾ ٻين سرن کان سواءِ “هير” جو به ذڪر ڪيو اٿن ۽ سندس ڪلام ۾ “سر پورب”، “سر سارنگ” ۽ “سر جوگ” جا بيت به شامل آهن. شاهه سائينءَ جن سچل کي ڏسي فرمايو ته “جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو” “ڍڪ لاهڻ” معنيٰ “راز کولڻ” ڍڪ لاهڻ محاورو آهي. ڍڪ ڏيڻ، معنيٰ ڪنهن جي ڳالهه کي ڍڪڻ، شاهه سائين جيڪي راز ڍڪي رکيا هئا ۽ ڪونه کوليا هئا، اهي سچل کولي ظاهر ڪيا، عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي.
“پاڻ پنهون مان آهيان ڙي ڀينر ڀلي ناهيان”.
پاڻ سچائيءَ جي صراحيءَ مان ٽٻي ڏيئي دليرانه انداز ۾ چيو اٿن، “جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان”. سچل پنهنجي محبوب کي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري ٿو ۽ سڄو وقت سندس پوڄا ۽ پيار ۾ غرق آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو ته،
وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ناڻي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
سچل سائين فرمائي ٿو ته،
“جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان”!
سچل سائين فارسي ڪلام ۾ تصوف تي گهڻو پڙهيو هو، شيخ عطار ۽ شيخ شمس الدين تبريزي کي روحاني مرشد ڪري مڃيو هئائون ۽ هو قرآن شريف، فقه، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو. سندس فارسي ڪلام “ديوان آشڪارا” مير مراد علي خان ڇپرايو، “راز نامو ۽ رهبر نامو” فارسي ڪلام آهي. “قتل نامو” “گداز نامو” ۽ “تارا نامو” محبت جي باريڪيءَ کي کولي ٿا بيان ڪن. سچل جي رسالي ۾ بيتن سان گڏ ڏوهيڙا، ٽيهه اکريون، ڪافيون ۽ جهولڻا آهن.
پاڻ پنهنجي وقت جو سچو صوفي بزرگ ۽ وڏو عالم هو تاريخ کي پڙهيو هئائون، سندس صوفيانه ڪلام ايترو ته بي باڪيءَ جو مظهر آهي، جو مذهبي حلقن ۾ زبردست انجش، پيدا ٿي ۽ مٿس ڪافر هئڻ جون فتوائون جاري ٿي ويون. سچل سائين تصوف جي نشي ۾ مست هو، وٽس هڪ طرف رنديءَ و مستيءَ جو دريا موجزن آهي. ته ٻئي طرف درد جون داستانون آهن. درد، سوز ۽ جرائت سان چيل ڪلام جڏهن موج مستيءَ ۾ تنبوري تي ڳائيندو هو ته مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس.
الله الله ڇوڪرين ۽ پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو ناهي ٻيو گمان.
سچل سائين نظريه وحدت الوجود جو شاهه سائين وانگر حامي هو. سندن چوڻ مطابق هر هنڌ حق آهي ۽ ڪائنات جي هر شئي خدا جي وجود جو حصو آهي. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق ضروري آهي، حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي، تڏهن چون ٿا “قاضي ساڙ ڪتابان ڪون” پاڻ حسين بن حلاج کان گهڻو متاثر ٿيل هو، سندس نظريي”اناالحق” کي گهڻو ڳاتو اٿن.
سچل مجازي عشق کي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو سمجهي ٿو، ان منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ هر طرف محبوب آهي. طالب پاڻ مطلوب ٿو ٿي وڃي، “هت هت آهي، صورت منهنجي، ٺاهه نه ڪو پيو ٺاهيان”.هيءُ سنڌي غزل جو پختو شاعر هو ۽ ڪافيءَ کي به عروج تي پهچايو هئائون، سندس ڪلام گهڻي تعداد ۾ آهي، جنهن مان ڳچ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، سندن وفات 1829ع ۾ درازن ۾ ٿي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.